Thursday 5 March 2020

Mujeeb Saand - Profile Sindhi - Late 107

 Late
File name is wrong, even then it is posted on blog. Photo does not carry proper file name.  Mind it next time
Not reporting based. written in biographical style, its like article not profile.
Profile is informal style
Paragraphing not observed
Composing/ spelling mistakes


ڊاڪٽر عبدالستار

مجيب احمد ساند
2K18/MC/107

محنت  ۽ ڪوشش انسان کي ڪنھن به مرتبي تي پھچايو سگھن ٿيون ۽ ھڪ محنت ڪش ۽ مسلسل جدوجهد ڪندڙڪڏھن به مايوس ناھي ٿيندو پوء ان جا حالات ڀلي ڪيترا به ان جي خلاف ھجن.
          ڊاڪٽر عبدالستار جيڪو هڪ ڳوٺ هاشم ساند ۾ رهائش  پذير ھئو  ۽سندس تعلق ھڪ غريب خاندان سان ھئو  پر ان پنهنجي غربت ۽ حالاتن کي پنهنجي منزل مقصود ۽ ڪاميابين تي ڪڏهن به هاوي نه ٿيڻ ڏنو.ڊاڪٽر عبدالستار ننڍ پڻ کان وٺي نرم مزاج ۽ سادي طبيعت جو مالڪ ھئو. پاڻ ھميشه پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي پڙهاءي سان سچا ھا .پاڻ ڌاڳن ڦيڻن ۽ دعاعن کان وڌيڪ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش تي يقين رکندڙ انسان ھئا. پراءمري ۽ اليمينٽري جي جي تعليم کان وٺي پاڻ پڙھاءي جي گهڻو ويجهو هوندا ھئا. پاڻ جڏھن انٽر ۾ ھئا ته ڪجه زندگي جي حالاتن ۽ مسءلن جي ڪري سندن امتحانن جا نتيجا خراب آيا پر پوء به ان واقعي سندن پست نه ڪيا پر ان واقعي سان سندس ارادن بلند پرواز ورتي ۽سندس ارادا پختا ڪيا ۽پاڻ ٻيھر انٽر ۾ ايڊميشن ورتي ۽ پوء پاڻ پھرين کان به وڌيڪ محنت ۽ جدوجهد ڪءي ۽ پاڻ پتوڙڻ لڳا ۽ انھي جي نتيجي ۾ پاڻ سٺن نمبرن سان انٽر جي ڊگري حاصل ڪءي. ۽ پوء اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاء ڳوٺ مان نڪري شھر ڏانهن روانا ٿيا جتي پاڻ يونيورسٽي ۾ ايڊميشن ورتي ۽ اتان انجنءرنگ جي ڊگري حاصل ڪءي انهي وقت ڊاڪٽر صاحب جي زندگي ۾ اهڙو وقت آيو جنهن کي منهن ڏيڻ لاء پاڻ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش کي اڃا به وڌاءڻو پيو ڇو جو هاڻ پاڻ هڪ مان ٻه ٿي چڪا ھئا مطلب ته پاڻ شادي جي پاڪ رشتي ۾ اچي چڪا ھئا پوء پاڻ پنهنجي پڙھاءي ۽ گهر جي خرچ کي هلاءڻ لاء ھڪ ڪمپني ۾ عارضي طور تي نوڪري ڪءي ڇو جو سندس منزل اھا نه بلڪه اڃا ٻي ھءي ۽ پوء پاڻ نوڪري سان گڏو گڏ پنهنجي تعليم به جاري رکي ۽ ايم-فل ۾ ايڊميشن ورتي جيءن ءي ايم-فل جي ڊگري ملين ته پاڻ پنهنجي منزل مقصود هڪ قدم ٻيو کنيو ۽ پي-ايڇ-ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاء پرديس ڏانهن روانا ٿيا ۽ اچي ملاءشيا نڪتا ۽ اتي محنت ۽ جدو جهد جاري رکي ۽ ڪجه سال لڳاتار محنت ڪرڻ کانپوء پاڻ پي-ايڇ-ڊي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا جيڪا نه صرف سندن پاڻ لاء  خوشي جو مقام هو پر سندن خاندان ۽ سندن ڳوٺ لاء به وڏي فخر جوڳو هو.پي-ايڇ-ڊي ڪرڻ کان بعد پاڻ پنهنجي وطن عزيز ڏانهن روانا تيا ۽ پوء پاڻ پنهنجي پروفيشنل ڪيرير جو آغاز قاءد عوام يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي رتبي کان ڪيو. پر پاڻ سندن محنت اڃا به جاري رکي ۽ ڪجه ءي عرصي کانپوء پاڻ اليڪٽريڪل انجنيءرنگ جي شعبي ۾ ڊاءريڪٽر جو رتبو حاصل ڪيو. جيڪو پاڻ اڄ به نهايت خلوص ۽ سچائي سان نڀائي رهيا آهن.ڊاڪٽر صاحب پنهنجيون ڪوششون ۽محنتون پاڻ تائین محدود نه رکيون پر پنهنجي خاندان ۽ ڳوٺ جي نوجوانن ۽ پنهنجي شاگردن کي به ھميشه تاقيد ڪندا رهن ٿا ته ھميشه محنت ڪريو ۽ پنهنجي پاڻ تي يقين رکو. ڊاڪٽر صاحب ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻڻ جي باوجود پنهنجي اندر وڏاءـي ۽ تڪبر کي ذري برابر به جڳه نه ڏني پاڻ اڄ به ھر امير ۽ غريب کي کلي کيڪاريندا آهن.
ڊاڪٽر عبدالستار ساند پنهنجي ڳوٺ جي نوجوانن لاء هڪ مثال آھي ته محنت انسان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ٿي ۽ پاڻ سڄي ڳوٺ لاء فخر آھن جنهنجي ڪري هڪ ننڍو ڳوٺ ڪيترن ءي علائقن ۾ ڃاتو سڃاتو وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment