Thursday 13 February 2020

Naresh Bheel BS Article Sindhi Referred back 114

An article needs a basic question or idea, some figures, facts, 
reference of some reports, arguments or some example.
 If u are going to only describe  today's youth, u should give some characteristics of today's youth that too needs examples and figures acts.
These are random thoughts can not be considered as an article of media
U have written wrong subject line, such thing will go missing in junk
Re-write it pls

Article Naresh Bheel BS 114 Sindhi
اڄ جو نوجوان ۽ تعليم--نريش ڀيل- 2k18-MC-114

سنڌي

اڄ جو نوجوان ۽ تعليم                                  

زندگي گذارڻ جي لاء تعليم جو وڏو ڪردار آهي ڇو ته تعليم اهڙي روشني آهي, جيڪا انسان کي تهذيب ۽ شعور سيکاريندي آهي. "علم انسان جي ٽئين اک آهي" تعليم سان انسان کي صحيح ۽ غلط جو فرق معلوم ٿيندو آهي. اڄ جي دنيا ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته دنيا ۾ ترقي يافته ۽ واڌاري کانسواء ڪجھ به نظر نه ايندو. انهي ترقي ۽ واڌاري ۾ جيترو هٿ تعليم جو آهي ايترو ئي نوجوان ۽ سندس محنت ۽ مهارت جو آهي. اڄ تعليم جي لحاظ کان هر پاسي تقريباً تمام گهڻيون سهولتون مهيا ڪيو ويون آهن. جنهن ۾ اسڪولون, ٽيوشن سينٽرس, لائبريريون, انٽرنيٽ, ڪتاب, اخبارون ۽ ڪيترائي پروگرام تعليم جي حوالي سان ٽي وي ۽ ريڊئي تي نشر ڪيا ويندا آهن. اڄ جي نوجوانن ۾ تعليم شرح ۽ اها شعور ناهي جيڪا هجڻ کپي. ائين به ٿئي سگهي ٿو ته اڄ جو نوجوان کي گهڻين سهولتن جي باوجود اسڪول مان اها تربيت حاصل نه پيا ڪري سگهن جيڪي اڳئي شاگردن کي نصيب ٿيندي هئي. تعليم  صرف ڪنهن به فرد جو پڙهيل لکيل هجڻ ناهي, پر جديد دور جي گهرجن موجب فني, هنري يا ٽيڪنيڪل ڪم ۾ مهارت هجڻ گهرجي ٿو, جيڪي معشيت جي ترقي لاء ضروري عنصر آهن.

هن وقت جي تعليم جنهن کي جديد تعليم جو نالو ڏنل آهي, انهي کي نظر ۾ رکندي اگر اسان اڄ کان 100 يا 150 سال اڲ جي تاريخ جي ورقن تي نظر وجهداسين, تنهن کي اڄ جي دور ۾ قديمي تعليم چيو وڃي ٿو. انهي ۾ اسان کي تمام گهڻو فرق نظر ايندو ڇو ته اڄ جي دور ۾ جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ لاء جيڪي سهولتون ۽ وسيلا موجود آهن. اهي وسيلا ۽ سهولتون پراڻي دور موجود نه هئا. پراڻي دور ۾ اگر ڪنهن وٽ علم يا ڄاڻ هوندي هئي ته اهو شخص اها ڪوشش ڪندو هو ته آئون پنهنجي هن علم جي ذريعي پنهنجا شاگرد تيار ڪيان ته اهي شاگرد دنيا ۾ اڲتي هلي پنهنجي نالي سان گڏ منهنجو نالو به روشن ڪن. جديد دور ۾ بنيادي تعليم ڪنهن به معاشري کي اڏڻ جي لاء ڪافي ناهي هوندي, پر ان سان گڏ هنر, سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ هجڻ لازمي شرط بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن پاڪستان هڪ پائيدار ۽ ترقي يافته ملڪ بڻجڻ گهري ٿو ته هن کي پنهنجي مستقبل يعنيٰ نوجوان نسل ۽ ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻي پوندي ته جيئن هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ترقي يافته ملڪن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهي. اڄ جي نوجوانن کي ايترين سهولتن ۽ وسيلن جي باوجود اهو مقام ماڻڻ ۾ ڇو پريشانين جي ور چڙهيو وڃن ٿا. يا ته وري هن کي پنهنجي صلاحيتن جي خبر ناهي هوندي يا ته پنهنجي قابليت تي ايترو عتماد ئي ناهي هوندو ته آئون جيڪا ڪم ڪيان ٿو اها انهي جي معيار تي الاهي   ڪهڙو ؟ ڪيئن پورو لاهن ؟ اگر ڪنهن شينهن کي مسلسل وڏي عرصي تائين گوشت  ڏنو وڃي ته پوء شينهن کي شڪار ڪرڻ وسري ويندو ته شڪار ڪيئن ٿو ڪجي. اهڙي ريت اسان جي سماج جا نوجوان کي تعليم يا علم حاصل ڪرڻ وارا رستا ئي وسري ويا آهن ته ڪئين ٿو علم پرائي سگهجي؟ اهي هميشه ڪاپي ڪلچر ۽ وري شفارش تي ڀاڙيندڙ رهيا آهن. انهن کي جيستائين خبر پوندي آهي ته اسان سماج سان گڏ پنهنجو به وڏو نقصان پيا ڪريون تيستائين ڪافي دير ٿئي ويندي آهي.

نوجوانن جو انٽرنيٽ, سوشل ميڊيا کي وڌ کان وڌ غلط استعمال ڪرڻ کي وڌيڪ وقت ڏيڻ ۽  ڪتابن جو تمام گهٽ مطالعو ڪرڻ جي ڪري اهي پنهنجي لڪيل خاصيتن کان بي خبر هوندا آهن ته اسان ڪهڙا ڪم سٺي نموني سان سرانجام ڏئي سگهون ٿا. پنهنجي منزل کان آهستي آهستي پري ٿيندا ويندا آهن.

No comments:

Post a Comment