Sunday 26 January 2020

Article Raja Raheel Sindhi Roll 126

Wrong file name. 
How this topic was narrowed down? Its a speech type. Check ur approval notes. 
Observe proper paragraph. Every new point, new aspect and new information is new para.
What is difference between ur and Jaswant's article?
Referred back.


سنڌ جو نوجوان ۽ سڄاڳي جو سوال
راجا راحيل
2k18/MC/126
نوجوان ڪنهن به قوم يا ملڪ جو سرمايو يا مسقبل هوندا آهن. اسان جيڪڏهن انساني تاريخ جي ورقن ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين ته اسان کي اهڙا ڪيئي واقعا نظر ايندا ۽ جيڪي تاريخي تبديليون آيون آهن, انهن ۾ نوجوان پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ پنهنجي وس آهر هر ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ ڪامياب به ويو آهي، ۽ هر للڪار کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي ۽ سامهون ايندڙ هر ظلم جي ديوار کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. نوجوان هڪ اهڙي قوت آهي جيڪا پنهنجي  جوش، جذبي ۽ ولولي سان  هر ناممڪن شي کي ممڪن بڻائي  ڇڏيندو آهي. هاڻي جيڪڏهن اسين سنڌ جي نوجوانن تي نظر وجهون ته سنڌ جو نوجوان ڪنهن کان به گهٽ ڪونهي ۽ ان هر ميدان ۾ ڄمي مقابلو ڪيو آهي چاهي اهو تعليم هجي يا ٻئي به ڪنهن فيلڊ ۾  پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. ڪڏهن ڪڏهن يا پيپرن دوران حيدرآباد ۾ واقع شمس العلماع دائود پوٽا لائبرري وڃڻ ٿيندو آهي, اتي هڪ عجيب  منظر ڏسڻ لاء ملندو آهي، لائيبرري جي مين گيٽ تي بيٺل علم جي چاهيندڙن ۽ اکين ۾ مستقبل جا خواب سجائي گهمندڙ جوان جڏهن لائيبرري ۾ گنجائش کان گهڻي تعداد ۾ بيٺل نظر ايندا آهن,  جيڪي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب کڻي ايئن گيٽ کلڻ جي انتظار ۾ بيٺا هوندا آهن، جيئن عاشق پنهنجي محبوب جي انتظار ۾ بيٺو هوندو آهي ۽ هر ڇوڪرو اها ڪوشش ڪندو ته اڳ کان اڳڀرو اندر وڃي  ته جئين پنهنجي سيٽ حاصل ڪري سگهي ۽ علم جي بک اجهائي سگهي. انهن جو لائيبرري جي اندر وڃڻ لاء اتاولو ٿيڻ ايئن لڳي ٿو ڄڻ هنن جي روشن مستقبل جو آئيندو لائيبرري جي اندر پيل ڪنهن ڪرسي تي هجي. اهو منظر رڳو اسان کي دائود پوٽا لائيبرري ۾ نظر نه ايندو تقريبن سنڌ جي هر شهر ۾ واقع لائيبرري ۾ ڏسڻ لاء ملندو. جتي چٽاڀيٽي ۽ اعلي درجي جي   امتحانن جي تياري لاء روزانو ايندا آهن. جنهن معاشري ۾ نه هجڻ جيترا وسيلا ۽ محدود يا سهولتن  جي اڻاٺ جي باوجود به علم جي چاهيندڙن جون قطارون لڳل هونديون آهن.اتي توهان اهو سمجهي سگهو ٿا ته سنڌ جو نوجوان سمجهي چڪو آھي ته هن ڪاري رات مان نجات فقط تعليم سان ئي آهي . ڪجه ڏينهن پهرين سوشل ميڊيا تي لاڙڪاڙي ۾ موجود سر ساهنواز لائيبرري جو منظر ڏسڻ لاء مليو جنهن ۾ لائيبرري جي گنجائش کان ڪيئي دفعا گهڻا نوجوان ڏسڻ ۾ آيا. اها لائيبررين جا منظر ڏسڻ کان پوء يقين سان چيئي سگهجي ٿو ته هاڻي سنڌ جي نوجوانن ۾ سجاڳي اچي ويئي آهي ۽ اهو نوجوانن جو ڪتاب سان لڳاء ۽ علم ۽ شعور سان چاھ ڏسي ان کان قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جو  نوجوان پنهنجي ممڪن وس آهر ڪوشش ڪري ٿو ۽ ها اها ڪوشش ئي انسان کي پنهنجي منزل مقصود تائين رسائي سگهي ٿي .تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) 2018  جي نتيجن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته,  جنهن به ڪميشن پاس ڪئي آهي, اهي  سڀ پوئتي پيل ڪميونٽي ۽ علائقن سان لاڳاپيل آهن ۽ انهن جي پروفائل ڏسڻ کان پوء خبر پوي ٿي ته هو ڪيترو نه غريب ۽ لوور ڪلاس سان واسطو رکي ٿو ۽ انهن جا مائٽ انتهائي غريب يا ننڍڙين معمولي نوڪرين ۾ آهن. سي سي اي 2018 جي ڪميشن ۾ پاس ٿيل اميدوارن جي اڪثريت پوئتي پيل طبقي سان آهي, جنهن ۾  ميگهواڙ , ڪولهي, ڀيل,اوڏ ۽ ٻين هيٺين ذاتين سان واسطو رکن ٿا.  هن پدرشاهي جي سماج ۾ اسان جون نوجوان ڇوڪريون به ڪنهن کان پوئتي ڪونهي جيڪي هن سماج ۾ سخت معاشرتي ۽ معاشي اڻ برابري کي منهن ڏيئي رهيون آهن ۽ اهڙين حالتن ۾ به سنڌ جون کوڙ نياڻيون آهن جيڪي پنهنجي محنت ۽ ميرٽ تي اڳيان وڌي رهيون آهن. ۽ هن مرداني معاشري ۾ ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيئي اڳتي نڪري آيون آهن جنهن جا اسان کي سنڌ ۾ ڪيئي مثال مجود آهن.انهي سڄي ڪشمڪش کي ڏسجي ته سنڌ هڪ جانبدار ۽ تعليم پذيز خطو ڏسڻ وٽان ملندو. جڏهن سنڌ جي نوجوان جي سڄاڳي جو سوال اچي ٿو ته اسان کي نه ڪنهن اعلي طبقي جي جوانن کي ڏسي ٻڌائجي پر اسان کي سنڌ جي وچيئن طبقي کي ڏسجي جيڪو, پيٽ تي پٿر ٻڌي تعليم جي راهن تي هلي پيو. وچيون طبقو ئي آهي جيڪو معاشري جي اڻ برابري, بربريت, ڏاڍ ۽ ظلم خلاف جنگ جوٽي سگهي ٿو. سنڌ ۾ هن وقت نوجوانن ۾  هڪ نئين جاڳرتا ۽ نئين سجاڳي اڀري رهي آهي، ۽ سنڌ جي نوجوان مايوسين جي اوندھ رات کي شعور جي مشعل سان مات ڏني آهي ۽ هنن جي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب آهي ۽ اهو علم ئي آهي جيڪو اندھ ۾ لاٽ بڻجندو آهي.

No comments:

Post a Comment