Showing posts with label 107. Show all posts
Showing posts with label 107. Show all posts

Thursday, 5 March 2020

Mujeeb Saand - Profile Sindhi - Late 107

 Late
File name is wrong, even then it is posted on blog. Photo does not carry proper file name.  Mind it next time
Not reporting based. written in biographical style, its like article not profile.
Profile is informal style
Paragraphing not observed
Composing/ spelling mistakes


ڊاڪٽر عبدالستار

مجيب احمد ساند
2K18/MC/107

محنت  ۽ ڪوشش انسان کي ڪنھن به مرتبي تي پھچايو سگھن ٿيون ۽ ھڪ محنت ڪش ۽ مسلسل جدوجهد ڪندڙڪڏھن به مايوس ناھي ٿيندو پوء ان جا حالات ڀلي ڪيترا به ان جي خلاف ھجن.
          ڊاڪٽر عبدالستار جيڪو هڪ ڳوٺ هاشم ساند ۾ رهائش  پذير ھئو  ۽سندس تعلق ھڪ غريب خاندان سان ھئو  پر ان پنهنجي غربت ۽ حالاتن کي پنهنجي منزل مقصود ۽ ڪاميابين تي ڪڏهن به هاوي نه ٿيڻ ڏنو.ڊاڪٽر عبدالستار ننڍ پڻ کان وٺي نرم مزاج ۽ سادي طبيعت جو مالڪ ھئو. پاڻ ھميشه پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي پڙهاءي سان سچا ھا .پاڻ ڌاڳن ڦيڻن ۽ دعاعن کان وڌيڪ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش تي يقين رکندڙ انسان ھئا. پراءمري ۽ اليمينٽري جي جي تعليم کان وٺي پاڻ پڙھاءي جي گهڻو ويجهو هوندا ھئا. پاڻ جڏھن انٽر ۾ ھئا ته ڪجه زندگي جي حالاتن ۽ مسءلن جي ڪري سندن امتحانن جا نتيجا خراب آيا پر پوء به ان واقعي سندن پست نه ڪيا پر ان واقعي سان سندس ارادن بلند پرواز ورتي ۽سندس ارادا پختا ڪيا ۽پاڻ ٻيھر انٽر ۾ ايڊميشن ورتي ۽ پوء پاڻ پھرين کان به وڌيڪ محنت ۽ جدوجهد ڪءي ۽ پاڻ پتوڙڻ لڳا ۽ انھي جي نتيجي ۾ پاڻ سٺن نمبرن سان انٽر جي ڊگري حاصل ڪءي. ۽ پوء اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاء ڳوٺ مان نڪري شھر ڏانهن روانا ٿيا جتي پاڻ يونيورسٽي ۾ ايڊميشن ورتي ۽ اتان انجنءرنگ جي ڊگري حاصل ڪءي انهي وقت ڊاڪٽر صاحب جي زندگي ۾ اهڙو وقت آيو جنهن کي منهن ڏيڻ لاء پاڻ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش کي اڃا به وڌاءڻو پيو ڇو جو هاڻ پاڻ هڪ مان ٻه ٿي چڪا ھئا مطلب ته پاڻ شادي جي پاڪ رشتي ۾ اچي چڪا ھئا پوء پاڻ پنهنجي پڙھاءي ۽ گهر جي خرچ کي هلاءڻ لاء ھڪ ڪمپني ۾ عارضي طور تي نوڪري ڪءي ڇو جو سندس منزل اھا نه بلڪه اڃا ٻي ھءي ۽ پوء پاڻ نوڪري سان گڏو گڏ پنهنجي تعليم به جاري رکي ۽ ايم-فل ۾ ايڊميشن ورتي جيءن ءي ايم-فل جي ڊگري ملين ته پاڻ پنهنجي منزل مقصود هڪ قدم ٻيو کنيو ۽ پي-ايڇ-ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاء پرديس ڏانهن روانا ٿيا ۽ اچي ملاءشيا نڪتا ۽ اتي محنت ۽ جدو جهد جاري رکي ۽ ڪجه سال لڳاتار محنت ڪرڻ کانپوء پاڻ پي-ايڇ-ڊي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا جيڪا نه صرف سندن پاڻ لاء  خوشي جو مقام هو پر سندن خاندان ۽ سندن ڳوٺ لاء به وڏي فخر جوڳو هو.پي-ايڇ-ڊي ڪرڻ کان بعد پاڻ پنهنجي وطن عزيز ڏانهن روانا تيا ۽ پوء پاڻ پنهنجي پروفيشنل ڪيرير جو آغاز قاءد عوام يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي رتبي کان ڪيو. پر پاڻ سندن محنت اڃا به جاري رکي ۽ ڪجه ءي عرصي کانپوء پاڻ اليڪٽريڪل انجنيءرنگ جي شعبي ۾ ڊاءريڪٽر جو رتبو حاصل ڪيو. جيڪو پاڻ اڄ به نهايت خلوص ۽ سچائي سان نڀائي رهيا آهن.ڊاڪٽر صاحب پنهنجيون ڪوششون ۽محنتون پاڻ تائین محدود نه رکيون پر پنهنجي خاندان ۽ ڳوٺ جي نوجوانن ۽ پنهنجي شاگردن کي به ھميشه تاقيد ڪندا رهن ٿا ته ھميشه محنت ڪريو ۽ پنهنجي پاڻ تي يقين رکو. ڊاڪٽر صاحب ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻڻ جي باوجود پنهنجي اندر وڏاءـي ۽ تڪبر کي ذري برابر به جڳه نه ڏني پاڻ اڄ به ھر امير ۽ غريب کي کلي کيڪاريندا آهن.
ڊاڪٽر عبدالستار ساند پنهنجي ڳوٺ جي نوجوانن لاء هڪ مثال آھي ته محنت انسان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ٿي ۽ پاڻ سڄي ڳوٺ لاء فخر آھن جنهنجي ڪري هڪ ننڍو ڳوٺ ڪيترن ءي علائقن ۾ ڃاتو سڃاتو وڃي ٿو.

Monday, 27 January 2020

Mujeeb Saand Article Sindhi BS 107

However file name is not proper, do not do next time
It should be Article Mujeeb Sand BS Roll 107

  پاڪستان جي سياستدانن مان وابسته اميدون
مجيب احمد ساند
2k18/MC/107
سنڌي ۾ هڪ چوڻي مشهور آھي ته "اميدن تي دنيا قائم آھي" ۽ ڪنهن حد تائين ڏٺو وڃي ته اها چوڻي صحيح ثابت ٿئي ٿي. ڇو ته ان زندگي ۾ اسان کي ڪيترائي اهڙا انسان ملن ٿا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن اميد ۾ زندگي جي ڏيئي کي ٻاريو ويٺا آھن، جيئن هڪ هاري جڏهن ڪو فصل پوکي ٿو ته اهو ان مان اها اميد رکي ٿو ته هن دفعي فصل سٺي پيداوار ڏيندو ته ان جا مالي حالات بهتر ٿيندا تيئين ئي هڪ انٽر جي امحان ۾ ويهندڙ شاگرد جڏهن امتحان ڏي ٿو ته هو اها اميد رکي ٿو ته ان جي رزلٽ سٺي ايندي ته کيس يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملندي.
پر جڏهن اسين اسان جي پياري پاڪستان جا سياسي حالات ۽ سياستدان ڏسون ٿا ۽ اتا جا ماڻهون ڏسون ٿا ته اسان کي اها چوڻي حقيقي روپ ۾ ملي ٿي جتي جي ماڻهن کي ڏسي واقعي ۾ لڳي ٿو ته اها چوڻي نه پر هڪ سچ آھي جتي جا ماڻهون پنهنجي سياستدانن مان صرف اميد ئي رکيو ويٺا آھن جتي هر پنجن سالن کانپوءِ حڪومت ته بدلجي ٿي پر ماڻهن جون اميدون ساڳيون ئي رهن ٿيون. جيتوڻيڪ انهن ماڻهن جون سياستدانن مان اميدون ڪي وڏي پيماني تي نه آهن پر هتي جا سياستدان انهن اميدن کي پورو نٿا ڪن البته انهن اميدن تي هر سياستدان پاڻي ڦيريو ڇڏين.
جڏهن هڪ هاري ڪنهن سياستدان کي ووٽ ڏئي ٿو ته ان مان اها اميد رکي ٿو ته شايد  هي اڳيان هلي هن جي زراعت کي هٿي ڏيندو ۽ فصلن جو اگھ وڌائيندو ۽ زرعي ڀاڻ ۽ دوائون تان ٽيڪس گھٽائي انهن جي قيمتن ۾ ڪمي آڻيندو ۽ روزمره جون شيون مناسب ريٽ ۾ مهيا ڪندو، اتي ئي سندن علاج لاءِ سرڪاري اسپتالن جو قيام رکندو جتي هڪ غريب جو وڏي توڙي ننڍي بيمارين جو مفت علاج ڪيو ويندو ۽ اتي ئي سندن ٻارن لاءِ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جو قيام ڪندو جتي سندن ٻار اعليٰ معيار جي تعليم حاصل ڪندا ۽ اڳيان هلي ڪنهن خاص مقام تي پهچندا. اتي ئي جڏهن ڪو شاگرد ڪنهن سياستدان کي ووٽ ڏئي ان کي اڳڀرو ڪري ٿو ته هو ان مان اها اميد رکي ٿو ته هو اڳيان هلي ڪجھ اهڙا اپاءُ وٺندو جنهن سان ان کي معياري تعليم ميسر ٿيندي جيڪا چيٽنگ کان پاڪ ۽ صاف هوندي. اتي ئي هڪ بيروزگار سياستدانن مان اها اميد رکي ٿو ته ان کي هو نوان ۽ جديد روزگار جا ذريعا ميسر ڪيا ويندا جنهن کي اپنائي هو غربت جي زندگي مان نڪري هڪ سٺي زندگي بسر ڪندو ۽ جڏهن هو هنرمند ڪنهن کي ووٽ ڏئي چونڊي ٿو ته هو اها اميد رکي ٿو ته اڳيان هلي هن جي هنر ۽ ڪلاع کي هٿي ملندي ۽ هن جي هنر کي انٽرنيشل مارڪيٽ تائين پهچايو ويندو ۽ جڏهن ڪو ٽرانسپورٽر ڪنهن سياستدان کي ووٽ ڏئي ان کي اڳيان اچڻ ۾ مدد ڪري ٿو ته هو ان مان اها اميد رکي ٿو ته هو ان جي ٽرانسپورٽيشن جي سرشتي کي تيز ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ سٺا روڊ ۽ رستا مهيا ڪندو ۽ گئس ۽ تيل جا مناسب اگھ رکندو اتي ئي هڪ تاجر جا واپاري هڪ سياستدان مان اها اميد رکي ٿو ته ان جي واپار کي نوان ۽ جديد وسيلا ڏنا ويندا جنهن سان هي پنهنجي پيداوار جي خريدو فروخت ۽ انهن جي ايڪسپورٽيشن کي آسان بڻائيندو ساڳي طرح سان هڪ مال ملڪيت وارو شاهوڪار ماڻهون سياستدانن مان اها اميد رکي ٿو ته هو سندس مال ۽ ملڪيت ۽ جان جي محافظيءَ جي لاءِ سماج ۾ امن و امان کي بحال ڪندو ۽ اتي ئي هڪ دانشور ماڻهن هن سياستدانن مان اهي اميدون هونديون آھن ته هو اڳيان هلي سماج مان برايون، چوريون چڪاريون ختم ڪرائيندو ۽ ڪرپشن ۽ رشوت جهڙي موضي مرِض مان سماج کي ڇٽڪارو ڏياريندو.
جيئن ته اسان جو ملڪ هڪ زرعي ملڪ آھي ۽ هن ملڪ جو 70 سيڪڙو اڪانمي زراعت تي مشتمل آھي پر افسوس ته ان زراعت کي ڪابه ترقي نٿي ملي ۽ نه ئي ان جي اگھن ۾ واڌ يا اضافو ٿئي ٿو نه ئي وري اهي سياستدان عوام جي اميدن تي پورو لهن ٿا. اڄ تائين نه ته اهي اهڙيون اسپتالون عوام کي ڏئي سگھيا آھن جتي غريب يا امير پنهنجي بيماريءَ جو تسلي بخش علاج ڪرائي سگھن ۽ نه ئي انهن اهڙيون درسگاهون مهيا ڪيون آھن جيڪي جديد يا سٺي تعليم ڏئي سگھن ته اهي شاگرد اڳيان هلي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھن ۽ دنيا کان مقابلو ڪري سگھن ۽ نه ئي وري اهي سياستدان سماج جون چند اهم برايون جهڙوڪ ڪرپشن، رشوت يا چوريون انهن کي ختم ڪري سگھيا آهن ۽ نه وري نوجوانن جي نوڪرين لاءِ ميرٽ جي نظام کي چڱي طرح سان بحال ڪري سگھيا آهن، عوام جون اميدون صرف اميدون ئي رهجيو وڃن. اسان جا سياستدان اسان کي اليڪشن جي وقت سرگرم نظر اچن ٿا پر جيئين ئي اليڪشن گزري ٿي ته هو ائين غائب ٿيو وڃن جيئين ٻليءَ کي ڏسي ڪوئو غائب ٿئي.