Showing posts with label Sindhi. Show all posts
Showing posts with label Sindhi. Show all posts

Wednesday, 11 March 2020

Aleeza Jabbar- Profile- Sindhi Revised

Revised 
Editors pls, see whether instructions are carried or not. 
File name is wrong, it should be same like subject line 
pls write ur name and roll N0 etc in text file in English as well as in Sindhi.
Do not send again, until asked

Instructions were as under
Spelling and grammatical mistakes
Not in profile style. Profile means describing a personality in informal and interesting manner. 
Not reporting based
No theme 
Proper paragraphing is needed 

Aleeza Jabbar- Profile- Sindhi Revised

عبدالواحد آسي هڪڙو (اديب، شاعر ليکڪ)

عبدالواحد آسي هڪڙو 1959-01-31 ڳوٺ حاجي محمد جعفر هڪڙو ۾ جنم ورتو پرائمري اسڪول حاجي فيروز هڪڙو ۾ تعليم حاصل ڪيائين. اسڪول گھر کان ٽي ڪلوميٽر پري مسڻ ۾ هوندو هيو. کين اچڻ وڃڻ ۾ به ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي پر پوءِ به پنڌ ويندا هئا. سياري جي موسم هجي يا گرمي جي پر پوءِ به پنڌ ويندا هئا جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندا هئا ته اُتي جي لائبريري ۾ ڪاٺ جي پيتي ۾ ڪتاب پيل هوندو هيو. اُن وقت هڪ ناول پڙهيو هين “سنڊريلا” اُن ۾ هڪ ڪهاڻي هئي”ظفرڌاڙيلن جي چمبي ۾“. جڏهن اھا پڙهي ته کيس ڏاڍي دلچسپ لڳي. اُن پڙهڻ کانپوءِ مختلف ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳيو. ستين ڪلاس کان اسڪول جي تقريبن ۾ حصو وٺڻ لڳا. تقرير ڪرڻ به نه ايندي هئي ٽنگيون ڏنڪنديون هيون ڇوڪرا پاڻ مٿان  کلندا هئس پر پوءِ به هار نه مڃيائين، انهن ڏينهن جي وجه سان اڄ ڪنهن وڏي اسٽيج تي بيهندي تڪليف ناهي ٿيندي. پڙهائي جو شوق اڃان وڌندو رهيو. ڏاڏي جي سيراندي هڪ رسالو پيل هو  ”مخدوم عبدالرحيم گلوري صاحب“ اُهو پنهنجي ڏاڏي کي پڙهي ٻڌائيندا هيا. ڏکي سنڌي لکيل هوندي هئي پرپوءِ به پڙهندا هئا جتي غلط پرهندا هئا اُهو سندن ڏاڏو صحيح الفاظ سمجهائيندو هيو.  اج به اگر 1999 جو ڪتاب پڙهڻ تي ڏکيائي ناهي ٿيندوي آرام سان پڙهي ويندا آهن. بي اي ۾ گريجوئيشن ڪئي هين. تاريخي يا شاعري واري ڪچهري کيس ڏاڍي وڻندي هئي.رات جو اوطاق تي سڀ وڏا زماني جون ڳالهيون ڪندا هئا اتي ويهي به سبق حاصل ڪندا هئا تڏهن کيس سنڌ جي تاريخ پڙهڻ جو شوق جاڳيو، اُها پڙهين اُها پڙهندي تاريخي معصوميت اچي وئي اُن کي پڙهڻ کانپوءِ جنت الفردوس جو ڦاٽل ڪتاب ملين اُن کي ڀي پڙهين. جيئن پڙهندا رهيا تيئن شوق جاڳندو رهين. نئين زندگي رسالو نڪرندو هو ”پيغام“ رسالو اڄ به ڪراچي مان جاري آهي جڏهن اُهو پڙيهن ته اُن مان ڪافي معلومات ملين. پوءِ کيس شوق جاڳيو ته مان پاڻ ڇو نه لکان، اخبار کان شروعات ڪين. سنڌ نيوز اخبار ۾ 2،3 آرٽيڪل ڇپيا. ڪتابون پڙهندا رهيا، ڳجهارتون شاعري اهو فن به سکين. پڙهڻ جو شوق به رهين ته لکڻ جو به. 1985 ۾ وتايو فقير سيمينار ٿيو اُن ۾ به ٻهَ آرٽيڪل هين. 1985 واري انٽرنيشنل شاڳ لطيف ڪانفرنس ٿي اُن ۾ به آرٽيڪل هئا.
”شاھ جو سماوتي ۾ راضي ۾ سير وسفر 1986 ۾ آل پاڪستان شاھ لطيف ڪانفرنس ٿي اُن ۾ به آرٽيڪل هئن. ” شاھ جي شاعري، سنڌ جا ورق، ڪوٽڙي ڪبير ۾ هڪ ڪانفرنس ٿي سنڌ جي قديمي آثارن جو جائزو سکر ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪيائون اُتي ڪتابن ۾ به آرٽيڪل ڇپيل آهن شوق جاڳين ته علائقي جي تاريخ تي لکين. ٽنڊو الهيار جي تاريخ تي ڪافي مواد جمع ڪيو. هن وقت 10،000 ڪتاب سندس لائبريري ۾ موجود آهن.

1934-1929 تائين جون فائلون به فوٽوڪاپي ڪرائي رکيون هيون جيڪي اڃان تائين محفوظ پيل آهن.  ڀٽائي صاحب جا رساله بايوگرافي آف انسائيڪلوپيڊيا آف پاڪستان جا ٻئي واليم فوٽوڪاپي ڪري رکيا آهن  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي 42 ڪتابن مان 37 ڪتابن جا جلد موجود آهن. مختلف عالمن جي شاعري جو ڪتاب، روحانيت، اسلام، قرآن شريف جي تفصيل، حديث، ڪهاڻيون، افسانه ٽنڊو الهيار جي اديبن جي ڪتابن مان 290 جي قريب ڪتاب موجود آهن. ايڏو شوق رهين جو جڏهن به ڪتاب وٺڻ ويندا هئا ڀلي کائڻ جا پئسا هجن يا نه هجن پر ڪتاب ضرور وٺندا هئا اڄ به اگر حيدرآباد اچڻ ٿيندو اٿن ته پنج هزار تائين جا ڪتاب وٺي ويندا آهن ڪتابن جي سار سنڀال به ڏاڍي ڏکي آهي ڪتابن کي وٺي رڳو رکبو ناهي صاف صفائي به لازمي آهي ته انهن کي پڙهڻ به لازمي آهي. عبدالواحد آسي هڪڙو صاحب کي ڪتابن سان عشق هئو ۽ انهن اُهو عشق پورو ڪيو.
======================================================
Spelling and grammatical mistakes
Not in profile style. Profile means describing a personality in informal and interesting manner. 
Not reporting based
No theme 
Proper paragraphing is needed

عبدالواحد هڪڙو (اديب، شاعر ليکڪ)
عبدالواحد هڪڙو 1959-01-31 ڳوٺ حاجي محمد جافر هڪڙو ۾ جنم ورتو پرائمري اسڪول حاجي فيروز هڪڙو ۾ تعليم حاصل ڪيائين ٽي ڪلو ميٽر پرتي اسڪول هوندو هو پنڌ وڃڻ ۾ دشواري ٿيندي هين پر سردي هجي يا گرمي ويندا هئا جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندو هيو ته اُتي جي لائبريري ۾ ڪاٺي جي پيتي ۾ ڪتاب پيل هوندو هيو. اُن وقت هڪ ناول پڙهيو هين “سنڊريلا” اُن ۾ هڪ ڪهاڻي هئي“ظفرڌاڙيلن جي چمبي ۾”. جڏهن اھها پڙهي ته کيس ڏاڍي دلچسپ لڳي. اُن پڙهڻ کانپوءِ مختلف ڪتابن پڙهڻ جو شوق جاڳين. ستين ڪلاس کان اسڪول جي تقريبن ۾ حصو وٺڻ لڳا. تقرير ڪرڻ به نه ايندي هئي ٽنگيون ڏنڪنديون هيون ڇوڪرا کلندا هيا پر پوءِ به هار نه مڃيندا هيا انهن ڏينهن جي وجه سان اڄ ڪنهن وڏي اسٽيج تي تڪليف ناهي ٿيندي. پڙهڻ جو شوق اڃان وڌندو رهيو. ڏاڏي جي سيراندي هڪ رسالو پيل هو “ مخدوم عبدالرحيم گلوري صاحب” اُهو پنهنجي ڏاڏي کي پڙهي ٻڌائيندا هيا. مشڪل سنڌي لکيل هوندي هئي پرپوءِ به پڙهندا هئا جتي غلط ٿيندو هئو اُهو سندن ڌاڌو صحيح ڪرائيندو هو “ بي اي ۾ گريجوئيشن ڪئي هئن. تاريخي يا شاعري واري ڪچهري ۾ ويهڻ ڌاڍو وڻندو هئن. کيس سنڌ جي تاريخ پڙهڻ جو شوق ٿيو اُها پڙهين، اُها پڙهندي تاريخي معصوميت اچي وئي اُن کي پڙهڻ کانپوءِ جنت الفردوس جو ڦاٽل ڪتاب ملين اُن کي ڀي پڙهين. ائين پڙهڻ جو شوق جاڳندو رهيو. نئين زندگي رسالو نڪرندو هو پيغام اُهو به پڙهين. اُن مان معلومات ملين ته کيس شوق جاڳيو ته پاڻ ڇو نه لکن، اخبار کان شروعات ڪين. سنڌ نيوز اخبار ۾ 2،3 آرٽيڪل ڇپيا ڪتابون پڙهندا رهيا، ڳجهارتون شاعري اهو فن به سکين.
پڙهڻ جو شوق به رهين ته لکڻ جو به. 1985 ۾ وتايو فقير سيمينار ٿيو اُن ۾ به آرٽيڪل هين. 1985 ٻيون جيتريڳن ڪانفرنس ٿيون اُن ۾ به آرٽيڪل هئن. شوق جاڳين علائقي جي تاريخ تي لکين. ٽنڊو الهيار جي تاريخ تي ڪافي مواد جمع ڪيو. هن وقت 10،000 ڪتاب سندس لائبريري ۾ موجود هئا. 1934-1929 تائين جون فائلون به فوٽوڪاپي ڪرائي رکيون آهن. بايوگرافي آف انسائيڪلوپيڊيا آف پاڪستان جا ٻئي واليم فوٽوڪاپي ڪري رکيا آهن ڀٽائي صاحب جا رسالا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي 42 ڪتابن مان 37 ڪتابن جا جلد موجود آهن. مختلف عالمن جي شاعري جو ڪتاب، روحانيت، اسلام، قرآن شريف جي تفصيل، حديث، ڪهاڻيون، افسانه ٽنڊو الهيار جي اديبن جي ڪتابن مان 290 جي قريب ڪتاب موجود آهن. ڪتابن کي سنڀالڻ ۽ صفائي ڪرڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي. ڪتاب صرف گڏ ڪري رکڻ جي شءِ ناهي. عبدالواحد هڪڙو صاحب کي ڪتابن سان عشق هيو ۽ انهن اُهو عشق پوروڪيو.

Thursday, 5 March 2020

Mujeeb Saand - Profile Sindhi - Late 107

 Late
File name is wrong, even then it is posted on blog. Photo does not carry proper file name.  Mind it next time
Not reporting based. written in biographical style, its like article not profile.
Profile is informal style
Paragraphing not observed
Composing/ spelling mistakes


ڊاڪٽر عبدالستار

مجيب احمد ساند
2K18/MC/107

محنت  ۽ ڪوشش انسان کي ڪنھن به مرتبي تي پھچايو سگھن ٿيون ۽ ھڪ محنت ڪش ۽ مسلسل جدوجهد ڪندڙڪڏھن به مايوس ناھي ٿيندو پوء ان جا حالات ڀلي ڪيترا به ان جي خلاف ھجن.
          ڊاڪٽر عبدالستار جيڪو هڪ ڳوٺ هاشم ساند ۾ رهائش  پذير ھئو  ۽سندس تعلق ھڪ غريب خاندان سان ھئو  پر ان پنهنجي غربت ۽ حالاتن کي پنهنجي منزل مقصود ۽ ڪاميابين تي ڪڏهن به هاوي نه ٿيڻ ڏنو.ڊاڪٽر عبدالستار ننڍ پڻ کان وٺي نرم مزاج ۽ سادي طبيعت جو مالڪ ھئو. پاڻ ھميشه پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي پڙهاءي سان سچا ھا .پاڻ ڌاڳن ڦيڻن ۽ دعاعن کان وڌيڪ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش تي يقين رکندڙ انسان ھئا. پراءمري ۽ اليمينٽري جي جي تعليم کان وٺي پاڻ پڙھاءي جي گهڻو ويجهو هوندا ھئا. پاڻ جڏھن انٽر ۾ ھئا ته ڪجه زندگي جي حالاتن ۽ مسءلن جي ڪري سندن امتحانن جا نتيجا خراب آيا پر پوء به ان واقعي سندن پست نه ڪيا پر ان واقعي سان سندس ارادن بلند پرواز ورتي ۽سندس ارادا پختا ڪيا ۽پاڻ ٻيھر انٽر ۾ ايڊميشن ورتي ۽ پوء پاڻ پھرين کان به وڌيڪ محنت ۽ جدوجهد ڪءي ۽ پاڻ پتوڙڻ لڳا ۽ انھي جي نتيجي ۾ پاڻ سٺن نمبرن سان انٽر جي ڊگري حاصل ڪءي. ۽ پوء اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاء ڳوٺ مان نڪري شھر ڏانهن روانا ٿيا جتي پاڻ يونيورسٽي ۾ ايڊميشن ورتي ۽ اتان انجنءرنگ جي ڊگري حاصل ڪءي انهي وقت ڊاڪٽر صاحب جي زندگي ۾ اهڙو وقت آيو جنهن کي منهن ڏيڻ لاء پاڻ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش کي اڃا به وڌاءڻو پيو ڇو جو هاڻ پاڻ هڪ مان ٻه ٿي چڪا ھئا مطلب ته پاڻ شادي جي پاڪ رشتي ۾ اچي چڪا ھئا پوء پاڻ پنهنجي پڙھاءي ۽ گهر جي خرچ کي هلاءڻ لاء ھڪ ڪمپني ۾ عارضي طور تي نوڪري ڪءي ڇو جو سندس منزل اھا نه بلڪه اڃا ٻي ھءي ۽ پوء پاڻ نوڪري سان گڏو گڏ پنهنجي تعليم به جاري رکي ۽ ايم-فل ۾ ايڊميشن ورتي جيءن ءي ايم-فل جي ڊگري ملين ته پاڻ پنهنجي منزل مقصود هڪ قدم ٻيو کنيو ۽ پي-ايڇ-ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاء پرديس ڏانهن روانا ٿيا ۽ اچي ملاءشيا نڪتا ۽ اتي محنت ۽ جدو جهد جاري رکي ۽ ڪجه سال لڳاتار محنت ڪرڻ کانپوء پاڻ پي-ايڇ-ڊي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا جيڪا نه صرف سندن پاڻ لاء  خوشي جو مقام هو پر سندن خاندان ۽ سندن ڳوٺ لاء به وڏي فخر جوڳو هو.پي-ايڇ-ڊي ڪرڻ کان بعد پاڻ پنهنجي وطن عزيز ڏانهن روانا تيا ۽ پوء پاڻ پنهنجي پروفيشنل ڪيرير جو آغاز قاءد عوام يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي رتبي کان ڪيو. پر پاڻ سندن محنت اڃا به جاري رکي ۽ ڪجه ءي عرصي کانپوء پاڻ اليڪٽريڪل انجنيءرنگ جي شعبي ۾ ڊاءريڪٽر جو رتبو حاصل ڪيو. جيڪو پاڻ اڄ به نهايت خلوص ۽ سچائي سان نڀائي رهيا آهن.ڊاڪٽر صاحب پنهنجيون ڪوششون ۽محنتون پاڻ تائین محدود نه رکيون پر پنهنجي خاندان ۽ ڳوٺ جي نوجوانن ۽ پنهنجي شاگردن کي به ھميشه تاقيد ڪندا رهن ٿا ته ھميشه محنت ڪريو ۽ پنهنجي پاڻ تي يقين رکو. ڊاڪٽر صاحب ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻڻ جي باوجود پنهنجي اندر وڏاءـي ۽ تڪبر کي ذري برابر به جڳه نه ڏني پاڻ اڄ به ھر امير ۽ غريب کي کلي کيڪاريندا آهن.
ڊاڪٽر عبدالستار ساند پنهنجي ڳوٺ جي نوجوانن لاء هڪ مثال آھي ته محنت انسان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ٿي ۽ پاڻ سڄي ڳوٺ لاء فخر آھن جنهنجي ڪري هڪ ننڍو ڳوٺ ڪيترن ءي علائقن ۾ ڃاتو سڃاتو وڃي ٿو.

Monday, 2 March 2020

Abubakar Khoso Profile Sindh BS 09

Not checked


پروفائيل
                                                                          
مرتضي سيال ادب ۽ صحافت کان شروع ڪندي افيسر ٿيڻ تائين
  ابوبڪر

رول نمبر 2k19/mc/09
بيٽ سنڌي


سنڌ جي تاريخي شھر ھالاڻي جي ھڪ ڪکائن گهر ۾ جنم وٺندڙ مرتضي سيال جنهن پنهنجي زندگي کي "ادب ۽ صحافت کان شروع ڪندي ھڪ بالا آفيسر ٿيڻ تائين"  جي جدوجهد واري سڄي سفر کي ٻين نوجوانن لاء ھڪ متاثر شخصيت ڪندڙ ثابت ڪيو
آهي .
ھن محنت ڪش ۽ جاکوڙي  شخص جو جنم 29جون 1965ع ۾ ان وقت ٿيو جڏهن ون يونٽ جو دور ھو ۽ ملڪ ۾ افراتفري واريون حلاتون وڏي عروج تي پھتل ھنيون. سنڌ جي  شعور کي دٻائي ڪيترين ئي شاگردن اديبن ,شاعرن ۽ ڪلمگارن کي جيلن ۾ قيد ڪيو پئي ويو, انهي دور ۾ اک کوليندڙ مرتضي سيال جو ننڍپڻ ۾  پڙھائي سان لڳاء ۽ محبت  ھجڻ جي ڪري وقتن جا وقت گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويھي پنهنجي اسڪولي نصاب سان گڏ سنڌي رسالا ۽ ادب سان وابستا ٿيل ڪتاب ڏاڍو شوق سان پڙھڻندو ھو. اعليٰ ۽ وسيع سوچ ايڏي بلندي تي پھتل ھوس ت اگر ڪو گھر ۾ مھمان ايندو ھو ت ھن جي ڳالهائڻ ۽ سوچڻ جي طريقي مان حيران ٿي ويندو ھو ت ننڍڙو ٿي ڪري ڪيڏي وسيع سوچ جو مالڪ آهي. ھن ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي علم کي ٻين تائين پھچائڻ جي  ترجيع کي بلند ڪري پنهنجا ڪتاب ٻين دوستن کي پڙهڻ لاء ڏيڻ ۽ ان ڪتابن تي مختصر تبصرو ڪري  پنهنجي علم کي ٻين تائين پھچائڻ ۽  پنهنجي شھر جي غريب ٻارن کي ٽوشن پڙاهڻ ۽ بي گھر ماڻهن جي ھر وقت وارثي ڪندو رھندو ھو.
ھن جي محنت ڪشي ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ تيرهن سالن جي ننڍي عمر ۾ ابتدائي لکڻين جي شروعات 1978ع ۾ ٻارڙين ادب مان ڪئي, ٻارڙين ادب تي مھارت ھجڻ جي ڪري ھن ڪيترين ئي بھترين لکڻيون  لکيون. ھن جون لکڻيون ن صرف وڏي شوق سان پڙھيون وينديون ھنيون بلڪي وري لکڻين جو انتظار پڻ رھندو ھو . بھترين لکڻيون لکڻ جي ڪري ھن جون ڪيتريون ئي لکڻيون روزاني ھلال پاڪستان,عبرت, افتاب, ماھوار گل ڦل,رابيل,گلن جھڙا ٻارڙا اخبارن توڙي رسالن ۾ پڻ ڇپنديون رھيون,
ائين ئي مرتضي پنهنجي ابتدائي تعليم  پنهنجي اباڻي شھر مان حاصل ڪرڻ کانپوء لکڻين جي وڌندڙ چاھ ۽ ھن ڏتڙيل سماج ۾ ڌندڙ سماجي مسئلن, بي پھچ ۽ لاوارث بڻيل ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ۽ ان جي مدد ڪرڻ واري سوچ ھن کي صحافت طرف لاڙيو. انهي سبب جي ڪري ھن ماسٽرس پنهنجي پسنديده شعبي سنڌنيورسٽي جي ماس ڪميونيڪشين مان ڪئي. ادب ۽ صحافت سان رکڻ واري شوق جي ڪري وڏي عرصي تائين سنڌ جي مختلف رسالن ۽ ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪھاڻيون, مضمون ۽ ڪالم لکندو رهيو, ادب سان وابستا ٿيڻ جي ڪري ھن ٻ بھترين ڪتاب پڻ لکيا جنهن ۾" سڏڪو لکت ۾ " ۽ انٽرويوز تي مشتمل "سنڌ جي ساڃاھ کان سوال" شامل آهن.
بھترين ڪالم لکڻ جي ڪري ھن کي ڪيترائي ڪالم نگار جا ايوارڊ ۽ ھڪ بھترين ڪالم لکڻ تي اي پي اين ايس جو ايوارڊ پڻ حاصل ٿيو.
صحافت جي رستي تي ھلندي  20 سالن کان گھڻو عرصو صحافت کي ڏيڻ جي ڪري ھي ڪيترين ئي اخبارن ۽ مئگزينن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ تنھن دور جي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ۽ عروج تي پھتل سنڌي مئگزين عبرت جو انچارج ۽ ايڊيٽر پڻ رھيو.
صحافت جي ويھن سالن جي سفر ۾ مختلف تڪليفن ۽ عزيتن مان پڻ گذريو, غريب طبقي سان واسطو رکڻ جي ڪري ھن ھميشھ ڏتڙيل ۽ بي گھر بڻيل ماروئڙن جي بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي انھن جو آواز ٿي ڪري مدد ڪئي.
جنهن سماج انسان چاھيندو آهي ت منهنجو اسٽيٽس ٻين کان بلند ھجي ۽ سڀ ڪجھ گھرج رکڻ جي تمنا سانڍيندو آھي پر مرتضي پنهنجي ضرورتن ۽ خواهشن کي بند ٿيل ڪنهن ڪتاب جي لفظن جئيان بند ڪري رکي ڇڏيڻ کي ترجيح ڏنو. جڏھن ھي شادي کانپوء ھڪ ذميوار شخص منجھان ٿيو ت صحافت جي رستي تي اڻپوريون ٿيندڙ زندگي جي ضرورت ھن کي مايوس ڪري ھن جي زندگي جي رک کي تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ت "ھن سماج ۾ حقيقي صحافت ڪندڙن لاء صرف جيل ۽ عزيتون آهن ھتي حقيقي صحافت ڪيتري عرصي کان  موڪلائي رھي آهي , ايمانداري سان صحافت ڪندڙ پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ت ٺھيو پر ٻچن کي ڪنهن سٺي اسڪولي درسگاه ۾ ب پڙھائڻ جي پھچ ب نٿو رکي سگهي"
انهيَ سبب  جي ڪري پنهنجي زندگي جي ھوائن جي رخ کي تبديل ڪري صحافت کي مستقبل جو  پروفيشن بنائڻ بجائي ھن 1992ع ۾ سنڌيونيورسٽي جي  پبلڪ رليشنس شعبي ۾ ايڊمنسٽريشن طور ذميواريون سنڀالڻ کان پوء
پنڌرھن سال تائين سنڌنيورسٽي جي مختلف عھدن تي پنهنجيون ذميواريون سنڀاليندو رھيو.
ھن جفاڪش ۽ محنتي شخص جي بھترين ڪارگردگين جي نتيجي ۾ ھن کي 2015ع ۾ حيدرآباد جي امتحاني بورڊ جو ڪنٽرول طور ذميواريون سونپيون ويون.
ڪنٽرولر ٿيڻ کانپوء ھن امتحاني بورڊ ۾ ڪيترين ئي تبديليون آنديون جنهن ۾ ھن ڪاپي ڪلچر جي روجھان کي روڪڻ لاء  وڪالت جا پيپر اسڪولن ۽ ڪالجن ۾ ٿيڻ بجاء سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪرايا ۽ مختلف امتحاني سينٽرن تي موبائيل استعمال ۽ ڪاپي ڪندڙن لاء سخت اقدام پڻ کنيا.
غربت ۽ ھمدردي جو احساس رکندي انسان ذات جي ڀلائي لاء ھن ڪيترين ئي غريب شاگردن توڙي شاگردياڻين کي اسڪالرشپون ۽ بورڊ ۾ امتحاني پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي اسڪالرشپون پڻ ڏنيون.
اڄ ب امتحاني بورڊ جو ڪنٽرولر ٿيڻ جون ذميواريون سنڀالنيدي, ادب ۽ صحافت کان شروع ڪندڙ جي سفر کي افيسر ٿيڻ تائين" جي زندگي کي نالو ئي جدوجهد جو ڏئي ٻين نوجوانن لاء ھڪ انوکو مثال قائم ڪري زندگي کي متاثر ڪندڙ شخصيت منجهان ثابت ڪيو آهي....



 ابوبڪر
رول نمبر 2k19/mc/09
بيٽ سنڌي




Sunday, 1 March 2020

Naresh Bheel Profile Sindhi BS 114 Not checked.

Not checked.
Photo is required


Naresh Bheel 2k18/mc/114 profile Sindhi
         نريش ڀيل-114/ 2k18 /mc-پروفائل-سنڌي

                  مارڪسي ليکڪ ۽ مظلومن جو آواز
                                       محب ڀيل

سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ميدان ۾ مسڪين، مظلوم، پورهيت ۽ خانه بدوش انسانن جي مضبوط آواز، ترقي پسند مارڪسي ليکڪ جنهنجو نالو محب ڀيل آهي، سندس  چوڻ موجب اسان آدجڳاد کان سنڌ جا ڌڻي دراوڙ آهيون. وقت جي وهڪرن ۾ اسان لاتعداد ڏک، سور ۽ تڪليفون برداش ڪندي به سنڌ ڌرتي سان پنهنجو عشق نڀايو اچون. محب ڀيل پُراڻ ندي جي ڪنڌي تي آباد محبوب شهر جهڏي ۾ پيدا ٿيو. جنهن شهر ۾ پرين جيتري ڇڪ ۽ ڪشش محسوس ٿيندي آهي.

لکڻ جي شروعات هاءِ اسڪول جهڏو  ۾ پڙهائي دوران سندس تعلق ننڍڙن ٻارڙن جي تنظيم سجاگ ٻار تحريڪ  سان ٿيو، انهن ساٿين پڙهڻ لاءِ مختلف ڪتابڙا ڏنا، جنهن ۾ ٻاراڻي ادب سان لاڳاپيل ڪهاڻين جا ڪتاب، لطيفن جا ڪتاب، عام معلومات جا ڪتاب، گل ڦل رسالو وغيره,  مطالعي جو پابند ڪيو ويندو هو. هر مهيني لکڻ پڙهڻ بابت پُڇاڻو به ٿيندو هو، تڏهن اسان ڇپجڻ جي شوق ۾  ٻاراڻن رسالن ۾ لکندا هئاسين، اهو 1996ع جو سال هو. ادبي دوستن ۾ ايوب کوسو، صوفي اصغرکوسو، حنيف عاطر، ڪرم ڪلوئي، آفتاب ڪلوئي جهڙن دوستن جي صحبت ۽ رهنمائي ۾  ادب سفر جي شروعات ٿي، پنهنجي حال سارو اڄ ڏينهن تائين لکون پيا.
سندس لکڻ جا موضوع گھڻو ڪري مزدور، هاري، پورهيت ۽ ڌرتي جا لاڏائو ماڻهو آهن، ٻيا ڇو نه؟
ورندي ڏيندي چيائين:
ٻين موضوعن تي ٻيا ادبي دوست تمام گھڻو لکي رهيا آهن، هنن مسڪينن تي گھٽ لکيو وڃي ٿو، تنهنڪري منهنجي لکڻ جو محور ڌرتي تي تاريخ جا لُٽيل، ڦُريل،ٻاريل ۽ ساڙيل ماڻهو آهن، جن کي بدمست قبضاگير سامراجي قوتن غيرانساني، غير شرعي، غيرقانوني طور ڏاڍ، جبر، ظلم، انياءَ، ناانصافين جو شڪار بڻايو، ڌرتي جي ڪروڙين انسان جا حق غضب ڪري انهن جو استحصال ڪيو ويو. منهنجو انهن تي لکڻ انڪري فطري آهي جو آئون پاڻ بنيادي طور ان سنڌ ڌرتي جي لٽيل دراوڙ نسل سان تعلق رکان ٿو، جنهن ڌرتي جا اسان مالڪ آهيون اتي اسان جي پرامن هجڻ ڪري اسان کي غلام بڻايو ويو، جتي اسان جي ابن ڏاڏن حڪمراني ڪئي اتي اسان کي خانه بدوش بڻايو ويو، آريا قبضاگيرن سنڌ جي دراوڙن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا. موهن جي دڙي جي تهذيب سرجيندڙ ۽ عظيم سنڌي ثقافت جي وارثن ۽ فطرت جي عاشق دراوڙن کي شهري آبادين مان ڌڪي جهنگلن ڏانهن ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. آئون انڪري انهن ماڻهن تي لکندو آهيان جو منهنجو تعلق انهن غلام بڻايل ماڻهن سان آهي، منهنجي رڳن ۾ انهن جو خون گردش ڪري ٿو.

لکڻ بابت سندس خيال لکڻ هڪ عشق آهي، تاريخ جي هڪڙي اهم ذميواري آهي، ماڻهو مري سگهي ٿو، پر ڪتاب زندهه هوندا آهن. تنهنڪري ڌرتي جي هڪ فطري ليکڪ کي دؤر حاضر جو نهايت ئي انقلابي ۽ ادبي ايمانداري سان جائزو پيش ڪرڻو آهي. درٻاري لکندڙن کي وقت ڌوڙ ڪري ڇڏيندو آهي.وطن جي“مٽي” مان،مرتبو، عزت به بخشي ٿي، اهائي مٽي.

سنڌ واسي اوهان سان پيار ۽ محبت ڪرن ٿا اهو پنهنجي جاءِ تي پر اوهان کي ڪو سرڪاري ايوارڊ مليو آهي؟
ڪنهن به ماڻهو جو سياسي، سماجي، ادبي، قلمي پورهيو تاريخ ۾ ڪڏهن به رائگان نه ويندوآهي، سنڌ جو باشعور ماڻهو اسان کي جيءَ ۾ جايون ڏي ٿو اهو محبت ڪنهن ايوارڊ کان گھٽ نٿو سمجهان، سرڪاري ايوارڊ ليفٽ جي ماڻهن کي گھٽ ملندا آهن. تنهنڪري اهڙي اميد نٿو رکان. باقي ساليڊرٽي نيٽورڪ آف پاڪستان پاران “خورشيد قائم خاني ايوارڊ” “ٽنڊوالهيار مڃتا ايوارڊ” “دولهه درياهه خان ايوارڊ” نوجوان آزاد اتحاد پاران پورهيتن جي ليکڪ جو مڃتا ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن.

موجوده دؤر ۾ جيڪو ادب سرجي رهيو آهي، انهي تي محب ڀيل جا ويچار
آئون پاڻ به ادب جي ميدان ۾ شروعاتي پيرڙا کڻندڙ تاريخ جو معمولي شاگرد آهيان. تنهنڪري منهنجي ادبي نظر ڪا ايڏي دورانديش هرگز ناهي. پر پوءِ پنهنجي ناقص راءِ رکندي سمجهان ٿو ته تمام ٿورڙا اهي ماڻهو سٺو لکن ٿا جيڪي تمام سٺو پڙهن به ٿا. بنان پڙهڻ جي سٺو قطئه نٿو لکي سگهجي. لطيف جي ڪيل ڪمائي تي اسان عالمي ادب ۾ ته حصو پتي ڳنڍيو ويٺا آهيون. ان بعد اياز آهي. باقي لکيو تمام گھڻو پيو وڃي، پر وري به ان ڳالهه کي ورجائيندس ته سنڌ جي مٽي مان جيڪي ليجنڊ پيدا ٿيا انهن لاءِ سنڌڙي صديون سڪندي. ماضي ۾ جنهن ادب سنڌ جي تاريخ کي روشن ڪيو، هن وقت اهڙي ادب جي اميد ته نٿا رکي سگهون، سنڌ ۾ ماياناز شاعر، ليکڪ، اديب، ناول نگار، ڊرامانويس، افسانه نويس، ڪالم نويس، اسڪرپٽ رائٽر پيدا ٿيا. اهي هاڻ ڪٿان آڻيون،  لطيف، سچل، سامي، شيخ اياز، استاد بخاري، رسول بخش
اوهان ليکڪ ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي ڪيئن ٿا محسوس ڪيو؟
هن فيلڊ ۾ مون پاڻ کي وڏي عذاب ۾ محسوس ڪيو آهي. واقعي شعور وڏو سور آهي. توهان کي سماج ۾ بي شعور ماڻهو ڏاڍا خوش ۽ سُرها نظر ايندا. انهن جو قوم ۽ وطن جي مسڪين، مظلوم،پورهيت، اٻوجهه، هيڻن هارين، مزدورن، لاڏائو خانه بدوشن جي ڏکن، تڪليفن، عذابن، عقوبتن، اوچ، نيچ ۽ اڻبرابري جي انسان دشمن روين سان ڪو تعلق ئي ناهي، مونکي ته انهن پيڙهيل ماڻهن جا سور لکائيندا آهن. تنهنڪري مون جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي ۽ لکڻ شروع ڪيو آهي ته ڏاڍو ڀوڳيو آهي. پر هڪ ليکڪ کي مزاحمت ختم نه ڪرڻ گھرجي.

محب ڀيل جا هيستائين پنج ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ پهريون ڪتاب 1 تتل سج هيٺان، 2 هن رتائين راهه ۾، 3 جنين لوهه لڱن ۾، 4 دراوڙ جاڳ ۾  آهن، 5 چڱي نه خودڪشي هُئي. ان کان علاوه اڃان پنج ڪتاب مڪمل تيار آهن، جيڪي سلسليوار ڇپبا، هي سمورا ڪتاب مختلف موضوعن تي تحقيقي مضمون آهن. جن کي سنڌ ۾ تمام گھڻي موٽ ملي. انهي کان علاوه ننڍن وڏن مسلن ۽ ڳالهين تي پڻ اخبارن ۾ لکندو آهي.

اسان غريبن جي حياتي هزارين واقعن ۽ حادثن سان ڀري پئي آهي. تاريخ اسان تي ايترو جبر ڪيو آهي جو اسان انهن سورن ۽ واقعن کي پيٽاري ويا آهيون. محب ڀيل جي چوڻ موجب مون پنهنجي سياسي استاد محترم رسول بخش پليجي صاحب جي تربيت ۽ رهنمائي ۾ اهو سکيو آهي ته مايوس ناهي ٿيڻو، روئڻو ناهي، ٿڪي، ٽٽي ساهي پٽي وري اڳتي جدوجهد جي پيچري ۽ پنڌ تي روان دوان ٿيڻو آهي، عام، روايتي دنياداري جي وهڪري ۾ لڙهي ناهي وڃڻو، پنهنجي پيرن تي ثابت قدم بيهه حالتن سان مقابلو ڪرڻ ئي هڪ انقلابي ليکڪ ۽ ورڪر جو فرض آهي،  آئون ان فرض کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪيان پيو. زندگي ۾ هڪ واقعي ۾ مون  کي ائين لڳو ڄڻ منهنجو ساڄو هٿ ڪپجي ويو آهي، منهنجي انتهائي ويجهي همراز ساٿي ۽ ڀيڻوئي ڪامريڊ دودو ڀيل جي برين ٽيومر سبب جواني ۾ اوچتو هليو وڃڻ منهنجي حياتي جو اندر کي اڌ ڪندڙ واقعو هو. باقي مون پنهنجي غريباڻي زندگي ۾ ڪڏهن فضول خواهشون ۽ حسرتون پيدا ئي نه ڪيون آهن، جنهن جي پوري نه ٿيڻ جو ڪو ڏک رسي، سندس حياتي جو هڪ هڪ پل پنهنجي قوم، وطن جي مسڪين ماروئڙن، پورهيت، هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن قومي، عوامي جمهوري جدوجهد ذريعي انقلاب ۾ يقين رکندڙ مارڪسي ماڻهو آهي، معجزا، چمتڪار، حسرتون اسان جي حياتي ۾ ڪا معنى نٿيون رکن.ان هوندي به هڪ انسان هجڻ جي ناتي منهنجي اها حسرت آهي ته پورهيت انقلاب اچي ۽ عوامي راڄ هجي، سرمائيدارن جا ڀاري بُرج ڀڄي ڀُري ڪري پون، انسان ازل کان آجو آ.

محب ڀيل کي موسيقي، ساز، سنڌ، رقص، ڪتاب، رنگ، پکي ۽ پکين جون ٻوليون، وڻ، ٻار، رانديڪا، گل، خوشبو، بهار سڀ مونکي ڏاڍو وڻندا آهن.

سندس سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا. محبت پٿر دلين کي پگهاري ڇڏيندي آهي. محبت ڪائنات ۾ بيوسي جو عجيب احساس هوندو آهي. جنهن جي ڇڪ، ڪشش، لوچڻ ۽ لُڇڻ فقط هڪ محبوب لاءِ هوندو آهي، پر اسان ان محبت جو محور پنهنجي محبوب ڌرتي ماتا، پنهنجو دادلو سنڌو درياهه،  پنهنجي وطن جا وڻ، دنگ، ڍنڍون، ڍورا، ڪرڙ، ڪانڊيرا، ڳوٺ، واهڻ،وستيون، شهر، ٻولي، پورهيت ۽ ڌرتي ڌڪاڻا خانه بدوش آهن. اسان جو عشق ۽ محبت اول آخر “سنڌ” آهي.

آئون بنيادي طور  پورهيت ابن پورهيت آهيان. وندر اسان جي حياتي جي ڊڪشنري ۾ شامل ئي ناهي، اسان وٽ پيٽ گذر لاءِ ڪو سرمائيدارانا ذريعو ناهي، تنهنڪري اسان جو گذر سفر پکين جيئن آهي. لطيف سائين شايداسان لاءِ ئي چيو آهي ته “آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا” واندڪائي فقط تڏهن ملندي آهي جڏهن ڏهاڙي نه لڳندي آهي تڏهن ويهي مطالعو ڪندو آهيان، ڪتابن جي رهيل مضمونن کي مڪمل ڪندو آهيان.

خودڪشي تي محب جو هڪ ڪتاب به لکيل آهي ۽ ڪيترائي آرٽيڪل لکيا جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع به ٿيا آهن. خودڪشي نه رڳو سنڌ پر سموري حسين ڪائنات جو وڏو خطرناڪ الميو آهي. جنهن ڪروڙين گھر تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيا آهن. ان موضوع تي منهنجي مڪمل ٿيسز “چڱي نه خودڪشي هُئي” جي نالي سان مارڪيٽ ۾ آيل آهي. محب ڀيل پنهنجي حال موجب ان موضوع تي تحقيق ڪئي اٿم. ان ۾ تفصيل سان لکيل آهي. هن وقت ان جو هيل ٻيو ڀاڱو مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. خودڪشي بهادري ۽ بزدلي جو گڏيل احساس آهي. ان کان بچڻ لاءِ  سماج جو هر ذميوار باشعور فرد، انساني حقن جا عالمي ادارا، سياسي، سماجي، مذهبي ڌريون، تعليمي ادارا هڪ متحرڪ جاڳرتا مهم هلائن، معاشري ۾ علم سان سجاگي جي مهم هلائن، سرڪار بک، بيروزگاري ۽  بدحالي کي ختم ڪرڻ لاءِ نوڪريون ۽ روزگار جا نوان ذريعا فيڪٽريون ، ملز جو ڄار وڇائي. ماڻهن جي اٽي جو مسئلو حل ٿئي، خودڪشيون گھٽجي وينديون. خودڪشي ڪندڙن جي اڪثرين ڀيل، ڪولهي،ميگھواڙن سميت مسڪين مسلم برادرين جي آهي. اهو عذاب دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به آهي.
This is not interview, do not need msg 
محب ڀيل پڙهندڙ ڏانهن پيغام ڏيندي چيو ته هي
پيغام ناهي بس سنڌ جي شعور ڏانهن نياپو آهي، سنڌ جا نوجوان گھڻ طرفو مطالعو ڪن، دنيا جي سموري تاريخ کي پڙهن، ارتقا کي پڙهن، مذهبن جي تاريخ کي غور سان پڙهن ۽ پروڙين، دنيا ۾ آيل پورهيت انقلابن ۽ انقلاب دشمن قوتن جي سازشن کي پڙهن. سياست ۾  حصو وٺن، پڙهڻ سان گڏ هنر ضرور سکن. هن ڪائنات مان انس ان دشمن اڻبرابري، تنگ دلي، مذهبي رجعت پرستي، نفرتون ۽ ڪٽرپڻي جا خطرناڪ لاڙا ختم ڪري امن ۽ انسانيت جي اعلى قدرن جا محبوب لاڙا معتارف ڪرايا وڃن.

Javeed Ali Profile- Sindhi BS 70

Still not reporting based
Lashari is not Qoum, its tribe
Do not send write-ups in msg box of email
What inspired him?
Do not send again and again, how to decide which one is final.
However do not send again
محمد صفر لاشاري
                                        2k18/MC/70
                          جاويد لاشاري
محمد صفر لاشاري  جيڪو سنڌ جي هڪ ننڍڙي  شھر پيرشاھ بخاري ۾ 2 جولا۽ 1942 ۾ پيدا ٿيو. 
سندس تعلق هڪ غريب خاندان سان آهي.
محمد صفر لاشاري پنهنجي شروعاتي تعليم پير شاھ جي اسڪول ۾ ئي حاصل ڪئي غربت ۽ گهر جا حالات ٺيڪ نه هئڻ  ڪري پرائمري تعليم تائين رسائي حاصل ڪري سگھيو.
 محمد صفر لاشاري جي طبيعت سنجيدا ۽ اخلاق تمام اعليٰ آهي جنهن جي ڪري کيس ماڻهو تمام گهڻي عزت ۽ پيار ڏيندا آهن ۽ شروعات کان ئي غريبن جو هڏ ڏوکي رهيو آهي .
محمد صفر لاشاري ڪڏهن به ڪنهن سان تيز آواز ۾ ڪونه ڳالھايو سڀنين سان نياز ۽ نوڙت جو رويو اختيار ڪندڙ آهي.

 محمد صفر لاشاري جڏهن به ڪنهن سان ملاقات ڪندو آهي ته ملندڙ انسان جي دل ۾ پنهنجي جڳه ٺاهي وٺندو آهي سندس شفقت ۽ پيار ڀريئي لهجي مان سندس ملندڙ انتهائي متاثر ٿيندا هئا.
محمد صفر لاشاري پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جنهن ۾ ھن انسانيت جي خدمت ڪرڻ کي تمام گهڻي اوليت ڏني آهي جيڪا خوبي هن ۾ ننڍپڻ کان ئي شامل هئي .
محمد سفرلاشاري پنهنجي مفاد کان هٽي ڪري غريبن جي پنهنجي وس آهر مدد ڪندو آهي جنهن ڪجه ماڻهن کي هن گهر ٺهرائي ڏنا,ڪن کي پاڻئ لاء نلڪا ته ڪن ماڻهن کي روزگار ۽ گهر جا حالات ٺيڪ ڪرڻ لاء ماڻهن کي چوپايو مال پڻ وٺي ڏنو.
ڳوٺ جي ويجهو ڪو به اسڪول نه هئڻ ڪري,ھن پنهنجي ڳوٺ پير شاھ بخاري ۾ پنهنجي نالي سان ھڪ اسڪول ٺهرايو جنهن ۾ ڪيترائي ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
اسڪول اڏرائڻ کان پوء اتي هن اسڪول جي ڀرسان هڪ ديني تعليم لاء مدرسو پڻ ٺهرايو جنهن ۾ ڳوٺ جا ٻار ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
محمد صفر لاشارئ جو اهيو عظم هئو ته جيڪو ڪم مان اڪيلو ڪري رهيو آهيان جيڪڏهن ان ڪم لاء پنهنجي قوم کي شامل ٿيئڻ جي دعوت ڏيان ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.
تنهن کان پوء ھن پنهنجي جدوجھد سان ھڪ "لاشار" نالي ھڪ تنظيم 19 آڪٽوبر 1975 ۾ قائم ڪئي جنهن جو مقصد لاشاري قوم کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ متحد ڪرڻ ھيو ۽ پاڪستان جي چئن صوبن ۾ ڪٿي به لاشاري قوم سان ناانصافي يا حق نه ملڻ تي گڏ ٿي ڪري ان خلاف آواز بلند ڪرڻ ھيو ۽ اھا تنظيم پوري پاڪستان ۾ ھلي رهي آهي.
نه صرف لاشار قوم کي متحد ڪرڻ هئو پر هن جو اهو مقيد به هئو ته هنن کي گڏ ڪري انهن جي دلين ۾ اتساه پيدا ڪجي ته جيئن هو هر ڪنهن مددگار ٿي سگهن.
 شروعات ۾ لاشار تنظيم جا پرستار تمام گھٽ ھيا ۽ ھن پنهنجي جدوجھد سان ۽ لاشار تنظيم ۾ هن جيڪي ڪم ڪيا هن جون پنهنجي قوم لاء خدمتون ڏسي  لاشار قوم هن جي حامي ٿيئڻ لڳي.
هن وقت لاشار تنظيم پاڪستان جي سطح تي ڪم ڪري رهي آهي.
محمد صفر لاشاري پنهنجي تنظيم جي طرفان ڪيترائي جلسا ڪراچي لاهور اسلام آباد ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ پڻ ڪوٺايا آهن جنهن ۾ ھو ھميشه پنهنجي قوم جي ساراھ ڪندو آهي.
لاشار تنظيم جي ڪجه عرصي کان پوء سندس کيس شوق جاڳيو ته هڪ اخبار هئڻ گهرجي جنهن جي ذريعي پنهنجي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪجي ۽ انهن کي هر ڳاله کان باخبر رکڻ گهرجي.
محمد صفر لاشاري پنهنجي تنظيم جي طرفان "لاشار" نالي ھڪ اخبار شايع ڪئي. جنهن جو چيف ايڊيٽر پڻ پاڻ آهي جيڪا ھر مھيني شايع ٿيندي آهي لاشار اخبار آفيشلي طور تي شايع ٿيندي آهي  ۽ اھا پوري پاڪستان ۾ لاشاري قوم کان علاوه ٻين قومن وٽ به پڙهي ويندي آهي ۽ "لاشار" نالي سان رسالو پڻ شايع ٿيندو آهي.

محمد صفر لاشاري جي زندگي جو صرف ھڪ ئي خواب ھيو ته ھن جي نالي سان ھڪ ڪتاب شايع ٿئي ۽ نيٺ اھو خواب 2015 ۾ پورو ٿيو جنهن ۾ "السفر" جي نالي سان ھڪ ڪتاب شايع ٿيو جنهن جو ليکڪ خان محمد ھيو ۽ ان ڪتاب جا ھن وقت تائين 4 ڇاپا اچي چڪا آهن ۽ 5 ڇاپو اچڻ وارو آهي ھن ڪتاب ۾ محمد صفر لاشاري جي زندگي جو پسمنظر ڏنو ويو آهي.


Contents Not checked
100 words short
Write u name, roll and class etc here in the file
Not in profile style
Not reporting based.



"السفر"
محمد صفر لاشاري  جنهن جي پيدائش سنڌ جي ھڪ ننڍي شھر پير شاھ بخاري ۾ 2 جولا۽ 1942 ۾ ٿي
سندس تعلق هڪ غريب خاندان سان آهي

محمد صفر لاشاري پنهنجي شروعاتي تعليم پير شاھ جي اسڪول ۾ ئي حاصل ڪئي ھن پنهنجي تعليم غربت ھئڻ ڪري ۽ ڪجھ گهرو مسئلن جي ڪري پرائمري تعليم تائين رسائي حاصل ڪري سگھيو سندس طبيعت سنجيدا ۽ اخلاق تمام اعليٰ آهي جنهن جي ڪري کيس ماڻهو تمام گهڻي عزت ۽ پيار ڏيندا آهن
محمد صفر لاشاري ڪڏهن به ڪنهن سان تيز آواز ۾ ڪونه ڳالھايو اٿن جڏهن به ڪنهن سان ملندا آهن ته چھري تي ھڪ پيار ڀري مسڪراھٽ ھميشه قائم ھوندي اٿن پاڻ ننڊپڻ کان وٺي خدا جي عبادت جو قائل رھيو آهي پو۽ ڀلي نماز يا روزو ھجي ڪڏهن به قضا ڪرڻ جي ناهن سوچيندا
محمد صفر لاشاري پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جنهن ۾ ھن انسانيت جي خدمت ڪرڻ کي تمام گهڻي اوليت ڏني آهي جيڪا خوبي هن ۾ ننڍپڻ کان ئي شامل هئي
ھن پنهنجي ڳوٺ پير شاھ بخاري ۾ پنهنجي نالي سان ھڪ اسڪول ٺھرايو ۽ اتي اسڪول جي پاسي ۾ ئي ديني تعليم لا۽ ھڪ مسجد پڻ ٺھرائي جنهن ۾ شروع ۾ ٻارن کي بنا ڪنهن مفاد جي  ديني تعليم پڻ ڏيندو رھيو
محمد صفر لاشاري تمام گهڻو محنتي ھيو ھن پنهنجي جدوجھد سان ھڪ "لاشار" نالي ھڪ تنظيم 19 آڪٽوبر 1975 ۾ قائم ڪئي جنهن جو مقصد لاشاري قوم کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ متحد ڪرڻ ھيو ۽ پاڪستان جي چئن صوبن ۾ ڪٿي به لاشاري قوم سان ناانصافي يا حق نه ملڻ تي گڏ ٿي ڪري ان خلاف آواز بلند ڪرڻ ھيو ۽ اھا تنظيم پوري پاڪستان ۾ ھلي رهي آهي شروع ۾ ان تنظيم جا پرستار تمام گھٽ ھيا ۽ ھن پنهنجي جدوجھد سان لاشار تنظيم کي ايترو ڦھيلايو جو اڄ اھا تنظيم پوري پاڪستان ۾ مشهور آهي
محمد صفر لاشاري پنهنجي تنظيم جي طرفان ڪيترائي جلسا ڪراچي لاهور اسلام آباد ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ پڻ ڪوٺايا آهن جنهن ۾ ھو ھميشه پنهنجي قوم جي ساراھ ڪندو آهي
محمد صفر لاشاري پنهنجي تنظيم جي طرفان "لاشار" نالي ھڪ اخبار شايع ڪئي. جنهن جو چيف ايڊيٽر پڻ آهي جيڪا ھر مھيني شايع ٿيندي آهي لاشار اخبار آفيشلي طور تر شايع ٿيندي آهي  ۽ اھا پوري پاڪستان ۾ لاشاري قوم کان علاوه ٻين قومن وٽ به پڙهي ويندي آهي ۽ "لاشار" نالي سان رسالو پڻ شايع ٿيندو آهي
محمد صرف لاشاري جي زندگي جو صرف ھڪ ئي خواب ھيو ته ھن جي نالي سان ھڪ ڪتاب شايع ٿئي ۽ نيٺ اھو خواب 2015 ۾ پورو ٿيو جنهن ۾ "السفر" جي نالي سان ھڪ ڪتاب شايع ٿيو جنهن جو ليکڪ خان محمد ھيو ۽ ان ڪتاب جا ھن وقت تائين 4 ڇاپا اچي چڪا آهن ۽ 5 ڇاپو اچڻ وارو آهي ھن ڪتاب ۾ محمد صفر لاشاري جي زندگي جو پسمنظر ڏنو ويو آهي