Monday 27 January 2020

Mujeeb Saand Article Sindhi BS 107

However file name is not proper, do not do next time
It should be Article Mujeeb Sand BS Roll 107

  پاڪستان جي سياستدانن مان وابسته اميدون
مجيب احمد ساند
2k18/MC/107
سنڌي ۾ هڪ چوڻي مشهور آھي ته "اميدن تي دنيا قائم آھي" ۽ ڪنهن حد تائين ڏٺو وڃي ته اها چوڻي صحيح ثابت ٿئي ٿي. ڇو ته ان زندگي ۾ اسان کي ڪيترائي اهڙا انسان ملن ٿا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن اميد ۾ زندگي جي ڏيئي کي ٻاريو ويٺا آھن، جيئن هڪ هاري جڏهن ڪو فصل پوکي ٿو ته اهو ان مان اها اميد رکي ٿو ته هن دفعي فصل سٺي پيداوار ڏيندو ته ان جا مالي حالات بهتر ٿيندا تيئين ئي هڪ انٽر جي امحان ۾ ويهندڙ شاگرد جڏهن امتحان ڏي ٿو ته هو اها اميد رکي ٿو ته ان جي رزلٽ سٺي ايندي ته کيس يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملندي.
پر جڏهن اسين اسان جي پياري پاڪستان جا سياسي حالات ۽ سياستدان ڏسون ٿا ۽ اتا جا ماڻهون ڏسون ٿا ته اسان کي اها چوڻي حقيقي روپ ۾ ملي ٿي جتي جي ماڻهن کي ڏسي واقعي ۾ لڳي ٿو ته اها چوڻي نه پر هڪ سچ آھي جتي جا ماڻهون پنهنجي سياستدانن مان صرف اميد ئي رکيو ويٺا آھن جتي هر پنجن سالن کانپوءِ حڪومت ته بدلجي ٿي پر ماڻهن جون اميدون ساڳيون ئي رهن ٿيون. جيتوڻيڪ انهن ماڻهن جون سياستدانن مان اميدون ڪي وڏي پيماني تي نه آهن پر هتي جا سياستدان انهن اميدن کي پورو نٿا ڪن البته انهن اميدن تي هر سياستدان پاڻي ڦيريو ڇڏين.
جڏهن هڪ هاري ڪنهن سياستدان کي ووٽ ڏئي ٿو ته ان مان اها اميد رکي ٿو ته شايد  هي اڳيان هلي هن جي زراعت کي هٿي ڏيندو ۽ فصلن جو اگھ وڌائيندو ۽ زرعي ڀاڻ ۽ دوائون تان ٽيڪس گھٽائي انهن جي قيمتن ۾ ڪمي آڻيندو ۽ روزمره جون شيون مناسب ريٽ ۾ مهيا ڪندو، اتي ئي سندن علاج لاءِ سرڪاري اسپتالن جو قيام رکندو جتي هڪ غريب جو وڏي توڙي ننڍي بيمارين جو مفت علاج ڪيو ويندو ۽ اتي ئي سندن ٻارن لاءِ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جو قيام ڪندو جتي سندن ٻار اعليٰ معيار جي تعليم حاصل ڪندا ۽ اڳيان هلي ڪنهن خاص مقام تي پهچندا. اتي ئي جڏهن ڪو شاگرد ڪنهن سياستدان کي ووٽ ڏئي ان کي اڳڀرو ڪري ٿو ته هو ان مان اها اميد رکي ٿو ته هو اڳيان هلي ڪجھ اهڙا اپاءُ وٺندو جنهن سان ان کي معياري تعليم ميسر ٿيندي جيڪا چيٽنگ کان پاڪ ۽ صاف هوندي. اتي ئي هڪ بيروزگار سياستدانن مان اها اميد رکي ٿو ته ان کي هو نوان ۽ جديد روزگار جا ذريعا ميسر ڪيا ويندا جنهن کي اپنائي هو غربت جي زندگي مان نڪري هڪ سٺي زندگي بسر ڪندو ۽ جڏهن هو هنرمند ڪنهن کي ووٽ ڏئي چونڊي ٿو ته هو اها اميد رکي ٿو ته اڳيان هلي هن جي هنر ۽ ڪلاع کي هٿي ملندي ۽ هن جي هنر کي انٽرنيشل مارڪيٽ تائين پهچايو ويندو ۽ جڏهن ڪو ٽرانسپورٽر ڪنهن سياستدان کي ووٽ ڏئي ان کي اڳيان اچڻ ۾ مدد ڪري ٿو ته هو ان مان اها اميد رکي ٿو ته هو ان جي ٽرانسپورٽيشن جي سرشتي کي تيز ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ سٺا روڊ ۽ رستا مهيا ڪندو ۽ گئس ۽ تيل جا مناسب اگھ رکندو اتي ئي هڪ تاجر جا واپاري هڪ سياستدان مان اها اميد رکي ٿو ته ان جي واپار کي نوان ۽ جديد وسيلا ڏنا ويندا جنهن سان هي پنهنجي پيداوار جي خريدو فروخت ۽ انهن جي ايڪسپورٽيشن کي آسان بڻائيندو ساڳي طرح سان هڪ مال ملڪيت وارو شاهوڪار ماڻهون سياستدانن مان اها اميد رکي ٿو ته هو سندس مال ۽ ملڪيت ۽ جان جي محافظيءَ جي لاءِ سماج ۾ امن و امان کي بحال ڪندو ۽ اتي ئي هڪ دانشور ماڻهن هن سياستدانن مان اهي اميدون هونديون آھن ته هو اڳيان هلي سماج مان برايون، چوريون چڪاريون ختم ڪرائيندو ۽ ڪرپشن ۽ رشوت جهڙي موضي مرِض مان سماج کي ڇٽڪارو ڏياريندو.
جيئن ته اسان جو ملڪ هڪ زرعي ملڪ آھي ۽ هن ملڪ جو 70 سيڪڙو اڪانمي زراعت تي مشتمل آھي پر افسوس ته ان زراعت کي ڪابه ترقي نٿي ملي ۽ نه ئي ان جي اگھن ۾ واڌ يا اضافو ٿئي ٿو نه ئي وري اهي سياستدان عوام جي اميدن تي پورو لهن ٿا. اڄ تائين نه ته اهي اهڙيون اسپتالون عوام کي ڏئي سگھيا آھن جتي غريب يا امير پنهنجي بيماريءَ جو تسلي بخش علاج ڪرائي سگھن ۽ نه ئي انهن اهڙيون درسگاهون مهيا ڪيون آھن جيڪي جديد يا سٺي تعليم ڏئي سگھن ته اهي شاگرد اڳيان هلي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھن ۽ دنيا کان مقابلو ڪري سگھن ۽ نه ئي وري اهي سياستدان سماج جون چند اهم برايون جهڙوڪ ڪرپشن، رشوت يا چوريون انهن کي ختم ڪري سگھيا آهن ۽ نه وري نوجوانن جي نوڪرين لاءِ ميرٽ جي نظام کي چڱي طرح سان بحال ڪري سگھيا آهن، عوام جون اميدون صرف اميدون ئي رهجيو وڃن. اسان جا سياستدان اسان کي اليڪشن جي وقت سرگرم نظر اچن ٿا پر جيئين ئي اليڪشن گزري ٿي ته هو ائين غائب ٿيو وڃن جيئين ٻليءَ کي ڏسي ڪوئو غائب ٿئي.

No comments:

Post a Comment