پروفائيل
مرتضي سيال ادب ۽ صحافت کان شروع ڪندي افيسر ٿيڻ تائين
رول نمبر 2k19/mc/09
بيٽ سنڌي
سنڌ جي تاريخي شھر ھالاڻي جي ھڪ ڪکائن گهر ۾ جنم وٺندڙ مرتضي سيال
جنهن پنهنجي زندگي کي "ادب ۽ صحافت کان شروع ڪندي ھڪ بالا آفيسر ٿيڻ
تائين" جي جدوجهد واري سڄي سفر کي
ٻين نوجوانن لاء ھڪ متاثر شخصيت ڪندڙ ثابت ڪيو
آهي .
ھن محنت ڪش ۽ جاکوڙي شخص جو
جنم 29جون 1965ع ۾ ان وقت ٿيو جڏهن ون يونٽ جو دور ھو ۽ ملڪ ۾ افراتفري واريون
حلاتون وڏي عروج تي پھتل ھنيون. سنڌ جي
شعور کي دٻائي ڪيترين ئي شاگردن اديبن ,شاعرن ۽ ڪلمگارن کي جيلن ۾ قيد
ڪيو پئي ويو, انهي دور ۾ اک کوليندڙ مرتضي سيال جو ننڍپڻ ۾ پڙھائي سان لڳاء ۽ محبت ھجڻ جي ڪري وقتن جا وقت گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويھي
پنهنجي اسڪولي نصاب سان گڏ سنڌي رسالا ۽ ادب سان وابستا ٿيل ڪتاب ڏاڍو شوق سان
پڙھڻندو ھو. اعليٰ ۽ وسيع سوچ ايڏي بلندي تي پھتل ھوس ت اگر ڪو گھر ۾ مھمان ايندو
ھو ت ھن جي ڳالهائڻ ۽ سوچڻ جي طريقي مان حيران ٿي ويندو ھو ت ننڍڙو ٿي ڪري ڪيڏي
وسيع سوچ جو مالڪ آهي. ھن ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي علم کي ٻين تائين پھچائڻ جي ترجيع کي بلند ڪري پنهنجا ڪتاب ٻين دوستن کي
پڙهڻ لاء ڏيڻ ۽ ان ڪتابن تي مختصر تبصرو ڪري پنهنجي علم کي ٻين تائين پھچائڻ ۽ پنهنجي شھر جي غريب ٻارن کي ٽوشن پڙاهڻ ۽ بي
گھر ماڻهن جي ھر وقت وارثي ڪندو رھندو ھو.
ھن جي محنت ڪشي ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ تيرهن سالن جي ننڍي عمر ۾
ابتدائي لکڻين جي شروعات 1978ع ۾ ٻارڙين ادب مان ڪئي, ٻارڙين ادب تي مھارت ھجڻ
جي ڪري ھن ڪيترين ئي بھترين لکڻيون
لکيون. ھن جون لکڻيون ن صرف وڏي شوق سان پڙھيون وينديون ھنيون بلڪي وري
لکڻين جو انتظار پڻ رھندو ھو . بھترين لکڻيون لکڻ جي ڪري ھن جون ڪيتريون ئي
لکڻيون روزاني ھلال پاڪستان,عبرت, افتاب, ماھوار گل ڦل,رابيل,گلن جھڙا ٻارڙا اخبارن
توڙي رسالن ۾ پڻ ڇپنديون رھيون,
ائين ئي مرتضي پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شھر مان حاصل ڪرڻ کانپوء لکڻين جي
وڌندڙ چاھ ۽ ھن ڏتڙيل سماج ۾ ڌندڙ سماجي مسئلن, بي پھچ ۽ لاوارث بڻيل ماڻهن جي
مسئلن کي اجاگر ۽ ان جي مدد ڪرڻ واري سوچ ھن کي صحافت طرف لاڙيو. انهي سبب جي ڪري
ھن ماسٽرس پنهنجي پسنديده شعبي سنڌنيورسٽي جي ماس ڪميونيڪشين مان ڪئي. ادب ۽
صحافت سان رکڻ واري شوق جي ڪري وڏي عرصي تائين سنڌ جي مختلف رسالن ۽ ڪيترين ئي
اخبارن ۾ ڪھاڻيون, مضمون ۽ ڪالم لکندو رهيو, ادب سان وابستا ٿيڻ جي ڪري ھن ٻ بھترين
ڪتاب پڻ لکيا جنهن ۾" سڏڪو لکت ۾ " ۽ انٽرويوز تي مشتمل "سنڌ جي
ساڃاھ کان سوال" شامل آهن.
بھترين ڪالم لکڻ جي ڪري ھن کي ڪيترائي ڪالم نگار جا ايوارڊ ۽ ھڪ
بھترين ڪالم لکڻ تي اي پي اين ايس جو ايوارڊ پڻ حاصل ٿيو.
صحافت جي رستي تي ھلندي 20
سالن کان گھڻو عرصو صحافت کي ڏيڻ جي ڪري ھي ڪيترين ئي اخبارن ۽ مئگزينن ۾ ڪم ڪرڻ
۽ تنھن دور جي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ۽ عروج تي پھتل سنڌي مئگزين عبرت جو انچارج ۽
ايڊيٽر پڻ رھيو.
صحافت جي ويھن سالن جي سفر ۾ مختلف تڪليفن ۽ عزيتن مان پڻ گذريو, غريب
طبقي سان واسطو رکڻ جي ڪري ھن ھميشھ ڏتڙيل ۽ بي گھر بڻيل ماروئڙن جي بنا ڪنهن لوڀ
۽ لالچ جي انھن جو آواز ٿي ڪري مدد ڪئي.
جنهن سماج انسان چاھيندو آهي ت منهنجو اسٽيٽس ٻين کان بلند ھجي ۽ سڀ
ڪجھ گھرج رکڻ جي تمنا سانڍيندو آھي پر مرتضي پنهنجي ضرورتن ۽ خواهشن کي بند ٿيل
ڪنهن ڪتاب جي لفظن جئيان بند ڪري رکي ڇڏيڻ کي ترجيح ڏنو. جڏھن ھي شادي کانپوء ھڪ
ذميوار شخص منجھان ٿيو ت صحافت جي رستي تي اڻپوريون ٿيندڙ زندگي جي ضرورت ھن کي
مايوس ڪري ھن جي زندگي جي رک کي تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ت "ھن سماج ۾ حقيقي
صحافت ڪندڙن لاء صرف جيل ۽ عزيتون آهن ھتي حقيقي صحافت ڪيتري عرصي کان موڪلائي رھي آهي , ايمانداري سان صحافت ڪندڙ
پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ت ٺھيو پر ٻچن کي ڪنهن سٺي اسڪولي درسگاه ۾ ب پڙھائڻ
جي پھچ ب نٿو رکي سگهي"
انهيَ سبب جي ڪري پنهنجي
زندگي جي ھوائن جي رخ کي تبديل ڪري صحافت کي مستقبل جو پروفيشن بنائڻ بجائي ھن 1992ع ۾ سنڌيونيورسٽي
جي پبلڪ رليشنس شعبي ۾ ايڊمنسٽريشن طور
ذميواريون سنڀالڻ کان پوء
پنڌرھن سال تائين سنڌنيورسٽي جي مختلف عھدن تي پنهنجيون ذميواريون
سنڀاليندو رھيو.
ھن جفاڪش ۽ محنتي شخص جي بھترين ڪارگردگين جي نتيجي ۾ ھن کي 2015ع ۾
حيدرآباد جي امتحاني بورڊ جو ڪنٽرول طور ذميواريون سونپيون ويون.
ڪنٽرولر ٿيڻ کانپوء ھن امتحاني بورڊ ۾ ڪيترين ئي تبديليون آنديون
جنهن ۾ ھن ڪاپي ڪلچر جي روجھان کي روڪڻ لاء
وڪالت جا پيپر اسڪولن ۽ ڪالجن ۾ ٿيڻ بجاء سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪرايا ۽ مختلف
امتحاني سينٽرن تي موبائيل استعمال ۽ ڪاپي ڪندڙن لاء سخت اقدام پڻ کنيا.
غربت ۽ ھمدردي جو احساس رکندي انسان ذات جي ڀلائي لاء ھن ڪيترين ئي
غريب شاگردن توڙي شاگردياڻين کي اسڪالرشپون ۽ بورڊ ۾ امتحاني پوزيشن کڻندڙ شاگردن
کي اسڪالرشپون پڻ ڏنيون.
اڄ ب امتحاني بورڊ جو ڪنٽرولر ٿيڻ جون ذميواريون سنڀالنيدي, ادب ۽
صحافت کان شروع ڪندڙ جي سفر کي افيسر ٿيڻ تائين" جي زندگي کي نالو ئي
جدوجهد جو ڏئي ٻين نوجوانن لاء ھڪ انوکو مثال قائم ڪري زندگي کي متاثر ڪندڙ
شخصيت منجهان ثابت ڪيو آهي....
ابوبڪر
رول نمبر 2k19/mc/09
بيٽ سنڌي
No comments:
Post a Comment