Monday 27 January 2020

Zohaib Solangi, Sindhi, Article 156(2k17)

Revised

File name wrong, last chance, next time will not be considered.

      ڄامشورو شهر ۾ فقيرن جو وڌندڙ رجحان
نالو: زوهيب سولنگي
رول نمبر: 156/ ايم سي/ ٽوڪي سيونٽين- ايٽين

المنظر کان آمريڪا جي ايوانن تائين درسگاهن جي ڪري مشهور ڄامشورو شھر ۾ نه صرف پاڪستان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ملڪن مان ڪيترائي نوجوان علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ اچن ٿا. علم پرائڻ جو مقصد سکڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ هوندو آهي. ان مقصد لاءِ ڄامشورو شهر ۾ جتي هيڏا وڏا ادارا آهن جن جو ڪم سيکارڻ هجي ٿو انهيءَ شهر منجهه ڪيترائي اڻ ڳڻيا مسئلا پڻ موجود آهن جن مان پنڻ جو آزار بہ شامل آهي. ڪيترائي ماڻهو بيروزگاري سبب يا وري ان کي ڪاروبار بڻائي عورتن ۽ ٻارڙن سميت پنن ٿا ڄامشورو شهر جيڪو لڳ ڀڳ ٻه لک جي آبادي تي مشتمل آهي جتي ڪجهه سال اڳ گهٽ آبادي هجڻ ڪري  فقيرن جو تعداد به گهٽ هو هڪ اندازي مطابق پنج سو هو جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آبادي سان گڏ وڌندڙ بيروزگاري ۽ مهنگائي سبب پينو فقيرن جو تعداد وڌي هڪ هزار تائين وڃي پهتي آهي، هتي ٻار، وڏا، پوڙھا ۽ عورتون پنڻ جي ڌنڌي سان لڳل آهن. اهي پينو فقير مختلف ٽولن جي صورت ۾ شهر مختلف علائقن، بس اڏن، اسپتالن ۽ ادارن ۾ صبح جو سوير نڪري وڃن ٿا سڄو ڏينهن پنڻ کان پوءِ هزاري رپيا کڻي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ورن ٿا. جڏهن اسين ڄامشوري جي مختلف علائقن تي نظر وجهنداسين ته غريب آباد وارو علائقو، سنڌ يونيورسٽي جي پيٽرول پمپ وارو علائقو، پير باجيدي، مهراڻ يونيورسٽي جي سامهون زمين، سم نالي واري جهڳين ۾ سوين پينو فقير نظر ايندا جيڪي صبح جو سوير ٻچن ٻارن سميت ڄامشورو شهر ۾ يونيورسٽين، اسپتالن، هوٽلن، رستن جي چوراهن توڙي مخصوص ڪيل هنڌن تي ٽولن جي صورت ۾ پنڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا. انهن پينو فقيرن جا مختلف طريقا هجن ٿا. ڪجهه الله جو واسطو ڏئي ماڻهن کان خير وٺن ٿا ته وري ڪجه فقير مختلف صدا هڻي پنن ٿا يا وري ڪجهه معذوري ۽ بيوس ڄاڻائي يا وري گهرجي ڀاتين جو بيمار هجڻ ڄاڻائي خيرات وٺن ٿا. جنهن ۾ ڳاڙهي ڪنوار ملڻ، پٽ ڄمڻ،  اميد پوري ٿيڻ، امتحان ۾ پاس ٿيڻ، نوڪري ملڻ، نوڪري ۾ ترقي ملڻ، ڪاروبار ۾ واڌارو ٿيڻ جون صدائون هڻي خيرات جي گهر ڪئي ويندي آهي وري اهڙا به سفيد پوش ماڻهو آهن جيڪي ڪرايو ختم ٿي وڃڻ، پئسا نڪري وڃڻ جا سبب ڄاڻائي خيرات وٺن ٿا ته ڪي وري مسجدن جي درن تي ويهي خيرات وٺن ٿا. اهڙن ڌنڌوڙي پينو فقيرن جي ڪري خيرات جا حقدار ماڻهو دربدر ۽ پريشان نظر اچن ٿا. انهن مافيائن جا سرپرست سفيد پوش ماڻهو غيرقانوني ڏوهن ۽ واقعن ۾ ملوث هجن ٿا. انهن پينو فقير مافيائن جي اندر ڪجهه اهڙا عنصر به موجود هجن ٿا جيڪي شهر جي امن امان کي خراب ڪرڻ ۾ به ملوث هجن ٿا، جهڙوڪ مخبري ڪرڻ، چوريون ڪرائڻ، ڀنگ لاءِ اغوا، فحاشي جا،  جوا جا آڏا هلائڻ سميت منشيات جي وڪري جهڙن خطرناڪ ڏوهن ۾ به ملوث هجن ٿا، جيڪي پينو فقيرن جي جهوپڙين کي محفوظ هنڌ سمجهي استعمال ڪن ٿا ايتري قدر جو نوجوان فقيرياڻين جا ٽولا شهر جي هوٽلن تي ويهي سگريٽن جا ڪش هڻي ۽ فحش حرڪتون ڪندي نوجوانن توڙي عام ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري پنڻ جي نالي تي لٽمار ڪن ٿيون. انهن پينو فقير مافيائن جي پويان ڪيترائي وائيٽ ڪالر ماڻهو پٺ ڀرائي ڪندي نظر اچن ٿا، مختلف تي پينو فقيرن سان ٿيندڙ مامرن کي راڄوڻي توڙي پوليس ۽ ڪورٽ ڪچهري ۾ حل ڪرائين ٿا، جنهن ۾ خود فقيرن اندر حدن جو مسئلو هجي يا جهيڙو جهٽو يا وري پينو فقيرن سان دريش مسئلن کي نبيريندي نظر اچن ٿا. ڄامشورو ۾ پنندڙ فقيرن اندر وڏي تعداد ۾ معصوم ٻارڙن جي ھجي ٿي، جيڪي منٿن ميڙن ذريعي ماڻهن کان پئسا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ۽ ڪجهه وري اهڙا به فقير آهن جيڪي پئسا نه ڏيڻ تي ماڻهن کي گار گند ۽ مارڪٽ به ڪن ٿا. انهيءَ ۾ به ڪو به شڪ ناهي ته هتي پنندڙ فقيرن جي پنڻ جون به جايون مقرر ٿيل هجن ٿيون ۽ ڪنهن به نئين آيل فقير کي سندن پنڻ جي جاءِ تي بيهي پنڻ به نه ڏنو ويندو آهي، اهو ٻڌي ٿوري حيرانگي به ٿيندي ته هڪ هڪ رپيو ڪري پينو فقير سراسري طور 300 رپيا روزانو، مهيني ۾  9 هزار جڏهن ته هڪ لک 8 هزار ساليانو گهر کڻي وڃن ٿا،  انهيءَ طريقي سان صرف ڄامشورو شهر مان ڌنڌوڙي پينو فقير ساليانه 7 ڪروڙ 56 لک رپيا ڦرن ٿا. سروي دوران اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڄامشورو ٿاڻي تي شراب، چرس، ڀنگ جي وڪري فحاشي جا آڏا هلائڻ ۽ جوا ڪرائڻ جي الزامن وارا ٻن ڊزنن کان وڌيڪ ڪيس اهڙن مرد توڙي عورت پينو فقيرن مٿان داخل ڪيل آهن. سروي دوران اهو به سوال پيدا ٿيو ته آخرڪار ايڏي وڏي تعداد ۾ هتي فقير ڇو موجود آهن ته ان جو اڪثريت ۾ اهو جواب مليو ته ٻين شهرن جي نسبت هتي جي آبادي ۾ بيروزگاري گهڻي آهي، هتي اسپتال آهي، تعليمي ادارا آهن، سپر هاءِ وي، انڊس هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي جا پاڻ جوڙ، انهن جا بس اسٽاپ، ريلوي اسٽيشن سوڌو ٻيا ڪيترائي ادارا موجود آهن جيڪي انهن پينو فقيرن جي ججهي روزي جو سبب بڻجڻ ٿا، هن وقت ضرورت انهيءَ ڳالھ جي آھي ته خيرات ڏيڻ وقت اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اسين جيڪي پئسا ڏيون ٿا اهي مستحق ماڻهو کي ڏيو ٿا يا نه ۽ حڪومت کي به گهرجي ته معاشري کي صاف ۽ شفاف رکڻ لاءِ انهن ڌنڌوڙي پينو فقيرن خلاف ڪارروائي ڪري ته جيئن ملڪ مان پنڻ ۽ خيرات گهرڻ وارو موذي مرض ختم ٿي سگهي ۽ ان جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڏوهه بند ٿي سگهن.

    
  ڄامشورو شهر ۾ فقيرن جو وڌندڙ رجحان
نالو: زوهيب سولنگي
رول نمبر: 156/ ايم سي/ ٽوڪي سيونٽين- ايٽين

المنظر کان آمريڪا جي ايوانن تائين درسگاهن جي ڪري مشهور ڄامشورو شھر ۾ نه صرف پاڪستان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ملڪن مان ڪيترائي نوجوان علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ اچن ٿا. علم پرائڻ جو مقصد سکڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ هوندو آهي. ان مقصد لاءِ ڄامشورو شهر ۾ جتي هيڏا وڏا ادارا آهن جن جو ڪم سيکارڻ هجي ٿو انهيءَ شهر منجهه ڪيترائي اڻ ڳڻيا مسئلا پڻ موجود آهن جن مان پنڻ جو آزار بہ شامل آهي. ڪيترائي ماڻهو بيروزگاري سبب يا وري ان کي ڪاروبار بڻائي عورتن ۽ ٻارڙن سميت پنن ٿا ڄامشورو شهر جيڪو لڳ ڀڳ ٻه لک جي آبادي تي مشتمل آهي جتي ٽي سال اڳ گهٽ آبادي هجڻ ڪري فقيرن جو تعداد به گهٽ هو هڪ اندازي مطابق پنج سو فقير هوا جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آبادي سان گڏ وڌندڙ بيروزگاري ۽ مهنگائي سبب پينو فقيرن جو تعداد وڌي ست سئو تائين وڃي پهتو آهي، هتي ٻار، وڏا، پوڙھا ۽ عورتون پنڻ جي ڌنڌي سان لڳل آهن. اهي پينو فقير مختلف ٽولن جي صورت ۾ شهر مختلف علائقن، بس اڏن، اسپتالن ۽ ادارن ۾ صبح جو سوير نڪري وڃن ٿا سڄو ڏينهن پنڻ کان پوءِ هزاري رپيا کڻي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ورن ٿا. جڏهن اسين ڄامشوري جي مختلف علائقن تي نظر وجهنداسين ته غريب آباد وارو علائقو، سنڌ يونيورسٽي جي پيٽرول پمپ وارو علائقو، پير باجيدي، مهراڻ يونيورسٽي جي سامهون زمين، سم نالي واري جهڳين ۾ سوين پينو فقير نظر ايندا جيڪي صبح جو سوير ٻچن ٻارن سميت ڄامشورو شهر ۾ يونيورسٽين، اسپتالن، هوٽلن، رستن جي چوراهن توڙي مخصوص ڪيل هنڌن تي ٽولن جي صورت ۾ پنڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا. انهن پينو فقيرن جا مختلف طريقا هجن ٿا. ڪجهه الله جو واسطو ڏئي ماڻهن کان خير وٺن ٿا ته وري ڪجه فقير مختلف صدا هڻي پنن ٿا يا وري ڪجهه معذوري ۽ بيوس ڄاڻائي يا وري گهرجي ڀاتين جو بيمار هجڻ ڄاڻائي خيرات وٺن ٿا. جنهن ۾ ڳاڙهي ڪنوار ملڻ، پٽ ڄمڻ،  اميد پوري ٿيڻ، امتحان ۾ پاس ٿيڻ، نوڪري ملڻ، نوڪري ۾ ترقي ملڻ، ڪاروبار ۾ واڌارو ٿيڻ جون صدائون هڻي خيرات جي گهر ڪئي ويندي آهي وري اهڙا به سفيد پوش ماڻهو آهن جيڪي ڪرايو ختم ٿي وڃڻ، پئسا نڪري وڃڻ جا سبب ڄاڻائي خيرات وٺن ٿا ته ڪي وري مسجدن جي درن تي ويهي خيرات وٺن ٿا. اهڙن ڌنڌوڙي پينو فقيرن جي ڪري خيرات جا حقدار ماڻهو دربدر ۽ پريشان نظر اچن ٿا. انهن مافيائن جا سرپرست سفيد پوش ماڻهو غيرقانوني ڏوهن ۽ واقعن ۾ ملوث هجن ٿا. انهن پينو فقير مافيائن جي اندر ڪجهه اهڙا عنصر به موجود هجن ٿا جيڪي شهر جي امن امان کي خراب ڪرڻ ۾ به ملوث هجن ٿا، جهڙوڪ مخبري ڪرڻ، چوريون ڪرائڻ، ڀنگ لاءِ اغوا، فحاشي جا،  جوا جا آڏا هلائڻ سميت منشيات جي وڪري جهڙن خطرناڪ ڏوهن ۾ به ملوث هجن ٿا، جيڪي پينو فقيرن جي جهوپڙين کي محفوظ هنڌ سمجهي استعمال ڪن ٿا ايتري قدر جو نوجوان فقيرياڻين جا ٽولا شهر جي هوٽلن تي ويهي سگريٽن جا ڪش هڻي ۽ فحش حرڪتون ڪندي نوجوانن توڙي عام ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري پنڻ جي نالي تي لٽمار ڪن ٿيون. انهن پينو فقير مافيائن جي پويان ڪيترائي وائيٽ ڪالر ماڻهو پٺ ڀرائي ڪندي نظر اچن ٿا، مختلف تي پينو فقيرن سان ٿيندڙ مامرن کي راڄوڻي توڙي پوليس ۽ ڪورٽ ڪچهري ۾ حل ڪرائين ٿا، جنهن ۾ خود فقيرن اندر حدن جو مسئلو هجي يا جهيڙو جهٽو يا وري پينو فقيرن سان دريش مسئلن کي نبيريندي نظر اچن ٿا. ڄامشورو ۾ پنندڙ فقيرن اندر وڏي تعداد ۾ معصوم ٻارڙن جي ھجي ٿي، جيڪي منٿن ميڙن ذريعي ماڻهن کان پئسا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ۽ ڪجهه وري اهڙا به فقير آهن جيڪي پئسا نه ڏيڻ تي ماڻهن کي گار گند ۽ مارڪٽ به ڪن ٿا. انهيءَ ۾ به ڪو به شڪ ناهي ته هتي پنندڙ فقيرن جي پنڻ جون به جايون مقرر ٿيل هجن ٿيون ۽ ڪنهن به نئين آيل فقير کي سندن پنڻ جي جاءِ تي بيهي پنڻ به نه ڏنو ويندو آهي، اهو ٻڌي ٿوري حيرانگي به ٿيندي ته هڪ هڪ رپيو ڪري پينو فقير سراسري طور 300 رپيا روزانو، مهيني ۾  9 هزار جڏهن ته هڪ لک 8 هزار ساليانو گهر کڻي وڃن ٿا،  انهيءَ طريقي سان صرف ڄامشورو شهر مان ڌنڌوڙي پينو فقير ساليانه 7 ڪروڙ 56 لک رپيا ڦرن ٿا. سروي دوران اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڄامشورو ٿاڻي تي شراب، چرس، ڀنگ جي وڪري فحاشي جا آڏا هلائڻ ۽ جوا ڪرائڻ جي الزامن وارا ٻن ڊزنن کان وڌيڪ ڪيس اهڙن مرد توڙي عورت پينو فقيرن مٿان داخل ڪيل آهن. سروي دوران اهو به سوال پيدا ٿيو ته آخرڪار ايڏي وڏي تعداد ۾ هتي فقير ڇو موجود آهن ته ان جو اڪثريت ۾ اهو جواب مليو ته ٻين شهرن جي نسبت هتي جي آبادي ۾ بيروزگاري گهڻي آهي، هتي اسپتال آهي، تعليمي ادارا آهن، سپر هاءِ وي، انڊس هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي جا پاڻ جوڙ، انهن جا بس اسٽاپ، ريلوي اسٽيشن سوڌو ٻيا ڪيترائي ادارا موجود آهن جيڪي انهن پينو فقيرن جي ججهي روزي جو سبب بڻجڻ ٿا، هن وقت ضرورت انهيءَ ڳالھ جي آھي ته خيرات ڏيڻ وقت اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اسين جيڪي پئسا ڏيون ٿا اهي مستحق ماڻهو کي ڏيو ٿا يا نه ۽ حڪومت کي به گهرجي ته معاشري کي صاف ۽ شفاف رکڻ لاءِ انهن ڌنڌوڙي پينو فقيرن خلاف ڪارروائي ڪري ته جيئن ملڪ مان پنڻ ۽ خيرات گهرڻ وارو موذي مرض ختم ٿي سگهي ۽ ان جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڏوهه بند ٿي سگهن..

No comments:

Post a Comment