Sunday 26 January 2020

Article Jaswant BS- Sindhi MC-69



Wrong file name. 
How this topic was narrowed down? Its a speech type. Check ur approval notes. 
Observe proper paragraph. Every new point, new aspect and new information is new para
Referred back.

نوجوانن ڏانهن
جسونت
2k18/MC/69
مان مخاطب ٿيندس انهي نسل سان جيڪو طئع ڪندو آهي ته سماج جي چوڦير کي ڪهڙي رخ ڏانهن وٺي هلجي. مان مخاطب ٿيندس انهي طبقي سان جيڪو وقت جي بي رخين کي سيني سان لڳائي ۽ طوفانن جا مقابلا ڪرڻ جي سگه رکي ٿو. مان مخاطب ٿيندس انهي اشرف المخلوقات جي درجي سان جنهن جي ڪلهن تي هميشه نئي صبع جو بار هوندو آهي, جنهن جي اکين ۾ سدائين اهي جلوا هوندا اٿن جيڪي جلوا هڪ فوجي سپاهي جي اکين ۾ هوندا آهن جڏهن هو پنهنجي ما۽ کان موڪلائي سرحد پار ڏي دشمن سان مقابلي تي ويندو آهي. اهو طبقو چئون يا اها اميد جي شماع چئون يا اهو صبع چئون جيڪا اڄ کان بهتر هجي اها آهي" نوجوان نسل". اسين اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي بربريت, وهشت ۽ داداگيري جا اهي انبار آهن جيڪي سماج جي اخلاقي قدرن سان گڏوگڏ اجتمائي مفاد کي به مات ڏني آهي. انهي سڄي وايومنڊل ۾ ڏسڻو اهو آهي ته اڄ جو نوجوان ڪٿي بيٺو آهي. ائين ناهي ته هو سڻڀي گرھ لا۽ اصولن ۽ آدرشن جي سوديبازي تي لٿل آهي يا حق ۽ سچ جي راه تي گامزن آهي. مون کي تاريخ جا اهي باب ياد آهن جيڪي دنيا جي نقشي تي حق ۽ سچ جي علامت آهي, دنيا ۾ جيڪي به تاريخ تبديليون آيون آهن انهي جو مک ڪردار نوجوان رهيو آهي جنهن پنهنجي رت ۽ ست سان وهشيت ۽ اوچين ديوارن کي للڪار ڪئي آهي. اڄ جڏهن اسان جو نوجوان اعلي تعليم ادارن مان اعلي درجن جان امتحان پاس ڪري اچي ٿو ته اسان ۾ هڪ سڄاڳي جو سپنو خوشي منجهان نچي هلي ٿو ته ڇو ته ٻوساٽيل سماج ۾ نوجوان ڪنهن آزاد صبع جي سپني کان گهٽ ڪون هوندا آهن. جيڪڏهن سنڌ جي نوجوان نسل تي ويهي ويچارجي ته دماغ جا لکين سيل به سست ٿي سمهي پون ۽ ماڻهو ذهني دٻا۽ مريض ٿيو وڃي. منهنجي ذهين مطابق سنڌ  ۾ ٽن  قسمن جا نوجوان آهن. هڪڙا اهي جيڪو اعلي اهليتن ۽ قابليتن سان جديد دور جا حصو آهن جيڪي پنهنجو چڳو , برو سمجهن ٿا. جنهن کي خبر آهي ته سڀاڻي اڄ کان ڪٺڻ آهي جنهن کي اسان ويل ايجيوڪيٽڊ به چئي سگهون ٿا. جنهن ۾ گهڻي ڀاڳي اعلي طبقي جو ماڻهو آهي. ٻيا آهن وچيئن طبقي جا نوجوان جيڪي چٽاڀيٽي ۽ مستقبل جي ڊوڙ ۾ آهن جيڪا سمجهن ٿا ته اسان جو هلندڙ دور بيڪار آهي ۽ ايندڙ بهتر لا۽ پاڻ پتوڙين ٿا. ٽيون قسم جا اهي نوجوان آهن جيڪي هيٺيئن طبقي سان تعلق رکن ٿا جيڪو بلڪل طور تي  جديديت کان ناواقف آهن جيڪي فقط ٻن ويلن لا۽ ملن ۽ ڪارخانن جو بار ڪلهن تي کڻن ٿا انهي طبقي جي نوجوان کي خبر آهي ته اسان جو اڄ به بيڪار آهي ۽ صبع به بيڪار هوندو پر وسيلن جي اڻهوند سبب زندگي جيئن جي تيئن بسر ڪن ٿا. انهن ٽنهي قسمن جي نوجوان کي جانبدار ۽ اجتمائي اک سان ڏسبو ته اعلي طبقي جو نوجوان جيڪو فقط پنهنجي سڻڀي گرھ خاطر پنهنجي زندگي عياش ۽ آرامده لا۽ جيئندو آهي. چڳائي جي اميد يا تبديلي جو اهڃاڻ اڪثر وچئين طبقي جو نوجوان هوندو آهي, جنهن اڪثر خود زندگي کان پهرين اجتما۽ طرف ڌيان ڏنو آهي اڄ به جيڪڏهن نالي ماتر ڪا نوجوان سجاڳي آهي ته اها وچيئن طبقي جي نوجوان جي آهي. چوڻ جو مقصد آهي ته اسان ڀلي پنهنجي ذاتي ۾ ڇا هجون پر اسان کي اجتمائي شعور ۽ اجتمائي مفادن لا۽ پاڻ پتوڙڻ کپجي جيئن اسان جو ايندڙ نسل به خودمختيار ۽ خوشحال هجي.سياسي کيتر ۾ مان سنڌ جي نوجوان کي اهو ياد تازي ڪرائيندس ته توهان جي آواز جي پڙلا۽ تي آمريتي ڏاڍ جا گوڏا ڏڪي ويندا هئا, مان اهو به ڌيان نشين ڪرائڻ چاهيان ٿو ته سنڌ جي سڀني سياسي تحريڪن ۾ توهان جو آواز نمايان ۽ ڀرجهلو رهيو آهي. انهي آواز جي ا ڄ به سنڌ کي ضرورت آهي ۽ اهو آواز توهان جي ڳلي جي غدودن مان نڪري نروار ٿيڻ لا۽ سنڌين جون اکيون آتيون آهن. اچو ته صدين جي سوال جو جواب ڳوليون, اچو ته پنهنجي ضمير کان اهو سوال ڪيون ته اسان هڪ معاشري ۾ ڇا لا۽ آيا آهيون ۽ اسان کي ڇا ڪرڻ کپي ۽ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون. اچو ته هزارين مظلوم قوم جو ڀرجهلو آواز ۽ تازي روشني ٿيون . مان اميد جي ا گهڙي ۾ پيدا ٿيو آهيان مون  سمجهيو آهي ته مايوسي ڪفر آهي, تنهن جي ڪري مان نوجوان سان مخاطب ٿيندي اهو چوندس ته خوشحالي گهر ويٺي جهولي ۾ نه ايندي سرهاڻ لا۽ ٻوٽا پوکبا آهن توهان اهي ٻوٽا آهيو جيڪي هن فرسودا نظام کي خوشبو۽ سان سجائي سگهون ٿا.

No comments:

Post a Comment