Showing posts with label Zuhaib Ahned. Show all posts
Showing posts with label Zuhaib Ahned. Show all posts

Tuesday, 11 February 2020

Zuhaib Ahmed, Feature, Sindhi Referred back 2k17-156

Future should be reporting based. Talk with people who are hoteling , hollers, and area people, get from them interesting quotes (sentences) 
Give information in interesting manner, this is article style not feature style. 
Its too general, not specific if we delete word Jamshoro, this can be fit on any location area or town, 5Ws+ 1 H are missing paint a picture thru observation. Find some thing new, unique

Observe proper paragraphing 
Red marked words are extra. 
It is not nothing Tareekhi

Referred back
ڄامشورو شهر ۾ وڌندڙ هوٽلون ۽ انهن طرف ماڻهن جو رجهان.
Zuhaib Ahmed 2k17-18/MC/156
هن وقت ڏٺو وڃي ته روڊن ۽ هوٽلن جو پاڻ ۾ گھرو لاڳاپو آهي. روڊن سان هر وک وک ڪونه ڪو هوٽل ڪونه ڪو پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي سان گڏ هوٽلز موجود آهن جنهن جو پس منظر به هڪ تاريخي بنيل آهي. ڏٺو وڃي ته جتي آبادي وڌيڪ هجي ٿي اتي روڊن سان گڏ هوٽلن جو انگ به وڌيڪ هجي ٿو. جتي آبادي گهٽ يا نه هئڻ برابر آهي ته اتي هوٽلن جو انگ به نه هجڻ جي برابر آهي جنهن جو مثال اسان ڄامشوري ضلعي جي اندر خاص ڪري ماضيءَ جي سپر هاءِ وي ۽ موجوده ايم نائن، انڊس هاءِ وي آهن. جتي ڪجهه سال اڳ هوٽلون نه هئڻ جي برابر هيون. روڊن جي حالت به بهتر نه هئي. هاڻ جڏهن روڊ بهتر ٿيا آهن ته اتي سهولتون به وڌي ويو... آهي انڊس هاءِ وي جيڪو ڪوٽڙي شهر ۾ ڊي سي آفيس سامهون نيشنل هاءِ وي کان شروع ٿي دنيا جي اوچي چوٽيء قراقرم ۽ تبت تائين وڃي ٿو. هتي ڄامشوري کان سيوهڻ تائين انڊس هاءِ وي تي موجود هوٽلن جو ذڪر ڪنداسين ته اتي ننڊيون وڏيون ٽيهه جي لڳ ڀڳ هوٽلون موجود آهن پر انهن ۾ پندرهن هوٽلون مشهور آهن جتي مسافر ڪجهه دير ترسي نه رڳو ڊگهي سفر سبب ٿڪ بڃن ٿا پر نماز جي ادائگي، کاڌو پيتو به ڪن ماضي ۾ ڏٺو وڃي ته اٽڪل 30 سال اڳ ڄامشوري کان سيوهڻ تائين انڊس هاءِ وي تي نالي ماتر هوٽل هوندا هئا، جنهن جو سبب انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ جو گهٽ هجڻ هو پر هاڻ ته جيئن جيئن ٽريفڪ جي روانگي وڌي آهي تيئن تيئن هوٽلن جو انگ به وڌيو آهي هوء به ٻين ڪاروبارن جي ڀيٽ ۾ هوٽلن جو ڌنڌو سولو ۽ اهميت وارو بڻجي ويو آهي. انڊس هاءِ وي جي ڀرپاسي ۾ نه صرف هوٽلن جي وڌڻ سان گڏ آبادي به وڌندي رهي آهي شهر ڳوٺ آباد ٿي رهيا آهن جنهن جي ڪري ماڻهن جي روزگار ملي رهيو آهي مقامي آبادگارن بنهن ۽ چاهين جي ڪري کير جي کپت به وڌي رهي آهي جنهن سان عام ماڻهن جي روزگار سان گلڻ انهن جي معاشي زندگي به بهتر ٿي رهي آهي ان ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي حڪومت انهن هوٽلن سيڙپڪاري ڪندڙ جي همت افزائي سان گڏ انهن جي چيڪنگ به ڪري ته جيئن انهن هوٽلن کي مقصدن لاءِ استعمال ڪري نه سگهجي. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ هوٽلن تي منشيات جي وڪري ۽ فحاشي جي سهولت، اغوا جي وارداتن ۾ استعمال ٿيڻ جي ڪري ڏوھاري ماڻهن جي رهائش جي ڪري انهن هوٽلن کي بند به ڪيو ويو هو.

Sunday, 26 January 2020

Article Zuhaib Ahned Sindhi, 2K17-18/MC/156



Pls write proper subject line and file name.
It should be : Article –Zoiab-BS- 2K17-18/MC/156 Sindhi

In article u have to quote some official or research report to quantify the growth of beggars. How many were there some 3-5 years back or so?
Why beggars are attracted by Jamshoro? Ask some expert, sociologist etc.
Any police report or case regarding beggars? How many?
  ڄامشورو شهر ۾ فقيرن جو وڌندڙ رجحان

نالو: زوهيب سولنگي                                                                                                         رول نمبر: 156/ ايم سي/ ٽوڪي سيونٽين- ايٽين                                                                                   المنظر کان آمريڪا جي ايوانن تائين درسگاهن جي ڪري مشهور ڄامشورو ۾ نه صرف پاڪستان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ملڪن مان ڪيترائي نوجوان علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ اچن ٿا. علم پرائڻ جو مقصد سکڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ هوندو آهي. ان مقصد لاءِ ڄامشورو شهر ۾ جتي هيڏا وڏا ادارا آهن جن جو ڪم سيکارڻ هجي ٿو انهيءَ شهر منجهه ڪيترائي اڻ ڳڻيا مسئلا موجود آهن جن مان پنڻ جو آزار بہ شامل آهي. ڪيترائي ماڻهو بيروزگاري سبب يا وري ان کي ڪاروبار بڻائي عورتن ۽ ٻارڙن سميت پنن ٿا ڄامشورو شهر جيڪو لڳ ڀڳ ٻه لک جي آبادي تي مشتمل آهي جتي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آبادي سان گڏ وڌندڙ بيروزگاري ۽ مهنگائي سبب لڳ ڀڳ سون جي تعداد ۾ ماڻهو ٻار، وڏا، پوڙھا ۽ عورتون پنڻ جي ڌنڌي سان لڳل آهن. اهي پينو فقير مختلف ٽولن جي صورت ۾ شهر مختلف علائقن، بس اڏن، اسپتالن ۽ ادارن ۾ صبح جو سوير نڪري وڃن ٿا سڄو ڏينهن پنڻ کان پوءِ هزاري رپيا کڻي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ورن ٿا. جڏهن اسين ڄامشوري جي مختلف علائقن تي نظر وجهنداسين ته غريب آباد وارو علائقو، سنڌ يونيورسٽي جي پيٽرول پمپ وارو علائقو، پير باجيدي، مهراڻ يونيورسٽي جي سامهون زمين، سم نالي واري جهڳين ۾ سوين پينو فقير نظر ايندا جيڪي صبح جو سوير ٻچن ٻارن سميت ڄامشورو شهر ۾ توڙي مخصوص ڪيل هنڌن تي ٽولن جي صورت ۾ پنڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا. انهن پينو فقيرن جا مختلف طريقا هجن ٿا. ڪجهه الله جو واسطو ڏئي ماڻهن کان خير وٺن ٿا ته وري ڪجه فقير مختلف صدا هڻي پنن ٿا يا وري ڪجهه معذوري ۽ بيوس ڄاڻائي يا وري گهرجي ڀاتين جو بيمار هجڻ ڄاڻائي خيرات وٺن ٿا. يا وري اهڙا به سفيد پوش ماڻهو آهن جيڪي ڪرايو ختم ٿي وڃڻ، پئسا نڪري وڃڻ جا سبب ڄاڻائي خيرات وٺن ٿا ته ڪي وري مسجدن جي درن تي ويهي خيرات وٺن ٿا. اهڙن ڌنڌوڙي پينو فقيرن جي ڪري خيرات جا حقدار ماڻهو دربدر ۽ پريشان نظر اچن ٿا. انهن مافيائن جا ماڻهو  غيرقانوني ڏوهن ۽ واقعن ۾ ملوث هجن ٿا. انهن پينو فقير مافيائن جي اندر ڪجهه اهڙا عنصر به موجود هجن ٿا جيڪي شهر جي امن امان کي خراب ڪرڻ ۾ به ملوث هجن ٿا، جهڙوڪ مخبري ڪرڻ، چوريون ڪرائڻ، ڀنگ لاءِ اغوا، منشيات جي وڪري جهڙن خطرناڪ ڏوهن ۾ به ملوث هجن ٿا. انهن پينو فقير مافيائن جي پويان ڪيترائي وائيٽ ڪالر ماڻهو پٺ ڀرائي ڪندي نظر اچن ٿا فقيرن اندر حدن جو مسئلو هجي يا جهيڙو جهٽو يا وري پينو فقيرن سان دريش مسئلن کي نبيريندي نظر اچن ٿا. ڄامشورو ۾ پنندڙ فقيرن اندر وڏي تعداد ۾ معصوم ٻارڙن جي ھجي ٿي، جيڪي منٿن ميڙن ذريعي ماڻهن کان پئسا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ۽ ڪجهه وري اهڙا به فقير آهن جيڪي پئسا نه ڏيڻ تي ماڻهن کي گار گند ۽ مارڪٽ به ڪن ٿا. انهيءَ ۾ به ڪو به شڪ ناهي ته هتي پنندڙ فقيرن جي پنڻ جون به جايون مقرر ٿيل هجن ٿيون ۽ ڪنهن به نئين آيل فقير کي سندن پنڻ جي جاءِ تي بيهي پنڻ به نه ڏنو ويندو آهي، اهو ٻڌي ٿوري حيرانگي به ٿيندي ته هڪ هڪ رپيو ڪري پينو فقير سراسري طور 500 رپيا روزانو، مهيني ۾  15 هزار جڏهن ته 1 لک 80  هزار ساليانو گهر کڻي وڃن ٿا،  انهيءَ طريقي سان صرف ڄامشورو شهر مان ڌنڌوڙي پينو فقير ساليانه 27 ڪروڙ رپيا ڦرن ٿا. هاڻي ضرورت انهيءَ ڳالھ جي آھي ته خيرات ڏيڻ وقت اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اسين جيڪي پئسا ڏيون ٿا اهي مستحق ماڻهو کي ڏيو ٿا يا نه ۽ حڪومت کي به گهرجي ته معاشري کي صاف ۽ شفاف رکڻ لاءِ انهن ڌنڌوڙي پينو فقيرن خلاف ڪارروائي ڪري ته جيئن ملڪ مان پنڻ ۽ خيرات گهرڻ وارو موذي مرض ختم ٿي سگهي ۽ ان جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڏوهه بند ٿي سگهن