Sunday 26 January 2020

Article Zuhaib Ahned Sindhi, 2K17-18/MC/156



Pls write proper subject line and file name.
It should be : Article –Zoiab-BS- 2K17-18/MC/156 Sindhi

In article u have to quote some official or research report to quantify the growth of beggars. How many were there some 3-5 years back or so?
Why beggars are attracted by Jamshoro? Ask some expert, sociologist etc.
Any police report or case regarding beggars? How many?
  ڄامشورو شهر ۾ فقيرن جو وڌندڙ رجحان

نالو: زوهيب سولنگي                                                                                                         رول نمبر: 156/ ايم سي/ ٽوڪي سيونٽين- ايٽين                                                                                   المنظر کان آمريڪا جي ايوانن تائين درسگاهن جي ڪري مشهور ڄامشورو ۾ نه صرف پاڪستان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ملڪن مان ڪيترائي نوجوان علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ اچن ٿا. علم پرائڻ جو مقصد سکڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ هوندو آهي. ان مقصد لاءِ ڄامشورو شهر ۾ جتي هيڏا وڏا ادارا آهن جن جو ڪم سيکارڻ هجي ٿو انهيءَ شهر منجهه ڪيترائي اڻ ڳڻيا مسئلا موجود آهن جن مان پنڻ جو آزار بہ شامل آهي. ڪيترائي ماڻهو بيروزگاري سبب يا وري ان کي ڪاروبار بڻائي عورتن ۽ ٻارڙن سميت پنن ٿا ڄامشورو شهر جيڪو لڳ ڀڳ ٻه لک جي آبادي تي مشتمل آهي جتي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آبادي سان گڏ وڌندڙ بيروزگاري ۽ مهنگائي سبب لڳ ڀڳ سون جي تعداد ۾ ماڻهو ٻار، وڏا، پوڙھا ۽ عورتون پنڻ جي ڌنڌي سان لڳل آهن. اهي پينو فقير مختلف ٽولن جي صورت ۾ شهر مختلف علائقن، بس اڏن، اسپتالن ۽ ادارن ۾ صبح جو سوير نڪري وڃن ٿا سڄو ڏينهن پنڻ کان پوءِ هزاري رپيا کڻي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ورن ٿا. جڏهن اسين ڄامشوري جي مختلف علائقن تي نظر وجهنداسين ته غريب آباد وارو علائقو، سنڌ يونيورسٽي جي پيٽرول پمپ وارو علائقو، پير باجيدي، مهراڻ يونيورسٽي جي سامهون زمين، سم نالي واري جهڳين ۾ سوين پينو فقير نظر ايندا جيڪي صبح جو سوير ٻچن ٻارن سميت ڄامشورو شهر ۾ توڙي مخصوص ڪيل هنڌن تي ٽولن جي صورت ۾ پنڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا. انهن پينو فقيرن جا مختلف طريقا هجن ٿا. ڪجهه الله جو واسطو ڏئي ماڻهن کان خير وٺن ٿا ته وري ڪجه فقير مختلف صدا هڻي پنن ٿا يا وري ڪجهه معذوري ۽ بيوس ڄاڻائي يا وري گهرجي ڀاتين جو بيمار هجڻ ڄاڻائي خيرات وٺن ٿا. يا وري اهڙا به سفيد پوش ماڻهو آهن جيڪي ڪرايو ختم ٿي وڃڻ، پئسا نڪري وڃڻ جا سبب ڄاڻائي خيرات وٺن ٿا ته ڪي وري مسجدن جي درن تي ويهي خيرات وٺن ٿا. اهڙن ڌنڌوڙي پينو فقيرن جي ڪري خيرات جا حقدار ماڻهو دربدر ۽ پريشان نظر اچن ٿا. انهن مافيائن جا ماڻهو  غيرقانوني ڏوهن ۽ واقعن ۾ ملوث هجن ٿا. انهن پينو فقير مافيائن جي اندر ڪجهه اهڙا عنصر به موجود هجن ٿا جيڪي شهر جي امن امان کي خراب ڪرڻ ۾ به ملوث هجن ٿا، جهڙوڪ مخبري ڪرڻ، چوريون ڪرائڻ، ڀنگ لاءِ اغوا، منشيات جي وڪري جهڙن خطرناڪ ڏوهن ۾ به ملوث هجن ٿا. انهن پينو فقير مافيائن جي پويان ڪيترائي وائيٽ ڪالر ماڻهو پٺ ڀرائي ڪندي نظر اچن ٿا فقيرن اندر حدن جو مسئلو هجي يا جهيڙو جهٽو يا وري پينو فقيرن سان دريش مسئلن کي نبيريندي نظر اچن ٿا. ڄامشورو ۾ پنندڙ فقيرن اندر وڏي تعداد ۾ معصوم ٻارڙن جي ھجي ٿي، جيڪي منٿن ميڙن ذريعي ماڻهن کان پئسا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ۽ ڪجهه وري اهڙا به فقير آهن جيڪي پئسا نه ڏيڻ تي ماڻهن کي گار گند ۽ مارڪٽ به ڪن ٿا. انهيءَ ۾ به ڪو به شڪ ناهي ته هتي پنندڙ فقيرن جي پنڻ جون به جايون مقرر ٿيل هجن ٿيون ۽ ڪنهن به نئين آيل فقير کي سندن پنڻ جي جاءِ تي بيهي پنڻ به نه ڏنو ويندو آهي، اهو ٻڌي ٿوري حيرانگي به ٿيندي ته هڪ هڪ رپيو ڪري پينو فقير سراسري طور 500 رپيا روزانو، مهيني ۾  15 هزار جڏهن ته 1 لک 80  هزار ساليانو گهر کڻي وڃن ٿا،  انهيءَ طريقي سان صرف ڄامشورو شهر مان ڌنڌوڙي پينو فقير ساليانه 27 ڪروڙ رپيا ڦرن ٿا. هاڻي ضرورت انهيءَ ڳالھ جي آھي ته خيرات ڏيڻ وقت اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اسين جيڪي پئسا ڏيون ٿا اهي مستحق ماڻهو کي ڏيو ٿا يا نه ۽ حڪومت کي به گهرجي ته معاشري کي صاف ۽ شفاف رکڻ لاءِ انهن ڌنڌوڙي پينو فقيرن خلاف ڪارروائي ڪري ته جيئن ملڪ مان پنڻ ۽ خيرات گهرڻ وارو موذي مرض ختم ٿي سگهي ۽ ان جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڏوهه بند ٿي سگهن




No comments:

Post a Comment