Sunday 1 March 2020

Naresh Bheel Profile Sindhi BS 114 Not checked.

Not checked.
Photo is required


Naresh Bheel 2k18/mc/114 profile Sindhi
         نريش ڀيل-114/ 2k18 /mc-پروفائل-سنڌي

                  مارڪسي ليکڪ ۽ مظلومن جو آواز
                                       محب ڀيل

سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ميدان ۾ مسڪين، مظلوم، پورهيت ۽ خانه بدوش انسانن جي مضبوط آواز، ترقي پسند مارڪسي ليکڪ جنهنجو نالو محب ڀيل آهي، سندس  چوڻ موجب اسان آدجڳاد کان سنڌ جا ڌڻي دراوڙ آهيون. وقت جي وهڪرن ۾ اسان لاتعداد ڏک، سور ۽ تڪليفون برداش ڪندي به سنڌ ڌرتي سان پنهنجو عشق نڀايو اچون. محب ڀيل پُراڻ ندي جي ڪنڌي تي آباد محبوب شهر جهڏي ۾ پيدا ٿيو. جنهن شهر ۾ پرين جيتري ڇڪ ۽ ڪشش محسوس ٿيندي آهي.

لکڻ جي شروعات هاءِ اسڪول جهڏو  ۾ پڙهائي دوران سندس تعلق ننڍڙن ٻارڙن جي تنظيم سجاگ ٻار تحريڪ  سان ٿيو، انهن ساٿين پڙهڻ لاءِ مختلف ڪتابڙا ڏنا، جنهن ۾ ٻاراڻي ادب سان لاڳاپيل ڪهاڻين جا ڪتاب، لطيفن جا ڪتاب، عام معلومات جا ڪتاب، گل ڦل رسالو وغيره,  مطالعي جو پابند ڪيو ويندو هو. هر مهيني لکڻ پڙهڻ بابت پُڇاڻو به ٿيندو هو، تڏهن اسان ڇپجڻ جي شوق ۾  ٻاراڻن رسالن ۾ لکندا هئاسين، اهو 1996ع جو سال هو. ادبي دوستن ۾ ايوب کوسو، صوفي اصغرکوسو، حنيف عاطر، ڪرم ڪلوئي، آفتاب ڪلوئي جهڙن دوستن جي صحبت ۽ رهنمائي ۾  ادب سفر جي شروعات ٿي، پنهنجي حال سارو اڄ ڏينهن تائين لکون پيا.
سندس لکڻ جا موضوع گھڻو ڪري مزدور، هاري، پورهيت ۽ ڌرتي جا لاڏائو ماڻهو آهن، ٻيا ڇو نه؟
ورندي ڏيندي چيائين:
ٻين موضوعن تي ٻيا ادبي دوست تمام گھڻو لکي رهيا آهن، هنن مسڪينن تي گھٽ لکيو وڃي ٿو، تنهنڪري منهنجي لکڻ جو محور ڌرتي تي تاريخ جا لُٽيل، ڦُريل،ٻاريل ۽ ساڙيل ماڻهو آهن، جن کي بدمست قبضاگير سامراجي قوتن غيرانساني، غير شرعي، غيرقانوني طور ڏاڍ، جبر، ظلم، انياءَ، ناانصافين جو شڪار بڻايو، ڌرتي جي ڪروڙين انسان جا حق غضب ڪري انهن جو استحصال ڪيو ويو. منهنجو انهن تي لکڻ انڪري فطري آهي جو آئون پاڻ بنيادي طور ان سنڌ ڌرتي جي لٽيل دراوڙ نسل سان تعلق رکان ٿو، جنهن ڌرتي جا اسان مالڪ آهيون اتي اسان جي پرامن هجڻ ڪري اسان کي غلام بڻايو ويو، جتي اسان جي ابن ڏاڏن حڪمراني ڪئي اتي اسان کي خانه بدوش بڻايو ويو، آريا قبضاگيرن سنڌ جي دراوڙن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا. موهن جي دڙي جي تهذيب سرجيندڙ ۽ عظيم سنڌي ثقافت جي وارثن ۽ فطرت جي عاشق دراوڙن کي شهري آبادين مان ڌڪي جهنگلن ڏانهن ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. آئون انڪري انهن ماڻهن تي لکندو آهيان جو منهنجو تعلق انهن غلام بڻايل ماڻهن سان آهي، منهنجي رڳن ۾ انهن جو خون گردش ڪري ٿو.

لکڻ بابت سندس خيال لکڻ هڪ عشق آهي، تاريخ جي هڪڙي اهم ذميواري آهي، ماڻهو مري سگهي ٿو، پر ڪتاب زندهه هوندا آهن. تنهنڪري ڌرتي جي هڪ فطري ليکڪ کي دؤر حاضر جو نهايت ئي انقلابي ۽ ادبي ايمانداري سان جائزو پيش ڪرڻو آهي. درٻاري لکندڙن کي وقت ڌوڙ ڪري ڇڏيندو آهي.وطن جي“مٽي” مان،مرتبو، عزت به بخشي ٿي، اهائي مٽي.

سنڌ واسي اوهان سان پيار ۽ محبت ڪرن ٿا اهو پنهنجي جاءِ تي پر اوهان کي ڪو سرڪاري ايوارڊ مليو آهي؟
ڪنهن به ماڻهو جو سياسي، سماجي، ادبي، قلمي پورهيو تاريخ ۾ ڪڏهن به رائگان نه ويندوآهي، سنڌ جو باشعور ماڻهو اسان کي جيءَ ۾ جايون ڏي ٿو اهو محبت ڪنهن ايوارڊ کان گھٽ نٿو سمجهان، سرڪاري ايوارڊ ليفٽ جي ماڻهن کي گھٽ ملندا آهن. تنهنڪري اهڙي اميد نٿو رکان. باقي ساليڊرٽي نيٽورڪ آف پاڪستان پاران “خورشيد قائم خاني ايوارڊ” “ٽنڊوالهيار مڃتا ايوارڊ” “دولهه درياهه خان ايوارڊ” نوجوان آزاد اتحاد پاران پورهيتن جي ليکڪ جو مڃتا ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن.

موجوده دؤر ۾ جيڪو ادب سرجي رهيو آهي، انهي تي محب ڀيل جا ويچار
آئون پاڻ به ادب جي ميدان ۾ شروعاتي پيرڙا کڻندڙ تاريخ جو معمولي شاگرد آهيان. تنهنڪري منهنجي ادبي نظر ڪا ايڏي دورانديش هرگز ناهي. پر پوءِ پنهنجي ناقص راءِ رکندي سمجهان ٿو ته تمام ٿورڙا اهي ماڻهو سٺو لکن ٿا جيڪي تمام سٺو پڙهن به ٿا. بنان پڙهڻ جي سٺو قطئه نٿو لکي سگهجي. لطيف جي ڪيل ڪمائي تي اسان عالمي ادب ۾ ته حصو پتي ڳنڍيو ويٺا آهيون. ان بعد اياز آهي. باقي لکيو تمام گھڻو پيو وڃي، پر وري به ان ڳالهه کي ورجائيندس ته سنڌ جي مٽي مان جيڪي ليجنڊ پيدا ٿيا انهن لاءِ سنڌڙي صديون سڪندي. ماضي ۾ جنهن ادب سنڌ جي تاريخ کي روشن ڪيو، هن وقت اهڙي ادب جي اميد ته نٿا رکي سگهون، سنڌ ۾ ماياناز شاعر، ليکڪ، اديب، ناول نگار، ڊرامانويس، افسانه نويس، ڪالم نويس، اسڪرپٽ رائٽر پيدا ٿيا. اهي هاڻ ڪٿان آڻيون،  لطيف، سچل، سامي، شيخ اياز، استاد بخاري، رسول بخش
اوهان ليکڪ ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي ڪيئن ٿا محسوس ڪيو؟
هن فيلڊ ۾ مون پاڻ کي وڏي عذاب ۾ محسوس ڪيو آهي. واقعي شعور وڏو سور آهي. توهان کي سماج ۾ بي شعور ماڻهو ڏاڍا خوش ۽ سُرها نظر ايندا. انهن جو قوم ۽ وطن جي مسڪين، مظلوم،پورهيت، اٻوجهه، هيڻن هارين، مزدورن، لاڏائو خانه بدوشن جي ڏکن، تڪليفن، عذابن، عقوبتن، اوچ، نيچ ۽ اڻبرابري جي انسان دشمن روين سان ڪو تعلق ئي ناهي، مونکي ته انهن پيڙهيل ماڻهن جا سور لکائيندا آهن. تنهنڪري مون جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي ۽ لکڻ شروع ڪيو آهي ته ڏاڍو ڀوڳيو آهي. پر هڪ ليکڪ کي مزاحمت ختم نه ڪرڻ گھرجي.

محب ڀيل جا هيستائين پنج ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ پهريون ڪتاب 1 تتل سج هيٺان، 2 هن رتائين راهه ۾، 3 جنين لوهه لڱن ۾، 4 دراوڙ جاڳ ۾  آهن، 5 چڱي نه خودڪشي هُئي. ان کان علاوه اڃان پنج ڪتاب مڪمل تيار آهن، جيڪي سلسليوار ڇپبا، هي سمورا ڪتاب مختلف موضوعن تي تحقيقي مضمون آهن. جن کي سنڌ ۾ تمام گھڻي موٽ ملي. انهي کان علاوه ننڍن وڏن مسلن ۽ ڳالهين تي پڻ اخبارن ۾ لکندو آهي.

اسان غريبن جي حياتي هزارين واقعن ۽ حادثن سان ڀري پئي آهي. تاريخ اسان تي ايترو جبر ڪيو آهي جو اسان انهن سورن ۽ واقعن کي پيٽاري ويا آهيون. محب ڀيل جي چوڻ موجب مون پنهنجي سياسي استاد محترم رسول بخش پليجي صاحب جي تربيت ۽ رهنمائي ۾ اهو سکيو آهي ته مايوس ناهي ٿيڻو، روئڻو ناهي، ٿڪي، ٽٽي ساهي پٽي وري اڳتي جدوجهد جي پيچري ۽ پنڌ تي روان دوان ٿيڻو آهي، عام، روايتي دنياداري جي وهڪري ۾ لڙهي ناهي وڃڻو، پنهنجي پيرن تي ثابت قدم بيهه حالتن سان مقابلو ڪرڻ ئي هڪ انقلابي ليکڪ ۽ ورڪر جو فرض آهي،  آئون ان فرض کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪيان پيو. زندگي ۾ هڪ واقعي ۾ مون  کي ائين لڳو ڄڻ منهنجو ساڄو هٿ ڪپجي ويو آهي، منهنجي انتهائي ويجهي همراز ساٿي ۽ ڀيڻوئي ڪامريڊ دودو ڀيل جي برين ٽيومر سبب جواني ۾ اوچتو هليو وڃڻ منهنجي حياتي جو اندر کي اڌ ڪندڙ واقعو هو. باقي مون پنهنجي غريباڻي زندگي ۾ ڪڏهن فضول خواهشون ۽ حسرتون پيدا ئي نه ڪيون آهن، جنهن جي پوري نه ٿيڻ جو ڪو ڏک رسي، سندس حياتي جو هڪ هڪ پل پنهنجي قوم، وطن جي مسڪين ماروئڙن، پورهيت، هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن قومي، عوامي جمهوري جدوجهد ذريعي انقلاب ۾ يقين رکندڙ مارڪسي ماڻهو آهي، معجزا، چمتڪار، حسرتون اسان جي حياتي ۾ ڪا معنى نٿيون رکن.ان هوندي به هڪ انسان هجڻ جي ناتي منهنجي اها حسرت آهي ته پورهيت انقلاب اچي ۽ عوامي راڄ هجي، سرمائيدارن جا ڀاري بُرج ڀڄي ڀُري ڪري پون، انسان ازل کان آجو آ.

محب ڀيل کي موسيقي، ساز، سنڌ، رقص، ڪتاب، رنگ، پکي ۽ پکين جون ٻوليون، وڻ، ٻار، رانديڪا، گل، خوشبو، بهار سڀ مونکي ڏاڍو وڻندا آهن.

سندس سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا. محبت پٿر دلين کي پگهاري ڇڏيندي آهي. محبت ڪائنات ۾ بيوسي جو عجيب احساس هوندو آهي. جنهن جي ڇڪ، ڪشش، لوچڻ ۽ لُڇڻ فقط هڪ محبوب لاءِ هوندو آهي، پر اسان ان محبت جو محور پنهنجي محبوب ڌرتي ماتا، پنهنجو دادلو سنڌو درياهه،  پنهنجي وطن جا وڻ، دنگ، ڍنڍون، ڍورا، ڪرڙ، ڪانڊيرا، ڳوٺ، واهڻ،وستيون، شهر، ٻولي، پورهيت ۽ ڌرتي ڌڪاڻا خانه بدوش آهن. اسان جو عشق ۽ محبت اول آخر “سنڌ” آهي.

آئون بنيادي طور  پورهيت ابن پورهيت آهيان. وندر اسان جي حياتي جي ڊڪشنري ۾ شامل ئي ناهي، اسان وٽ پيٽ گذر لاءِ ڪو سرمائيدارانا ذريعو ناهي، تنهنڪري اسان جو گذر سفر پکين جيئن آهي. لطيف سائين شايداسان لاءِ ئي چيو آهي ته “آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا” واندڪائي فقط تڏهن ملندي آهي جڏهن ڏهاڙي نه لڳندي آهي تڏهن ويهي مطالعو ڪندو آهيان، ڪتابن جي رهيل مضمونن کي مڪمل ڪندو آهيان.

خودڪشي تي محب جو هڪ ڪتاب به لکيل آهي ۽ ڪيترائي آرٽيڪل لکيا جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع به ٿيا آهن. خودڪشي نه رڳو سنڌ پر سموري حسين ڪائنات جو وڏو خطرناڪ الميو آهي. جنهن ڪروڙين گھر تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيا آهن. ان موضوع تي منهنجي مڪمل ٿيسز “چڱي نه خودڪشي هُئي” جي نالي سان مارڪيٽ ۾ آيل آهي. محب ڀيل پنهنجي حال موجب ان موضوع تي تحقيق ڪئي اٿم. ان ۾ تفصيل سان لکيل آهي. هن وقت ان جو هيل ٻيو ڀاڱو مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. خودڪشي بهادري ۽ بزدلي جو گڏيل احساس آهي. ان کان بچڻ لاءِ  سماج جو هر ذميوار باشعور فرد، انساني حقن جا عالمي ادارا، سياسي، سماجي، مذهبي ڌريون، تعليمي ادارا هڪ متحرڪ جاڳرتا مهم هلائن، معاشري ۾ علم سان سجاگي جي مهم هلائن، سرڪار بک، بيروزگاري ۽  بدحالي کي ختم ڪرڻ لاءِ نوڪريون ۽ روزگار جا نوان ذريعا فيڪٽريون ، ملز جو ڄار وڇائي. ماڻهن جي اٽي جو مسئلو حل ٿئي، خودڪشيون گھٽجي وينديون. خودڪشي ڪندڙن جي اڪثرين ڀيل، ڪولهي،ميگھواڙن سميت مسڪين مسلم برادرين جي آهي. اهو عذاب دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به آهي.
This is not interview, do not need msg 
محب ڀيل پڙهندڙ ڏانهن پيغام ڏيندي چيو ته هي
پيغام ناهي بس سنڌ جي شعور ڏانهن نياپو آهي، سنڌ جا نوجوان گھڻ طرفو مطالعو ڪن، دنيا جي سموري تاريخ کي پڙهن، ارتقا کي پڙهن، مذهبن جي تاريخ کي غور سان پڙهن ۽ پروڙين، دنيا ۾ آيل پورهيت انقلابن ۽ انقلاب دشمن قوتن جي سازشن کي پڙهن. سياست ۾  حصو وٺن، پڙهڻ سان گڏ هنر ضرور سکن. هن ڪائنات مان انس ان دشمن اڻبرابري، تنگ دلي، مذهبي رجعت پرستي، نفرتون ۽ ڪٽرپڻي جا خطرناڪ لاڙا ختم ڪري امن ۽ انسانيت جي اعلى قدرن جا محبوب لاڙا معتارف ڪرايا وڃن.

No comments:

Post a Comment