Showing posts with label 114. Show all posts
Showing posts with label 114. Show all posts

Sunday, 1 March 2020

Naresh Bheel Profile Sindhi BS 114 Not checked.

Not checked.
Photo is required


Naresh Bheel 2k18/mc/114 profile Sindhi
         نريش ڀيل-114/ 2k18 /mc-پروفائل-سنڌي

                  مارڪسي ليکڪ ۽ مظلومن جو آواز
                                       محب ڀيل

سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ميدان ۾ مسڪين، مظلوم، پورهيت ۽ خانه بدوش انسانن جي مضبوط آواز، ترقي پسند مارڪسي ليکڪ جنهنجو نالو محب ڀيل آهي، سندس  چوڻ موجب اسان آدجڳاد کان سنڌ جا ڌڻي دراوڙ آهيون. وقت جي وهڪرن ۾ اسان لاتعداد ڏک، سور ۽ تڪليفون برداش ڪندي به سنڌ ڌرتي سان پنهنجو عشق نڀايو اچون. محب ڀيل پُراڻ ندي جي ڪنڌي تي آباد محبوب شهر جهڏي ۾ پيدا ٿيو. جنهن شهر ۾ پرين جيتري ڇڪ ۽ ڪشش محسوس ٿيندي آهي.

لکڻ جي شروعات هاءِ اسڪول جهڏو  ۾ پڙهائي دوران سندس تعلق ننڍڙن ٻارڙن جي تنظيم سجاگ ٻار تحريڪ  سان ٿيو، انهن ساٿين پڙهڻ لاءِ مختلف ڪتابڙا ڏنا، جنهن ۾ ٻاراڻي ادب سان لاڳاپيل ڪهاڻين جا ڪتاب، لطيفن جا ڪتاب، عام معلومات جا ڪتاب، گل ڦل رسالو وغيره,  مطالعي جو پابند ڪيو ويندو هو. هر مهيني لکڻ پڙهڻ بابت پُڇاڻو به ٿيندو هو، تڏهن اسان ڇپجڻ جي شوق ۾  ٻاراڻن رسالن ۾ لکندا هئاسين، اهو 1996ع جو سال هو. ادبي دوستن ۾ ايوب کوسو، صوفي اصغرکوسو، حنيف عاطر، ڪرم ڪلوئي، آفتاب ڪلوئي جهڙن دوستن جي صحبت ۽ رهنمائي ۾  ادب سفر جي شروعات ٿي، پنهنجي حال سارو اڄ ڏينهن تائين لکون پيا.
سندس لکڻ جا موضوع گھڻو ڪري مزدور، هاري، پورهيت ۽ ڌرتي جا لاڏائو ماڻهو آهن، ٻيا ڇو نه؟
ورندي ڏيندي چيائين:
ٻين موضوعن تي ٻيا ادبي دوست تمام گھڻو لکي رهيا آهن، هنن مسڪينن تي گھٽ لکيو وڃي ٿو، تنهنڪري منهنجي لکڻ جو محور ڌرتي تي تاريخ جا لُٽيل، ڦُريل،ٻاريل ۽ ساڙيل ماڻهو آهن، جن کي بدمست قبضاگير سامراجي قوتن غيرانساني، غير شرعي، غيرقانوني طور ڏاڍ، جبر، ظلم، انياءَ، ناانصافين جو شڪار بڻايو، ڌرتي جي ڪروڙين انسان جا حق غضب ڪري انهن جو استحصال ڪيو ويو. منهنجو انهن تي لکڻ انڪري فطري آهي جو آئون پاڻ بنيادي طور ان سنڌ ڌرتي جي لٽيل دراوڙ نسل سان تعلق رکان ٿو، جنهن ڌرتي جا اسان مالڪ آهيون اتي اسان جي پرامن هجڻ ڪري اسان کي غلام بڻايو ويو، جتي اسان جي ابن ڏاڏن حڪمراني ڪئي اتي اسان کي خانه بدوش بڻايو ويو، آريا قبضاگيرن سنڌ جي دراوڙن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا. موهن جي دڙي جي تهذيب سرجيندڙ ۽ عظيم سنڌي ثقافت جي وارثن ۽ فطرت جي عاشق دراوڙن کي شهري آبادين مان ڌڪي جهنگلن ڏانهن ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. آئون انڪري انهن ماڻهن تي لکندو آهيان جو منهنجو تعلق انهن غلام بڻايل ماڻهن سان آهي، منهنجي رڳن ۾ انهن جو خون گردش ڪري ٿو.

لکڻ بابت سندس خيال لکڻ هڪ عشق آهي، تاريخ جي هڪڙي اهم ذميواري آهي، ماڻهو مري سگهي ٿو، پر ڪتاب زندهه هوندا آهن. تنهنڪري ڌرتي جي هڪ فطري ليکڪ کي دؤر حاضر جو نهايت ئي انقلابي ۽ ادبي ايمانداري سان جائزو پيش ڪرڻو آهي. درٻاري لکندڙن کي وقت ڌوڙ ڪري ڇڏيندو آهي.وطن جي“مٽي” مان،مرتبو، عزت به بخشي ٿي، اهائي مٽي.

سنڌ واسي اوهان سان پيار ۽ محبت ڪرن ٿا اهو پنهنجي جاءِ تي پر اوهان کي ڪو سرڪاري ايوارڊ مليو آهي؟
ڪنهن به ماڻهو جو سياسي، سماجي، ادبي، قلمي پورهيو تاريخ ۾ ڪڏهن به رائگان نه ويندوآهي، سنڌ جو باشعور ماڻهو اسان کي جيءَ ۾ جايون ڏي ٿو اهو محبت ڪنهن ايوارڊ کان گھٽ نٿو سمجهان، سرڪاري ايوارڊ ليفٽ جي ماڻهن کي گھٽ ملندا آهن. تنهنڪري اهڙي اميد نٿو رکان. باقي ساليڊرٽي نيٽورڪ آف پاڪستان پاران “خورشيد قائم خاني ايوارڊ” “ٽنڊوالهيار مڃتا ايوارڊ” “دولهه درياهه خان ايوارڊ” نوجوان آزاد اتحاد پاران پورهيتن جي ليکڪ جو مڃتا ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن.

موجوده دؤر ۾ جيڪو ادب سرجي رهيو آهي، انهي تي محب ڀيل جا ويچار
آئون پاڻ به ادب جي ميدان ۾ شروعاتي پيرڙا کڻندڙ تاريخ جو معمولي شاگرد آهيان. تنهنڪري منهنجي ادبي نظر ڪا ايڏي دورانديش هرگز ناهي. پر پوءِ پنهنجي ناقص راءِ رکندي سمجهان ٿو ته تمام ٿورڙا اهي ماڻهو سٺو لکن ٿا جيڪي تمام سٺو پڙهن به ٿا. بنان پڙهڻ جي سٺو قطئه نٿو لکي سگهجي. لطيف جي ڪيل ڪمائي تي اسان عالمي ادب ۾ ته حصو پتي ڳنڍيو ويٺا آهيون. ان بعد اياز آهي. باقي لکيو تمام گھڻو پيو وڃي، پر وري به ان ڳالهه کي ورجائيندس ته سنڌ جي مٽي مان جيڪي ليجنڊ پيدا ٿيا انهن لاءِ سنڌڙي صديون سڪندي. ماضي ۾ جنهن ادب سنڌ جي تاريخ کي روشن ڪيو، هن وقت اهڙي ادب جي اميد ته نٿا رکي سگهون، سنڌ ۾ ماياناز شاعر، ليکڪ، اديب، ناول نگار، ڊرامانويس، افسانه نويس، ڪالم نويس، اسڪرپٽ رائٽر پيدا ٿيا. اهي هاڻ ڪٿان آڻيون،  لطيف، سچل، سامي، شيخ اياز، استاد بخاري، رسول بخش
اوهان ليکڪ ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي ڪيئن ٿا محسوس ڪيو؟
هن فيلڊ ۾ مون پاڻ کي وڏي عذاب ۾ محسوس ڪيو آهي. واقعي شعور وڏو سور آهي. توهان کي سماج ۾ بي شعور ماڻهو ڏاڍا خوش ۽ سُرها نظر ايندا. انهن جو قوم ۽ وطن جي مسڪين، مظلوم،پورهيت، اٻوجهه، هيڻن هارين، مزدورن، لاڏائو خانه بدوشن جي ڏکن، تڪليفن، عذابن، عقوبتن، اوچ، نيچ ۽ اڻبرابري جي انسان دشمن روين سان ڪو تعلق ئي ناهي، مونکي ته انهن پيڙهيل ماڻهن جا سور لکائيندا آهن. تنهنڪري مون جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي ۽ لکڻ شروع ڪيو آهي ته ڏاڍو ڀوڳيو آهي. پر هڪ ليکڪ کي مزاحمت ختم نه ڪرڻ گھرجي.

محب ڀيل جا هيستائين پنج ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ پهريون ڪتاب 1 تتل سج هيٺان، 2 هن رتائين راهه ۾، 3 جنين لوهه لڱن ۾، 4 دراوڙ جاڳ ۾  آهن، 5 چڱي نه خودڪشي هُئي. ان کان علاوه اڃان پنج ڪتاب مڪمل تيار آهن، جيڪي سلسليوار ڇپبا، هي سمورا ڪتاب مختلف موضوعن تي تحقيقي مضمون آهن. جن کي سنڌ ۾ تمام گھڻي موٽ ملي. انهي کان علاوه ننڍن وڏن مسلن ۽ ڳالهين تي پڻ اخبارن ۾ لکندو آهي.

اسان غريبن جي حياتي هزارين واقعن ۽ حادثن سان ڀري پئي آهي. تاريخ اسان تي ايترو جبر ڪيو آهي جو اسان انهن سورن ۽ واقعن کي پيٽاري ويا آهيون. محب ڀيل جي چوڻ موجب مون پنهنجي سياسي استاد محترم رسول بخش پليجي صاحب جي تربيت ۽ رهنمائي ۾ اهو سکيو آهي ته مايوس ناهي ٿيڻو، روئڻو ناهي، ٿڪي، ٽٽي ساهي پٽي وري اڳتي جدوجهد جي پيچري ۽ پنڌ تي روان دوان ٿيڻو آهي، عام، روايتي دنياداري جي وهڪري ۾ لڙهي ناهي وڃڻو، پنهنجي پيرن تي ثابت قدم بيهه حالتن سان مقابلو ڪرڻ ئي هڪ انقلابي ليکڪ ۽ ورڪر جو فرض آهي،  آئون ان فرض کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪيان پيو. زندگي ۾ هڪ واقعي ۾ مون  کي ائين لڳو ڄڻ منهنجو ساڄو هٿ ڪپجي ويو آهي، منهنجي انتهائي ويجهي همراز ساٿي ۽ ڀيڻوئي ڪامريڊ دودو ڀيل جي برين ٽيومر سبب جواني ۾ اوچتو هليو وڃڻ منهنجي حياتي جو اندر کي اڌ ڪندڙ واقعو هو. باقي مون پنهنجي غريباڻي زندگي ۾ ڪڏهن فضول خواهشون ۽ حسرتون پيدا ئي نه ڪيون آهن، جنهن جي پوري نه ٿيڻ جو ڪو ڏک رسي، سندس حياتي جو هڪ هڪ پل پنهنجي قوم، وطن جي مسڪين ماروئڙن، پورهيت، هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن قومي، عوامي جمهوري جدوجهد ذريعي انقلاب ۾ يقين رکندڙ مارڪسي ماڻهو آهي، معجزا، چمتڪار، حسرتون اسان جي حياتي ۾ ڪا معنى نٿيون رکن.ان هوندي به هڪ انسان هجڻ جي ناتي منهنجي اها حسرت آهي ته پورهيت انقلاب اچي ۽ عوامي راڄ هجي، سرمائيدارن جا ڀاري بُرج ڀڄي ڀُري ڪري پون، انسان ازل کان آجو آ.

محب ڀيل کي موسيقي، ساز، سنڌ، رقص، ڪتاب، رنگ، پکي ۽ پکين جون ٻوليون، وڻ، ٻار، رانديڪا، گل، خوشبو، بهار سڀ مونکي ڏاڍو وڻندا آهن.

سندس سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا. محبت پٿر دلين کي پگهاري ڇڏيندي آهي. محبت ڪائنات ۾ بيوسي جو عجيب احساس هوندو آهي. جنهن جي ڇڪ، ڪشش، لوچڻ ۽ لُڇڻ فقط هڪ محبوب لاءِ هوندو آهي، پر اسان ان محبت جو محور پنهنجي محبوب ڌرتي ماتا، پنهنجو دادلو سنڌو درياهه،  پنهنجي وطن جا وڻ، دنگ، ڍنڍون، ڍورا، ڪرڙ، ڪانڊيرا، ڳوٺ، واهڻ،وستيون، شهر، ٻولي، پورهيت ۽ ڌرتي ڌڪاڻا خانه بدوش آهن. اسان جو عشق ۽ محبت اول آخر “سنڌ” آهي.

آئون بنيادي طور  پورهيت ابن پورهيت آهيان. وندر اسان جي حياتي جي ڊڪشنري ۾ شامل ئي ناهي، اسان وٽ پيٽ گذر لاءِ ڪو سرمائيدارانا ذريعو ناهي، تنهنڪري اسان جو گذر سفر پکين جيئن آهي. لطيف سائين شايداسان لاءِ ئي چيو آهي ته “آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا” واندڪائي فقط تڏهن ملندي آهي جڏهن ڏهاڙي نه لڳندي آهي تڏهن ويهي مطالعو ڪندو آهيان، ڪتابن جي رهيل مضمونن کي مڪمل ڪندو آهيان.

خودڪشي تي محب جو هڪ ڪتاب به لکيل آهي ۽ ڪيترائي آرٽيڪل لکيا جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع به ٿيا آهن. خودڪشي نه رڳو سنڌ پر سموري حسين ڪائنات جو وڏو خطرناڪ الميو آهي. جنهن ڪروڙين گھر تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيا آهن. ان موضوع تي منهنجي مڪمل ٿيسز “چڱي نه خودڪشي هُئي” جي نالي سان مارڪيٽ ۾ آيل آهي. محب ڀيل پنهنجي حال موجب ان موضوع تي تحقيق ڪئي اٿم. ان ۾ تفصيل سان لکيل آهي. هن وقت ان جو هيل ٻيو ڀاڱو مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. خودڪشي بهادري ۽ بزدلي جو گڏيل احساس آهي. ان کان بچڻ لاءِ  سماج جو هر ذميوار باشعور فرد، انساني حقن جا عالمي ادارا، سياسي، سماجي، مذهبي ڌريون، تعليمي ادارا هڪ متحرڪ جاڳرتا مهم هلائن، معاشري ۾ علم سان سجاگي جي مهم هلائن، سرڪار بک، بيروزگاري ۽  بدحالي کي ختم ڪرڻ لاءِ نوڪريون ۽ روزگار جا نوان ذريعا فيڪٽريون ، ملز جو ڄار وڇائي. ماڻهن جي اٽي جو مسئلو حل ٿئي، خودڪشيون گھٽجي وينديون. خودڪشي ڪندڙن جي اڪثرين ڀيل، ڪولهي،ميگھواڙن سميت مسڪين مسلم برادرين جي آهي. اهو عذاب دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به آهي.
This is not interview, do not need msg 
محب ڀيل پڙهندڙ ڏانهن پيغام ڏيندي چيو ته هي
پيغام ناهي بس سنڌ جي شعور ڏانهن نياپو آهي، سنڌ جا نوجوان گھڻ طرفو مطالعو ڪن، دنيا جي سموري تاريخ کي پڙهن، ارتقا کي پڙهن، مذهبن جي تاريخ کي غور سان پڙهن ۽ پروڙين، دنيا ۾ آيل پورهيت انقلابن ۽ انقلاب دشمن قوتن جي سازشن کي پڙهن. سياست ۾  حصو وٺن، پڙهڻ سان گڏ هنر ضرور سکن. هن ڪائنات مان انس ان دشمن اڻبرابري، تنگ دلي، مذهبي رجعت پرستي، نفرتون ۽ ڪٽرپڻي جا خطرناڪ لاڙا ختم ڪري امن ۽ انسانيت جي اعلى قدرن جا محبوب لاڙا معتارف ڪرايا وڃن.

Sunday, 16 February 2020

Naresh Bheel BS - Feature Sindhi -114


Next time observe proper paragraphing also write ur name in ENglish as well as in SIndhi in the text file 
Feature is always reporting based and Information is given in interesting manner
It is not so. It stands in article style

Naresh bheel bs3/ 114 sindhi feature

هندو مذهب ۾ شادي جون ريتون رسمون

ڏٺو وڃي ته شادي جون ريتون ۽ رسمون هر مذهب جي لحاظ کان الڳ الڳ ريتون ۽ رسمون آهن, پر هندو مذهب ۾ مختلف ۽ منفرد ريتون ۽ رسمون آهن. هندو مذهب جي مطابق شادي جي لاء جوڙي جي چونڊ پنهنجي پسند يا مائٽن جي پسند سان به ٿيندي آهي. ڪٿي پنهنجي پسند کي ترجيح ڏني ويندي آهي ته وري ڪٿي مائٽن جي رائي تي راضي ٿئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ جي لاء تيار  ٿيندا آهن. خاص طور تي هندو مذهب مڱڻي اۡتي ٿيندي آهي جتي مائٽي جو ڪو به انگ اکر نه لڳي مطلب ته پاڻ ۾ پري پري تائين ڪا به مائٽي يا رشتو نه هجي. مڱڻي جي وقت ڇوڪري (ڪنوار) کي ڪپڙن جو جوڙو, خرچي, تحفا, سوکڙيون ۽ مٺائي ڏني ويندي آهي. ۽ ڇوڪرو (گهوٽ) کي ڪپڙن جو جوڙو, ٽوپي, اجرڪ يا ٽوال ڏيندا آهن. ڳوٺ وارن ۽ مائٽن رشتيدارن ۾ مٺائي کارڪون ۽ پتاشا ورهيا ويندا آهن.گهوٽ ۽ ڪنوار جي عمر جي لحاظ کان شادي جي انتظار ۾ هوندا آهن ته ڪڏهن ٻئي ڄاڻا لائق يا بالغ ٿين ته شادي ڪرائي جڳ جهان ڀيڙو ڪيونس. شادي جي لاء لگن جو نڪرڻ لازمي هوندو آهي. ٻني جي ڪنڊلين جو ميلاپ چڱي ريت ٿيڻ گهرجي ته جيئن شب مورت ۾ لگن ملي سگهي.  شب مورت  انهي جي لاء ته چڱي وقت ۾ ڪيل ڪم جو نتيجو به چڱو ملندو. لگن نڪرڻ کان پوء شادي جون تياريون زور ۽ شور سان ڪيون وينديون آهن. ٻنهي گهرن ۾ خوشي جي لهر ٿڌڙي هير جيان لڳي رهي هوندي آهي. ته اسان جا ٻچڙا پنهنجي خوشحال زندگي جي سفر ڏانهن روانا ٿئي رهيا آهن. نڪتل لگن کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ ڏيڱڻ جي اڳيان ونواھ ويهاريو ويندو آهي. جتي گڻيش ڀڳوان جي پوڄا ۾ ٽي نمسڪار (بندگيون) ڀرائبيون آهن. انهي کان پوء پيٺي لڳائي ويندي آهي. گهوٽ سان هڪ دوست جنهن کي اڻيار ڪري سڏجي ٿو ۽ انهي جو ڪم گهوٽ جي هر ريت رسم ۾ هٿ ونڊائڻ يا مدد ڪرڻ هوندو آهي. مثلاً مهيندي لڳائڻ, پيٺي لڳائڻ ۽ گهوٽ جي ريتن ۽ رسمن جو سامان رکڻ وغيره. انهي ريت ڪنوار ساڻ به هڪ سهيلي هوندي آهي جيڪو ڪنوار جي ريتن ۽ رسمن ۾ مدد ڪرڻ هوندو آهي ڇو ته ڪنوار پنهنجي گهوگهٽ ۾ گهيريل هوندي آهي. مهيندي جي رات وري مهيندي لڳائي ويندي آهي, جنهن ۾ سڀئي مائٽ ۽ دوست مهيندي لڳائيندا سونڻ ڪندا ۽ دعائون ڏيندا آهن. رشتن جي مٺاس رسمن کي رس ڀري ڇڏيندي آهي.مهيندي کان پوء سنان (وهنجهاريو) ويندو آهي. انهي کانپوء نوان ڪپڙا, پرفيوم لڳائي گهوٽ صاحب کي شهزادي وانگر تيار ڪيو ويندو آهي. مٿي تي سنڌي پٽڪي جي ورن وڪڙن تي ٻڌل موڙ جا ٽونئر لڳل ائين لڳندو آهي ته سون تي سوهاڳو. گهوٽ صاحب جڏهن اسٽيج تي اچي ويهندو آهي ته محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن. سڄي رات محفل ۾ ڳائڻ وڄائڻ ناچ ۽ ڳانا هلندا آهن. ٻئي ڏينهن ڄڃ جي روانگي جي تياري هوندي آهي, جنهن ۾ گهوٽ جو پيء مائٽ سڄي برادري ۽ دوستن کي ڄڃ ۾ ساڻ هلڻ لاء چوندا آهن.ڄڃ ۾ دهول ڌماڪا سان نچندا ڪونڏندا ويندا آهن. وڃي ڪنواريتن جي ڇني ۾ پهچندا آهن جتي دعوت سان گڏ ڄاڃين کي لطف انداز ڪرڻ جي لاء ڪجھ پروگرام يا محفل رکي ويندي آهن. گهوٽ ۽ ڪجھ ڄاڃين منڊپ ڏانهن روانا ٿيندا آهن, جتي پنڊت اڳ ۾ ئي سڀئي تياريون ڪيو ويٺو هوندو آهي.گهوٽ ۽ ڪنوار هٿ هٿ ۾ ڏئي اگني (باھ) جي چوڌاري ست ڦيرا ڦرندا آهن جنهن جو مطلب ته هو ايندڙ ستن جنمن  جي ساٿ نڀائڻ جو وچن (واعدو) ڪندا آهن. چونري کان پوء گهوٽ ۽ ڪنوار کي تورڻ مان گذاريو ويندو آهي جتي گهوٽ کان هڪ ننڍڙي ٽاري کي چاقو سان وڍڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. اها چاقو ۽ ڳاڙهو رومال سندس سالي کي ڏنا ويندا آهن. انهن رسمن جي دوران ساليون ۽ سندس سهيليون گهوٽ جا بوٽ لڪائينديون آهن ته جيئن اۡهي خرچي يا تحفا وصول ڪري سگهن. هر مائٽ جي اها ڪوشش هوندي آهي ته هو وڌ کان وڌ پنهنجي ڌي کي ڏاج ڏئي. گهوٽ کي سندس سس جي هٿن جي گيھ ۾ ماٽل ماني کارائي ويندي آهي. جڏهن ڄڃ واپسي گهر ايندي آهي ته گهوٽ جي گهر ۾ ڪجھ رسمون ادا ڪيو وينديون آهن.جنهن ۾ ڏيڱڻ تي گهوٽ ۽ ڪنوار جون بندگيون ڀرائي تورڻ جي اڳيان ٻني جي آرتي اۡتاري, تلڪ لڳائي گهر ۾ ڀليڪار چيو ويندو آهي. انهي کان پوء کير ۾ منڊي ڳولڻ جي راند ڪرائي ويندي آهي, جنهن ۾ جيڪو هارائندو اهو تحفو ۾ ڪجھ ڏيندو آهي. ۽ آخر ۾ چانورن ۽ کارڪن سان ٻڪ ڀرائي جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي, جنهن ۾ سڄي گهر جا ڀاتي ٻڪ ڀرائي پنهنجا تحفا ڏيندا ۽ دعائون ڪندا آشرواد ڏيندا ويندا آهن. گهوٽ ۽ ڪنوار نئي زندگي جي سفر جي شروعات محبت ۽ پيار سان ڪندا آهن..

Thursday, 13 February 2020

Naresh Bheel BS Article Sindhi Referred back 114

An article needs a basic question or idea, some figures, facts, 
reference of some reports, arguments or some example.
 If u are going to only describe  today's youth, u should give some characteristics of today's youth that too needs examples and figures acts.
These are random thoughts can not be considered as an article of media
U have written wrong subject line, such thing will go missing in junk
Re-write it pls

Article Naresh Bheel BS 114 Sindhi
اڄ جو نوجوان ۽ تعليم--نريش ڀيل- 2k18-MC-114

سنڌي

اڄ جو نوجوان ۽ تعليم                                  

زندگي گذارڻ جي لاء تعليم جو وڏو ڪردار آهي ڇو ته تعليم اهڙي روشني آهي, جيڪا انسان کي تهذيب ۽ شعور سيکاريندي آهي. "علم انسان جي ٽئين اک آهي" تعليم سان انسان کي صحيح ۽ غلط جو فرق معلوم ٿيندو آهي. اڄ جي دنيا ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته دنيا ۾ ترقي يافته ۽ واڌاري کانسواء ڪجھ به نظر نه ايندو. انهي ترقي ۽ واڌاري ۾ جيترو هٿ تعليم جو آهي ايترو ئي نوجوان ۽ سندس محنت ۽ مهارت جو آهي. اڄ تعليم جي لحاظ کان هر پاسي تقريباً تمام گهڻيون سهولتون مهيا ڪيو ويون آهن. جنهن ۾ اسڪولون, ٽيوشن سينٽرس, لائبريريون, انٽرنيٽ, ڪتاب, اخبارون ۽ ڪيترائي پروگرام تعليم جي حوالي سان ٽي وي ۽ ريڊئي تي نشر ڪيا ويندا آهن. اڄ جي نوجوانن ۾ تعليم شرح ۽ اها شعور ناهي جيڪا هجڻ کپي. ائين به ٿئي سگهي ٿو ته اڄ جو نوجوان کي گهڻين سهولتن جي باوجود اسڪول مان اها تربيت حاصل نه پيا ڪري سگهن جيڪي اڳئي شاگردن کي نصيب ٿيندي هئي. تعليم  صرف ڪنهن به فرد جو پڙهيل لکيل هجڻ ناهي, پر جديد دور جي گهرجن موجب فني, هنري يا ٽيڪنيڪل ڪم ۾ مهارت هجڻ گهرجي ٿو, جيڪي معشيت جي ترقي لاء ضروري عنصر آهن.

هن وقت جي تعليم جنهن کي جديد تعليم جو نالو ڏنل آهي, انهي کي نظر ۾ رکندي اگر اسان اڄ کان 100 يا 150 سال اڲ جي تاريخ جي ورقن تي نظر وجهداسين, تنهن کي اڄ جي دور ۾ قديمي تعليم چيو وڃي ٿو. انهي ۾ اسان کي تمام گهڻو فرق نظر ايندو ڇو ته اڄ جي دور ۾ جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ لاء جيڪي سهولتون ۽ وسيلا موجود آهن. اهي وسيلا ۽ سهولتون پراڻي دور موجود نه هئا. پراڻي دور ۾ اگر ڪنهن وٽ علم يا ڄاڻ هوندي هئي ته اهو شخص اها ڪوشش ڪندو هو ته آئون پنهنجي هن علم جي ذريعي پنهنجا شاگرد تيار ڪيان ته اهي شاگرد دنيا ۾ اڲتي هلي پنهنجي نالي سان گڏ منهنجو نالو به روشن ڪن. جديد دور ۾ بنيادي تعليم ڪنهن به معاشري کي اڏڻ جي لاء ڪافي ناهي هوندي, پر ان سان گڏ هنر, سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ هجڻ لازمي شرط بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن پاڪستان هڪ پائيدار ۽ ترقي يافته ملڪ بڻجڻ گهري ٿو ته هن کي پنهنجي مستقبل يعنيٰ نوجوان نسل ۽ ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻي پوندي ته جيئن هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ترقي يافته ملڪن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهي. اڄ جي نوجوانن کي ايترين سهولتن ۽ وسيلن جي باوجود اهو مقام ماڻڻ ۾ ڇو پريشانين جي ور چڙهيو وڃن ٿا. يا ته وري هن کي پنهنجي صلاحيتن جي خبر ناهي هوندي يا ته پنهنجي قابليت تي ايترو عتماد ئي ناهي هوندو ته آئون جيڪا ڪم ڪيان ٿو اها انهي جي معيار تي الاهي   ڪهڙو ؟ ڪيئن پورو لاهن ؟ اگر ڪنهن شينهن کي مسلسل وڏي عرصي تائين گوشت  ڏنو وڃي ته پوء شينهن کي شڪار ڪرڻ وسري ويندو ته شڪار ڪيئن ٿو ڪجي. اهڙي ريت اسان جي سماج جا نوجوان کي تعليم يا علم حاصل ڪرڻ وارا رستا ئي وسري ويا آهن ته ڪئين ٿو علم پرائي سگهجي؟ اهي هميشه ڪاپي ڪلچر ۽ وري شفارش تي ڀاڙيندڙ رهيا آهن. انهن کي جيستائين خبر پوندي آهي ته اسان سماج سان گڏ پنهنجو به وڏو نقصان پيا ڪريون تيستائين ڪافي دير ٿئي ويندي آهي.

نوجوانن جو انٽرنيٽ, سوشل ميڊيا کي وڌ کان وڌ غلط استعمال ڪرڻ کي وڌيڪ وقت ڏيڻ ۽  ڪتابن جو تمام گهٽ مطالعو ڪرڻ جي ڪري اهي پنهنجي لڪيل خاصيتن کان بي خبر هوندا آهن ته اسان ڪهڙا ڪم سٺي نموني سان سرانجام ڏئي سگهون ٿا. پنهنجي منزل کان آهستي آهستي پري ٿيندا ويندا آهن.