Friday 14 February 2020

Mohammad Yousuf Feature Sindhi BS 105

Ur topic was portray soft image of Kashmore 
Next time write ur name in Sindhi in text file
Feature is always reporting based and written in interesting manner
File name is wrong. care, next time


ڪشمور شهر

Feature-Mohammad Yousuf-2K18/MC/105-Sindhi



ڪشهمور جنهن جو شمار پاڪستان جي قديم ۽ اعليٰ حيثيت رکندڙ شهرن ۾ ٿئي ٿو. هن شهر کي سنڌ جو آخري شهر هئڻ سان گڏوگڏ ٽن صوبن يعني سنڌ، پنجاب  ۽ بلوچستان جي سرحدن کي ملائيندڙ شهر طور به ڄاتو وڃي ٿو.  مطلب  ته هي شهر ٽنهي صوبن جو لنگھ آهي.                                                          
ڪشمور اتر سنڌ جو هڪ ننڍڙو شهر جيڪو سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪناري تي واقع آهي جنهن جو پراڻو نالو کزمير يا کزمور آهي. هن شهر جي ڪل آبادي لڳ ڀڳ تيرهن لک آهي. هن شهر کي پهريان تعلقي جي اهميت حاصل هئي ۽ ضلعو جيڪب آباد هو پر ڊسمبر2004 ۾ هن شهر کي جيڪب آباد ضلعي کان الڳ  ڪري ٽن تعلقن تي مشتمل هڪ الڳ ضلعو بڻايو ويو.هي ضلعولاڙڪاڻي ڊويزن ۾ اچي ٿو.
هي شهر جديد سنڌ جي نقشي تي هڪ الڳ ۽ اهم حيثيت والاري صوبي توڙي
ملڪ جي سياسي‏ِِٰٰ، سماجي ۽ تاريخي ڌاري ۾ با ضابطه نموني شامل ٿي ويو.
هي شهر تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان شاهوڪار شهر آهي.ايشيا کنڊ ۾ وڌيڪ بجلي پيدا ڪندڙ وڏن مرڪزن ۾ شمار ٿيندڙگڊو ٿرمل پاور اسٽيشن جهڙي عظيم قومي اثاثي ۽ پوري دنيا ۾ اڻلڀ ٿي ويل انڊس ڊولفن سولي سنڌي ۾ سڏجندڙ انڌي ٻلهڻ جي اباڻي ديس طور مشهور هي شهر پنهنجي قديم ريتن،رسمن،رواجن ۽ فطري رنگن سان مالا مال آهي. هن شهر جي اُپت يا آمدني گهڻو ڪري ذرعي صنعت تي مشتمل آهي. هتي جا عام فصل ڪڻڪ،ساريون،ڪمند۽ڦُٽي جيڪي نه صرف هِن شهر،هِن صوبي پر سڄي ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو حق ادا ڪن ٿا.ڪاروبار جي لحاظ کان به هي شهر پوئتي نه آهي. رائيس مل،ڪارخانا ۽ ٻيا وڏا وڏا ڪاروباري مرڪز هن شهر جي ترقي ۾ برابر جا شريڪ آهن.
هٿ جو هنر ته هن شهر جي سونهن آهي. هٿ جو هنر جنهن ۾ جنڊي جو ڪم گذريل ڪيترن سالن کان هن ڪشمور شهر جي سڃاڻپ بڻيل آهي. هٿ جي هُنر جا ڪاريگر ڪاٺ کي پنهنجي مهارت سان تراشي اُن مان صوفاسيٽ، کٽون پلنگ، ٽيبلون، در، دريون، گلدان، گلاس، ويگ پيپر۽ هِندورن سميت ٻيون شاهڪار شيون ٺاهي انهن کي خوبصورت رنگن سان چٽي ڇڏين ٿا جن کي ڏسندي ئي خريد ڪرڻ لاءِ دل چوندي آهي.                 
ڪشمور ۾ هٿ جي هنر ايتري ت مڃتا ماڻي جو هِتان جي ناليوارن ٽِن ڪاريگرن کي صدارتي اعزاز سان پڻ نوازيو ويو. دستڪاري جا من موهيندڙ،عُمده ۽ اعليٰ قِسم جا شاهڪار ٺاهڻ تي 1984 ۾ محمد بخش سومرو 1988 ۾ مولوي محمد رمضان کي صدارتي اعزاز حُسنِ ڪارڪردگي جڏهن ته 1990 ۾ عبدُالعزيز سومري کي تمغه امتياز سان نوازيو ويو. ڪشمور شهر جي ڪاريگرن جي اهڙي هنر کي ڏسي، هِن فن کي انڊسٽري جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ سمال انڊسٽري خاطي کي ٽاسڪ ڏنو ويو. اُن سان گڏو گڏ هتي تيار ٿيندڙ سنڌي تهذيب ۽ سنڌي ثقافت جي سونهن،علامت ۽ قومي لباس سنڌي ٽوپي، ڀرت ڀريل رُومال،بلوچي کُسو، ڇٻيون ۽ چمڙي مان تيار ٿيندڙ جُتي ننڍا توڙي وڏا، غريب توڙي امير، شهر توڙي ڳوٺ، ڏيھ توڙي پر ڏيھ ۾ يڪسان مقبول آهن. اهو ئي سبب آهي جو هتي تيار ٿيندڙ سنڌي ٽوپي، ڀرت ڀريل رومال، بلوچي کُسو، ڇٻيون ۽ چمڙي جي جُتي رشتيدارن، دوستن،احبابن،مِٽ مائٽن ڏيھ توڙي پر ڏيھ سوکڙي طور موڪليا ويندا آهن. خاص طور تي وڏن مذهبي تهوارن جي موقعي تي سنڌي ٽوپي، بلوچي کُسو ۽ جُتي جي تياري ۽ خريداري ۾ اضافو اچي ڃي ٿو.
هي شهر مذهبي رواداري  جو هڪ انوکو مثال آهي جتي هر مذهب سان تعلق رکندڙ چاهي مسلمان هجي يا هندو، سک هجي يا عيسائي پنهنجن پنهنجن خدائن جي کُلي طرح عبادت يا پوڄا ڪندا آهن. ڪو به ڪنهن جي مذهب ۾ رُڪاوٽ جو سبب ناهي بڻبو. هتي قائم هندُن جو سَنت بابا جُڙيا رام نالي مندر ۽ گرو ارجُن ديو نالي سک اقليتن جو گردوارو پڻ قائم آهي.چيو وڃي ٿو ته هي گردوارو شهر ۾ رهندڙ سک اقليتن پاران تقريبٌا پندرهن سال اڳ قائم ڪيو ويو.                
هي شهر امن ۽ پُر سُڪون شهر آهي جتي هميشه محبت جو درياءُ وهندو آهي جتي هر مذهب هر قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهون پنهنجن ريتن،رسمن ۽ رواجن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ بنا ڪنهن تڪليف جي ادا ڪندا رهن ٿا.                 
                                           
                                                                                                                                     


                               

No comments:

Post a Comment