Tuesday 18 February 2020

Aleeza Jabbar Feature Sindhi BS Not checked 16

Not checked

Do not insert foto in text file, Write proper file name, here ur file name should be Aleeza Feature - Sindhi BS 16

Feature Aleeza Jabbar 2k18/MC/16 Bs part III Sindhi



ٽنڊو محمد خان جون پُراڻيون جايون اُن دور سان وابسته ماڻهو ۽ انهن جون ڪهاڻيون
ٽنڊو محمد خان جي مير محلا ۾  مير بنده علي خان ٽالپر پاران هي عمارت 1938ع ۾ جوڙائي وئي . مير بنده علي خان ٽالپر ، مير غلام علي خان ٽالپر ۽ مير علي نواز خان ٽالپر جو والد ۽ مير اعجاز ٽالپر ، مير ممتاز ٽالپر ۽ مير مشتاق ٽالپر وارن جو ڏاڏو هو.
 ٽنڊو محمد خان 1980 واري ڏهاڪي ۾ ٽنڊو محمد خان چڱو خوبصور ت شهر آهي، قديم دؤر کان وٺي هن شهر ۾ ڪئين معزز هستيون پيدا ٿيون، جن جو نالو اڄ تائين ڳائبو اچي. جن ۾ وڏا جاگيردار، زميندار، سياستدان، علمي ادبي ۽ سماجي ميدان ۾ وڏا عالم، دانشور، وڪيل، سرڪاري ڪامورا، ڊاڪٽر، سماجي ڪارڪن ۽ هڏ ڏوکي ماڻهن پنهنجي پنهنجي دؤر حڪومت ۾ حڪومت سان توڙي عوام سان ساٿ ڏيئي پنهنجي ملڪ جي بهتريءَ ۽ سُڌاري لاءَ ڪوشان رهيا ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ وڏن عهدن تي فائز رهي پنهنجي شهر ۽ ملڪ جي خدمت ڪيائون، انهن مان جيڪڏهن نالي به نالي هرهڪ جو ذڪر ڪبو ته شايد هي مضمون ڊگهو ٿي پوندو،اُن ڪري صرف مختصرن انهن جي نالن جي فهرست ڏجي ٿي. جن مان الحاج مير غلام علي خان ٽالپر، الحاج ميرعلي نواز خان ٽالپر، مير علي احمد خان ٽالپر، مير ٻُڍو خان ٽالپر، الحاج مير اعجاز علي خان ٽالپر، الحاج مير ممتاز علي خان ٽالپر، احمد خان وساڻ، مير حاجي حسين بخش خان ٽالپر، سيٺ محب علي خواجه ۽ سرهندي خاندان مان به ڪافي شخصيتن هن شهر جي بهتريءَ ۽ ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيو. ٽنڊو محمد خان شهر 1980 ۾انتظامي نقطه نگاه کان حيدرآباد ڊويزن جي سڀ کان وڏي سب ڊويزن هئي،۽ ضلع جي سطح کان سڀ کان وڏو تعلقو هو، هن ۾ سب ڊويزن جو آفيسر جناب اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب ۽ تعلقي جي لحاظ کان مختيارڪار صاحب پڻ هو. انهيءَ کان علاوه عدالتي انتظاميه  ۽ قانون کي برقرار رکڻ لاءِ سول جج صاحب جي ڪورٽ ۽ تعلقي سطح تي ڊي ايس پي جي آفيس ۽ وڏو پوليس ٿاڻو ۽ ان سان ملحقه سب جيل پڻ هو. ان کان سواءِ ٻيون به سرڪاري توڙي نيم سرڪاري آفيسون به هيون، ان کان علاوه صنعتي ادارا، تعليمي ادارا، واپار جا مرڪز پڻ هئا، ان کان پوءِ زراعت جي ميدان ۾  آبپاشيءَ جا انجنيئري کاتا، ٻيلي کاتي جون آفيسون، بلڊنگس ۽ روڊس کاتي جون آفيسون، ايڪسائيز انسپيڪٽر جي آفيس، انڪم ٽئڪس جي آفيس، شاپ انسپيڪٽر جي آفيس، سب رجسٽرار جي آفيس، اوقاف کاتي جون آفيسون، تعلقه هيلٿ سينٽر اسپتال، واپڊا آفيس،مارڪيٽنگ ڪاميٽيءَ جي آفيس، پاسڪو آفيس، تعلقي هيڊ ماستر آفيس، پوسٽ آفيس،ٽيلي فون ڊپارٽمنٽ ۽ ٻيون انتظامي ننڍيون توڙي وڏيون آفيسون اچي وڃن ٿيون هيون. ان کان سواءِ 1980 ۾ هن شهر۾ نيشنل بينڪ آف پاڪستان،حبيب بينڪ لميٽيڊ، الائيڊ بينڪ، مسلم ڪمرشل بينڪ، نيشنل سيونگس سينٽر، ايگريڪلچر ڊيولپمينٽ بينڪ پڻ ماڻهن ۽ ادارن سان  ڏيتي ليتي ڪنديون هيون. ان کان علاوه هڪ نيم سرڪاري بينڪ  هتي جي واپاري طبقي ميسرز اسماعيليه ڪو آپريٽو سوسائٽي طرفان قائم هئي. صنعتي ادارن ۾ فوجي شوگر مل ۽ ٽالپر ٽيڪسٽائل مل نمايان حيثيت رکنديون هيون، ان کان پوءِ سماجي ڀلائي ۽ صحت جي برقراري لاءِ هڪ تعلقه سول اسپتال پڻ هئي، ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد طرفان تعلقي جي سطح تائين هڪ جانورن جي اسپتال هئي، جيڪا اينيمل هسبينڊري سڏبي هئي. تعلقي سطح تي هن شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري توڙي انگريزي سطح تي اردو، سنڌي، انگريزي، ڪاليج ۽ اسڪول هئا، جن ۾ ٽيڪنيڪل ادارا پڻ هئا. ان کان علاوه تعليمي ڄاڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ 8 ننڍيون توڙي وڏيون لائبرريون پڻ هيون. جن مان چار لائبرريون حڪومت جي تعليم کاتي سان ملحقه هيون ۽ باقي چار لائبررين مان هڪ لائبرري ميونسپل طرفان ، ٻه لائبرريون خانگي ۽ هڪ لائبرري شوگر مل جي هئي. جن۾  تعليمي ميدان ۾ شهرين کي وڏي هٿي ڏني ويندي هئي. هن شهر کي پيغام رساني ۽ مواصلات جي ڏِس ۾ ٽيليفون ذريعي شهر ۾۽شهر کان ٻاهر پوري پاڪستان سان ملايو ويو هو، ان کان علاوه خانگي سطح تي صنعتي ادارن ۾ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا به ڪارخانه هئا جيڪي مالڪن جي زير سايه هلندا هئا، ۽ انهن ڪارخانن ۾ روزانو پنج هزار اجرڪون تيار ٿينديون هيون، جيڪي ملڪ ۾ توڙي ملڪ کان ٻاهر به موڪيلون وينديون هيون.، سنڌ ۾ اجرڪ وارو هنر به تمام قديم رهيو آهي. ان وقت جيئن ته شهر جي آبادي ۾ مسلسل اضافو اچي رهيو هو جيڪو ان وقت جي اندازي موجب هڪ لک تائين وڃي پهتو هو، ان وقت 1980 ۾ آمدني جو ڪاٿو ٽنڊو محمد خان جي ميونسپل تقريبن هڪ ڪروڙ لڳايو هو (بحواله مثال رضوي  روزنامه جسارت : اردو (ٽنڊو محمد خان سپليمينٽ) مورخه 9 ڊسمبر 1981. هن شهر کي هڪ خوبصور شاهي بازار هئي، جيڪا ڦليليءَ جي شهر واري پل کان شروع ٿي مارڪيٽ چوڪ ۽ مير جي پڙ تي ختم ٿيندي هئي.ان سان گڏ واڻ بازار، پڻ هئي،جيڪا ميرمحلا جي ڇيڙي تي ختم ٿئي ٿي،هن بازار ۾ زندگيءَ جي روزمره سان تعلق رکندڙ شين جا دوڪان جهڙوڪ ڪريانه مرچنٽ، ڪپڙي جا دوڪان، ڪتابن جا دوڪان، بوٽن جا دوڪان، سڀاءُ ۽ سينگار جا دوڪان ، دوائن جا اسٽور، جن ۾ پاسارين ۽ طبيبن جي دوائن جا اسٽور به هوندا هئا،واڻ بازار ۾ لوه جو سامان ، ڪنڀارڪا دوڪان، ڦڙاهه مان ٺهيل شين تڏن ۽ تنئورين جا دوڪان پڻ آهن، مارڪيٽ ۾ اناج جي وڏي منڊي هئي، گوشت ، مڇي پلي جون مارڪيٽون پڻ هيون، ان سان گڏ بڪر مارڪيٽ پڻ هئي، زراعتي ٻجن جا دوڪان پڻ هئا. شهر ۽ بهراڙي جي سطح تي چانهه ۽ مانيءَ جون ننڍيون وڏيون هوٽلون هيون ۽ ان کان علاوه شهر جي سطح تي تقريبن ٽي سٺيون ريسٽورينٽ هيون، هن شهر جي سڀ کان وڏي بازار واڻ بازار لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ هي بازار تمام اوج تي هُئي ميرن جي دؤر حڪومت ۾ هن بازار کي مٿان سڄي لوهه ۽ ڪاٺ جي ڇت پيل هُئي. پوءِ خبر ناهي ڪهڙي سبب جي ڪري اُها ڇت لهرائي وئي.(بحواله اياز پاٽولي ”مضمون ٽنڊو محمد خان جي تاريخي حيثيت“قلمي نسخو اڻ ڇپيل) ان کان علاوه بجلي جي سامان جا دوڪان، لوهه جا دوڪان ، پان ٻِيڙيءَ جون ڪئبينون پڻ هيون. هڪ اندازي موجب 1980 تائين ٽنڊو محمد خان ۾ اٽڪل ٻن کان اڍائي هزار تائين دوڪان هئا. جيڪي ٽنڊو محمد خان شهر جي رونق کي چار چنڊ لڳائيندا هئا. هن شهر جا مکيه مرڪز ۽ چوڪ چار هئا،جيڪي مختلف هنڌن تي شهر جي ڏيک ۽ سونهن کي وڌائيندا هئا. ان مک چوڪن مان. تين بتي چار راسته، .پاڪستاني چوڪ،ڦول بازار، چاندني چوڪ،سيرت النبي چوڪ،مارڪيٽ چوڪ پڻ شهر جي خوبصورتيءَ جو مظهر هئا. شهر ۾ سير ۽ تفريح لاءِ ڪو خاص تفريح گاه ڪونه هو، ڪو پارڪ يا باغيچو پڻ ڪونه هو، پر ان هوندي به ان وقت هڪ پارڪ ٽنڊو محمد خان شهر جي مين بس اسٽاپ ويجهو تعمير ٿي رهيو هو ان پارڪ جو نالو مير غلام علي خان ٽالپررکيو ويو هو. ان کان علاوه 1980  ۾ هن شهر ۾ ٽي سينيمائون هيون، جن ۾ هڪ سينيما جو نالو تاج سينيما ٻي سينيما جو نالو فردوس سينيما ۽ ٽي سينيما جو نالو ريڪس سينيما هو، هن وقت ٽنڊو محمد خان ۾ صرف هڪ تاج سينيما وڃي بچي آهي باقي ٻه سينيمائون ٽُٽي چُڪيون آهن. ان کان علاوه هن شهر ۾ راندين لاءِ ٻه ٽي وڏا گرائونڊ هئا، جن مان ڪاليج گرائونڊ، گورنمنٽ هاءِ اسڪول گرائونڊ، فوجي شوگر مل وارو گرائونڊ ۽ ٽيون اسٽيشن جي پوئين ڀر وارو سخي  برهان شاه گرائونڊ هو، جتي مختلف قسم جون رانديون، ميلا ملاکڙا وغيره پڻ ٿيندا هئا.هن شهر جي عوام جي سهوليت لاءِميونسپل ڪاميٽيءَ طرفان هڪ ٽائون هال به جوڙايل هو ته جيئن شهر جو عوام ان ۾ مختلف قسم جون سياسي، سماجي۽ شادي واريون تقريبون ڪري سگهي. (موجوده وقت ۾ اهو ٽائون هال ضلع ڪائونسل جي اسيمبلي طور ڪم ۾ آندو پيو وڃي) شهري سُڌارن لاءِ صحت، صفائي ۽ سماجي بهبوديءَ لاءِ هڪ تعلقه ميونسپل ڪاميٽي هئي، جنهن جي ڪارڪردگي تمام سُٺي هئي. 1980 ع ۾ هي شهر اٽڪل 25 محلن ۽ پاڙن تي مشتمل هو. ان کان پوءِ ميونسپل ڪاميٽي وري چئن يا پنجن پاڙن کي گڏي وارڊن جي شڪل ڏني هئي جيئن عوام۽ شهرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ان وقت هن شهر ۾ چار وارڊ هئا جيڪي وارڊ نمبر 1 کان وارڊ نمبر چار تائين هئا. ٽنڊو محمد خان جي هر پاڙي کي جيڪڏهن لکجي تي ته هڪ ڪتاب ٺهي پوي. انهيءَ ڪري هن موضع کي مختصر ڪري سموري شهر جي 1980 تائين تاريخ تي روشني وڌي وئي آهي ان ڪري هتي صرف شهر جي چند محلن جا نالا ڄاڻايان ٿو، غريب آباد محلا، نصيرآباد محلا، بهراڻي محلا،مير محلا، پيرمحلا،  شوڪت ڪالوني، مشترڪه ڪالوني، ٽالپر ڪالوني، ڀٽي محلا، ميمڻ محلا، خواجه محلا سرفهرست هئا. ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان ۾ اسلامي تعليم جي حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪولن کان سواءِ مدرسا به هئا، جن ۾ مدرسته القران اسٽيشن روڊ، مدرسةالقران نصيرآباد محلا، مدرسة القران شوڪت ڪالوني، مدرسة القران بس اسٽينڊ، اقراء اڪيڊمي ۽ ٻيا ننڍا مدرسا پڻ هئا جن ۾ شهر جي ماڻهن جا ٻار ديني تعليم حاصل ڪندا هئا. ان کان علاوه هن شهر ۾ مسجدون، عيدگاهون،امام بارگاهون۽ اسماعيلي خواجه جماعت جو هڪ عظيم الشان جماعت خانو پڻ هو.ان کان علاوه پراڻي زماني کان وٺي ذڪر ڪيل عرصي تائين هن شهر ۾ اٽڪل ست کن ميلا  ۽ ملاکڙا پڻ مشهور هئا. جيڪي مختلف بزرگن جي درگاهن تي لڳندا هئا،هنن ميلن ۾ محفل سماع ، راڳ رنگ کان علاوه ادبي ۽ ثقافتي محفلون پڻ ٿينديون هيون. انهن مشهور ميلن مان، سائين نظر محمد شاه دولهه جو ميلو، سائين درو شاهه (ساٽين جو پاڙو) جو ميلو، سائين برهان شاه جو ميلو،  سائين جمن شاهه جتي جو ميلو، سيد عبدالفتاح شاهه مست بخاري جو ميلو، حاجي شاهه جو ميلو، ۽ حاجي سڀاڳو فقير (بهراڻي پاڙو) جو ميلو زبردست نموني ملهايا ويندا هئا. انهن درگاهن جا ميلا سال ۾ هڪ دفعو پنهنجي پنهنجي وقت تي لڳايا ويندا هئا.جن ۾ شهر توڙي آس پاس جي شهرن جا ماڻهون ڪثير تعداد ۾ شرڪت ڪندا هئا ۽ انهن بزرگ ۽ الله لوڪ درويشن جي آستانن جي حاضري ڀريندا هئا.بهر حال 1980 تائين ٽنڊو محمد خان شهر جو دؤر ان وقت جي حيدرآباد ضلعي جي باقي ٻين ضلعن کان تمام سٺو هو،ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان شهر خوبصورتيءَ جي لحاظ کان  ٻين شهرن جي نسبت پڻ تمام سهڻو هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن شهر جا ماڻهو امن پسند ، محبتي، پيار ورهائڻ وارا، رکي سکي کائي الله جو شڪر ادا ڪرڻ وارا، هر ڪنهن سان خوشي توڙي غمي ۾ شريڪ ٿيڻ وارا هئا.
ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب
ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جو بنياد 1963ع ۾ پيو ، ٽنڊو محمد خان جي ڦليلي جي ڪپ تي قائم ڪيل هن پريس ڪلب جي بانيڪارن ۾  پروانو ڀٽي ، حڪيم ايم آر انصاري، عقيل ابراهيم  ۽ ٻيا شامل آهن . جن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جو بنياد رکي صحافتي دنيا ۾ ٽنڊو محمد خان کي هڪ نئين سڃاڻپ ارپي. ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب هن شهر اندر ڪيترن ئي صحافين جي آبياري ڪئي، جن مان تمام گهڻن نالن هن شهر جو نالو روشن ڪيو ۽ ملڪي ليول تي صحافتي حوالي سان هن شهر جي نمائندگي ڪئي. هي پريس ڪلب هن وقت سنڌ جي تمام گهڻن سرگرم پريس ڪلبن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هن وقت جيڪا پريس ڪلب جي موجوده عمارت آهي اها  2007ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي ناظم مير عنايت علي خان ٽالپر پاران تعمير ڪرائي وئي هئي ..

No comments:

Post a Comment