Showing posts with label 16. Show all posts
Showing posts with label 16. Show all posts

Wednesday, 11 March 2020

Aleeza Jabbar- Profile- Sindhi Revised

Revised 
Editors pls, see whether instructions are carried or not. 
File name is wrong, it should be same like subject line 
pls write ur name and roll N0 etc in text file in English as well as in Sindhi.
Do not send again, until asked

Instructions were as under
Spelling and grammatical mistakes
Not in profile style. Profile means describing a personality in informal and interesting manner. 
Not reporting based
No theme 
Proper paragraphing is needed 

Aleeza Jabbar- Profile- Sindhi Revised

عبدالواحد آسي هڪڙو (اديب، شاعر ليکڪ)

عبدالواحد آسي هڪڙو 1959-01-31 ڳوٺ حاجي محمد جعفر هڪڙو ۾ جنم ورتو پرائمري اسڪول حاجي فيروز هڪڙو ۾ تعليم حاصل ڪيائين. اسڪول گھر کان ٽي ڪلوميٽر پري مسڻ ۾ هوندو هيو. کين اچڻ وڃڻ ۾ به ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي پر پوءِ به پنڌ ويندا هئا. سياري جي موسم هجي يا گرمي جي پر پوءِ به پنڌ ويندا هئا جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندا هئا ته اُتي جي لائبريري ۾ ڪاٺ جي پيتي ۾ ڪتاب پيل هوندو هيو. اُن وقت هڪ ناول پڙهيو هين “سنڊريلا” اُن ۾ هڪ ڪهاڻي هئي”ظفرڌاڙيلن جي چمبي ۾“. جڏهن اھا پڙهي ته کيس ڏاڍي دلچسپ لڳي. اُن پڙهڻ کانپوءِ مختلف ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳيو. ستين ڪلاس کان اسڪول جي تقريبن ۾ حصو وٺڻ لڳا. تقرير ڪرڻ به نه ايندي هئي ٽنگيون ڏنڪنديون هيون ڇوڪرا پاڻ مٿان  کلندا هئس پر پوءِ به هار نه مڃيائين، انهن ڏينهن جي وجه سان اڄ ڪنهن وڏي اسٽيج تي بيهندي تڪليف ناهي ٿيندي. پڙهائي جو شوق اڃان وڌندو رهيو. ڏاڏي جي سيراندي هڪ رسالو پيل هو  ”مخدوم عبدالرحيم گلوري صاحب“ اُهو پنهنجي ڏاڏي کي پڙهي ٻڌائيندا هيا. ڏکي سنڌي لکيل هوندي هئي پرپوءِ به پڙهندا هئا جتي غلط پرهندا هئا اُهو سندن ڏاڏو صحيح الفاظ سمجهائيندو هيو.  اج به اگر 1999 جو ڪتاب پڙهڻ تي ڏکيائي ناهي ٿيندوي آرام سان پڙهي ويندا آهن. بي اي ۾ گريجوئيشن ڪئي هين. تاريخي يا شاعري واري ڪچهري کيس ڏاڍي وڻندي هئي.رات جو اوطاق تي سڀ وڏا زماني جون ڳالهيون ڪندا هئا اتي ويهي به سبق حاصل ڪندا هئا تڏهن کيس سنڌ جي تاريخ پڙهڻ جو شوق جاڳيو، اُها پڙهين اُها پڙهندي تاريخي معصوميت اچي وئي اُن کي پڙهڻ کانپوءِ جنت الفردوس جو ڦاٽل ڪتاب ملين اُن کي ڀي پڙهين. جيئن پڙهندا رهيا تيئن شوق جاڳندو رهين. نئين زندگي رسالو نڪرندو هو ”پيغام“ رسالو اڄ به ڪراچي مان جاري آهي جڏهن اُهو پڙيهن ته اُن مان ڪافي معلومات ملين. پوءِ کيس شوق جاڳيو ته مان پاڻ ڇو نه لکان، اخبار کان شروعات ڪين. سنڌ نيوز اخبار ۾ 2،3 آرٽيڪل ڇپيا. ڪتابون پڙهندا رهيا، ڳجهارتون شاعري اهو فن به سکين. پڙهڻ جو شوق به رهين ته لکڻ جو به. 1985 ۾ وتايو فقير سيمينار ٿيو اُن ۾ به ٻهَ آرٽيڪل هين. 1985 واري انٽرنيشنل شاڳ لطيف ڪانفرنس ٿي اُن ۾ به آرٽيڪل هئا.
”شاھ جو سماوتي ۾ راضي ۾ سير وسفر 1986 ۾ آل پاڪستان شاھ لطيف ڪانفرنس ٿي اُن ۾ به آرٽيڪل هئن. ” شاھ جي شاعري، سنڌ جا ورق، ڪوٽڙي ڪبير ۾ هڪ ڪانفرنس ٿي سنڌ جي قديمي آثارن جو جائزو سکر ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪيائون اُتي ڪتابن ۾ به آرٽيڪل ڇپيل آهن شوق جاڳين ته علائقي جي تاريخ تي لکين. ٽنڊو الهيار جي تاريخ تي ڪافي مواد جمع ڪيو. هن وقت 10،000 ڪتاب سندس لائبريري ۾ موجود آهن.

1934-1929 تائين جون فائلون به فوٽوڪاپي ڪرائي رکيون هيون جيڪي اڃان تائين محفوظ پيل آهن.  ڀٽائي صاحب جا رساله بايوگرافي آف انسائيڪلوپيڊيا آف پاڪستان جا ٻئي واليم فوٽوڪاپي ڪري رکيا آهن  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي 42 ڪتابن مان 37 ڪتابن جا جلد موجود آهن. مختلف عالمن جي شاعري جو ڪتاب، روحانيت، اسلام، قرآن شريف جي تفصيل، حديث، ڪهاڻيون، افسانه ٽنڊو الهيار جي اديبن جي ڪتابن مان 290 جي قريب ڪتاب موجود آهن. ايڏو شوق رهين جو جڏهن به ڪتاب وٺڻ ويندا هئا ڀلي کائڻ جا پئسا هجن يا نه هجن پر ڪتاب ضرور وٺندا هئا اڄ به اگر حيدرآباد اچڻ ٿيندو اٿن ته پنج هزار تائين جا ڪتاب وٺي ويندا آهن ڪتابن جي سار سنڀال به ڏاڍي ڏکي آهي ڪتابن کي وٺي رڳو رکبو ناهي صاف صفائي به لازمي آهي ته انهن کي پڙهڻ به لازمي آهي. عبدالواحد آسي هڪڙو صاحب کي ڪتابن سان عشق هئو ۽ انهن اُهو عشق پورو ڪيو.
======================================================
Spelling and grammatical mistakes
Not in profile style. Profile means describing a personality in informal and interesting manner. 
Not reporting based
No theme 
Proper paragraphing is needed

عبدالواحد هڪڙو (اديب، شاعر ليکڪ)
عبدالواحد هڪڙو 1959-01-31 ڳوٺ حاجي محمد جافر هڪڙو ۾ جنم ورتو پرائمري اسڪول حاجي فيروز هڪڙو ۾ تعليم حاصل ڪيائين ٽي ڪلو ميٽر پرتي اسڪول هوندو هو پنڌ وڃڻ ۾ دشواري ٿيندي هين پر سردي هجي يا گرمي ويندا هئا جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندو هيو ته اُتي جي لائبريري ۾ ڪاٺي جي پيتي ۾ ڪتاب پيل هوندو هيو. اُن وقت هڪ ناول پڙهيو هين “سنڊريلا” اُن ۾ هڪ ڪهاڻي هئي“ظفرڌاڙيلن جي چمبي ۾”. جڏهن اھها پڙهي ته کيس ڏاڍي دلچسپ لڳي. اُن پڙهڻ کانپوءِ مختلف ڪتابن پڙهڻ جو شوق جاڳين. ستين ڪلاس کان اسڪول جي تقريبن ۾ حصو وٺڻ لڳا. تقرير ڪرڻ به نه ايندي هئي ٽنگيون ڏنڪنديون هيون ڇوڪرا کلندا هيا پر پوءِ به هار نه مڃيندا هيا انهن ڏينهن جي وجه سان اڄ ڪنهن وڏي اسٽيج تي تڪليف ناهي ٿيندي. پڙهڻ جو شوق اڃان وڌندو رهيو. ڏاڏي جي سيراندي هڪ رسالو پيل هو “ مخدوم عبدالرحيم گلوري صاحب” اُهو پنهنجي ڏاڏي کي پڙهي ٻڌائيندا هيا. مشڪل سنڌي لکيل هوندي هئي پرپوءِ به پڙهندا هئا جتي غلط ٿيندو هئو اُهو سندن ڌاڌو صحيح ڪرائيندو هو “ بي اي ۾ گريجوئيشن ڪئي هئن. تاريخي يا شاعري واري ڪچهري ۾ ويهڻ ڌاڍو وڻندو هئن. کيس سنڌ جي تاريخ پڙهڻ جو شوق ٿيو اُها پڙهين، اُها پڙهندي تاريخي معصوميت اچي وئي اُن کي پڙهڻ کانپوءِ جنت الفردوس جو ڦاٽل ڪتاب ملين اُن کي ڀي پڙهين. ائين پڙهڻ جو شوق جاڳندو رهيو. نئين زندگي رسالو نڪرندو هو پيغام اُهو به پڙهين. اُن مان معلومات ملين ته کيس شوق جاڳيو ته پاڻ ڇو نه لکن، اخبار کان شروعات ڪين. سنڌ نيوز اخبار ۾ 2،3 آرٽيڪل ڇپيا ڪتابون پڙهندا رهيا، ڳجهارتون شاعري اهو فن به سکين.
پڙهڻ جو شوق به رهين ته لکڻ جو به. 1985 ۾ وتايو فقير سيمينار ٿيو اُن ۾ به آرٽيڪل هين. 1985 ٻيون جيتريڳن ڪانفرنس ٿيون اُن ۾ به آرٽيڪل هئن. شوق جاڳين علائقي جي تاريخ تي لکين. ٽنڊو الهيار جي تاريخ تي ڪافي مواد جمع ڪيو. هن وقت 10،000 ڪتاب سندس لائبريري ۾ موجود هئا. 1934-1929 تائين جون فائلون به فوٽوڪاپي ڪرائي رکيون آهن. بايوگرافي آف انسائيڪلوپيڊيا آف پاڪستان جا ٻئي واليم فوٽوڪاپي ڪري رکيا آهن ڀٽائي صاحب جا رسالا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي 42 ڪتابن مان 37 ڪتابن جا جلد موجود آهن. مختلف عالمن جي شاعري جو ڪتاب، روحانيت، اسلام، قرآن شريف جي تفصيل، حديث، ڪهاڻيون، افسانه ٽنڊو الهيار جي اديبن جي ڪتابن مان 290 جي قريب ڪتاب موجود آهن. ڪتابن کي سنڀالڻ ۽ صفائي ڪرڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي. ڪتاب صرف گڏ ڪري رکڻ جي شءِ ناهي. عبدالواحد هڪڙو صاحب کي ڪتابن سان عشق هيو ۽ انهن اُهو عشق پوروڪيو.

Tuesday, 18 February 2020

Aleeza Jabbar Feature Sindhi BS Not checked 16

Not checked

Do not insert foto in text file, Write proper file name, here ur file name should be Aleeza Feature - Sindhi BS 16

Feature Aleeza Jabbar 2k18/MC/16 Bs part III Sindhi



ٽنڊو محمد خان جون پُراڻيون جايون اُن دور سان وابسته ماڻهو ۽ انهن جون ڪهاڻيون
ٽنڊو محمد خان جي مير محلا ۾  مير بنده علي خان ٽالپر پاران هي عمارت 1938ع ۾ جوڙائي وئي . مير بنده علي خان ٽالپر ، مير غلام علي خان ٽالپر ۽ مير علي نواز خان ٽالپر جو والد ۽ مير اعجاز ٽالپر ، مير ممتاز ٽالپر ۽ مير مشتاق ٽالپر وارن جو ڏاڏو هو.
 ٽنڊو محمد خان 1980 واري ڏهاڪي ۾ ٽنڊو محمد خان چڱو خوبصور ت شهر آهي، قديم دؤر کان وٺي هن شهر ۾ ڪئين معزز هستيون پيدا ٿيون، جن جو نالو اڄ تائين ڳائبو اچي. جن ۾ وڏا جاگيردار، زميندار، سياستدان، علمي ادبي ۽ سماجي ميدان ۾ وڏا عالم، دانشور، وڪيل، سرڪاري ڪامورا، ڊاڪٽر، سماجي ڪارڪن ۽ هڏ ڏوکي ماڻهن پنهنجي پنهنجي دؤر حڪومت ۾ حڪومت سان توڙي عوام سان ساٿ ڏيئي پنهنجي ملڪ جي بهتريءَ ۽ سُڌاري لاءَ ڪوشان رهيا ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ وڏن عهدن تي فائز رهي پنهنجي شهر ۽ ملڪ جي خدمت ڪيائون، انهن مان جيڪڏهن نالي به نالي هرهڪ جو ذڪر ڪبو ته شايد هي مضمون ڊگهو ٿي پوندو،اُن ڪري صرف مختصرن انهن جي نالن جي فهرست ڏجي ٿي. جن مان الحاج مير غلام علي خان ٽالپر، الحاج ميرعلي نواز خان ٽالپر، مير علي احمد خان ٽالپر، مير ٻُڍو خان ٽالپر، الحاج مير اعجاز علي خان ٽالپر، الحاج مير ممتاز علي خان ٽالپر، احمد خان وساڻ، مير حاجي حسين بخش خان ٽالپر، سيٺ محب علي خواجه ۽ سرهندي خاندان مان به ڪافي شخصيتن هن شهر جي بهتريءَ ۽ ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيو. ٽنڊو محمد خان شهر 1980 ۾انتظامي نقطه نگاه کان حيدرآباد ڊويزن جي سڀ کان وڏي سب ڊويزن هئي،۽ ضلع جي سطح کان سڀ کان وڏو تعلقو هو، هن ۾ سب ڊويزن جو آفيسر جناب اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب ۽ تعلقي جي لحاظ کان مختيارڪار صاحب پڻ هو. انهيءَ کان علاوه عدالتي انتظاميه  ۽ قانون کي برقرار رکڻ لاءِ سول جج صاحب جي ڪورٽ ۽ تعلقي سطح تي ڊي ايس پي جي آفيس ۽ وڏو پوليس ٿاڻو ۽ ان سان ملحقه سب جيل پڻ هو. ان کان سواءِ ٻيون به سرڪاري توڙي نيم سرڪاري آفيسون به هيون، ان کان علاوه صنعتي ادارا، تعليمي ادارا، واپار جا مرڪز پڻ هئا، ان کان پوءِ زراعت جي ميدان ۾  آبپاشيءَ جا انجنيئري کاتا، ٻيلي کاتي جون آفيسون، بلڊنگس ۽ روڊس کاتي جون آفيسون، ايڪسائيز انسپيڪٽر جي آفيس، انڪم ٽئڪس جي آفيس، شاپ انسپيڪٽر جي آفيس، سب رجسٽرار جي آفيس، اوقاف کاتي جون آفيسون، تعلقه هيلٿ سينٽر اسپتال، واپڊا آفيس،مارڪيٽنگ ڪاميٽيءَ جي آفيس، پاسڪو آفيس، تعلقي هيڊ ماستر آفيس، پوسٽ آفيس،ٽيلي فون ڊپارٽمنٽ ۽ ٻيون انتظامي ننڍيون توڙي وڏيون آفيسون اچي وڃن ٿيون هيون. ان کان سواءِ 1980 ۾ هن شهر۾ نيشنل بينڪ آف پاڪستان،حبيب بينڪ لميٽيڊ، الائيڊ بينڪ، مسلم ڪمرشل بينڪ، نيشنل سيونگس سينٽر، ايگريڪلچر ڊيولپمينٽ بينڪ پڻ ماڻهن ۽ ادارن سان  ڏيتي ليتي ڪنديون هيون. ان کان علاوه هڪ نيم سرڪاري بينڪ  هتي جي واپاري طبقي ميسرز اسماعيليه ڪو آپريٽو سوسائٽي طرفان قائم هئي. صنعتي ادارن ۾ فوجي شوگر مل ۽ ٽالپر ٽيڪسٽائل مل نمايان حيثيت رکنديون هيون، ان کان پوءِ سماجي ڀلائي ۽ صحت جي برقراري لاءِ هڪ تعلقه سول اسپتال پڻ هئي، ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد طرفان تعلقي جي سطح تائين هڪ جانورن جي اسپتال هئي، جيڪا اينيمل هسبينڊري سڏبي هئي. تعلقي سطح تي هن شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري توڙي انگريزي سطح تي اردو، سنڌي، انگريزي، ڪاليج ۽ اسڪول هئا، جن ۾ ٽيڪنيڪل ادارا پڻ هئا. ان کان علاوه تعليمي ڄاڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ 8 ننڍيون توڙي وڏيون لائبرريون پڻ هيون. جن مان چار لائبرريون حڪومت جي تعليم کاتي سان ملحقه هيون ۽ باقي چار لائبررين مان هڪ لائبرري ميونسپل طرفان ، ٻه لائبرريون خانگي ۽ هڪ لائبرري شوگر مل جي هئي. جن۾  تعليمي ميدان ۾ شهرين کي وڏي هٿي ڏني ويندي هئي. هن شهر کي پيغام رساني ۽ مواصلات جي ڏِس ۾ ٽيليفون ذريعي شهر ۾۽شهر کان ٻاهر پوري پاڪستان سان ملايو ويو هو، ان کان علاوه خانگي سطح تي صنعتي ادارن ۾ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا به ڪارخانه هئا جيڪي مالڪن جي زير سايه هلندا هئا، ۽ انهن ڪارخانن ۾ روزانو پنج هزار اجرڪون تيار ٿينديون هيون، جيڪي ملڪ ۾ توڙي ملڪ کان ٻاهر به موڪيلون وينديون هيون.، سنڌ ۾ اجرڪ وارو هنر به تمام قديم رهيو آهي. ان وقت جيئن ته شهر جي آبادي ۾ مسلسل اضافو اچي رهيو هو جيڪو ان وقت جي اندازي موجب هڪ لک تائين وڃي پهتو هو، ان وقت 1980 ۾ آمدني جو ڪاٿو ٽنڊو محمد خان جي ميونسپل تقريبن هڪ ڪروڙ لڳايو هو (بحواله مثال رضوي  روزنامه جسارت : اردو (ٽنڊو محمد خان سپليمينٽ) مورخه 9 ڊسمبر 1981. هن شهر کي هڪ خوبصور شاهي بازار هئي، جيڪا ڦليليءَ جي شهر واري پل کان شروع ٿي مارڪيٽ چوڪ ۽ مير جي پڙ تي ختم ٿيندي هئي.ان سان گڏ واڻ بازار، پڻ هئي،جيڪا ميرمحلا جي ڇيڙي تي ختم ٿئي ٿي،هن بازار ۾ زندگيءَ جي روزمره سان تعلق رکندڙ شين جا دوڪان جهڙوڪ ڪريانه مرچنٽ، ڪپڙي جا دوڪان، ڪتابن جا دوڪان، بوٽن جا دوڪان، سڀاءُ ۽ سينگار جا دوڪان ، دوائن جا اسٽور، جن ۾ پاسارين ۽ طبيبن جي دوائن جا اسٽور به هوندا هئا،واڻ بازار ۾ لوه جو سامان ، ڪنڀارڪا دوڪان، ڦڙاهه مان ٺهيل شين تڏن ۽ تنئورين جا دوڪان پڻ آهن، مارڪيٽ ۾ اناج جي وڏي منڊي هئي، گوشت ، مڇي پلي جون مارڪيٽون پڻ هيون، ان سان گڏ بڪر مارڪيٽ پڻ هئي، زراعتي ٻجن جا دوڪان پڻ هئا. شهر ۽ بهراڙي جي سطح تي چانهه ۽ مانيءَ جون ننڍيون وڏيون هوٽلون هيون ۽ ان کان علاوه شهر جي سطح تي تقريبن ٽي سٺيون ريسٽورينٽ هيون، هن شهر جي سڀ کان وڏي بازار واڻ بازار لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ هي بازار تمام اوج تي هُئي ميرن جي دؤر حڪومت ۾ هن بازار کي مٿان سڄي لوهه ۽ ڪاٺ جي ڇت پيل هُئي. پوءِ خبر ناهي ڪهڙي سبب جي ڪري اُها ڇت لهرائي وئي.(بحواله اياز پاٽولي ”مضمون ٽنڊو محمد خان جي تاريخي حيثيت“قلمي نسخو اڻ ڇپيل) ان کان علاوه بجلي جي سامان جا دوڪان، لوهه جا دوڪان ، پان ٻِيڙيءَ جون ڪئبينون پڻ هيون. هڪ اندازي موجب 1980 تائين ٽنڊو محمد خان ۾ اٽڪل ٻن کان اڍائي هزار تائين دوڪان هئا. جيڪي ٽنڊو محمد خان شهر جي رونق کي چار چنڊ لڳائيندا هئا. هن شهر جا مکيه مرڪز ۽ چوڪ چار هئا،جيڪي مختلف هنڌن تي شهر جي ڏيک ۽ سونهن کي وڌائيندا هئا. ان مک چوڪن مان. تين بتي چار راسته، .پاڪستاني چوڪ،ڦول بازار، چاندني چوڪ،سيرت النبي چوڪ،مارڪيٽ چوڪ پڻ شهر جي خوبصورتيءَ جو مظهر هئا. شهر ۾ سير ۽ تفريح لاءِ ڪو خاص تفريح گاه ڪونه هو، ڪو پارڪ يا باغيچو پڻ ڪونه هو، پر ان هوندي به ان وقت هڪ پارڪ ٽنڊو محمد خان شهر جي مين بس اسٽاپ ويجهو تعمير ٿي رهيو هو ان پارڪ جو نالو مير غلام علي خان ٽالپررکيو ويو هو. ان کان علاوه 1980  ۾ هن شهر ۾ ٽي سينيمائون هيون، جن ۾ هڪ سينيما جو نالو تاج سينيما ٻي سينيما جو نالو فردوس سينيما ۽ ٽي سينيما جو نالو ريڪس سينيما هو، هن وقت ٽنڊو محمد خان ۾ صرف هڪ تاج سينيما وڃي بچي آهي باقي ٻه سينيمائون ٽُٽي چُڪيون آهن. ان کان علاوه هن شهر ۾ راندين لاءِ ٻه ٽي وڏا گرائونڊ هئا، جن مان ڪاليج گرائونڊ، گورنمنٽ هاءِ اسڪول گرائونڊ، فوجي شوگر مل وارو گرائونڊ ۽ ٽيون اسٽيشن جي پوئين ڀر وارو سخي  برهان شاه گرائونڊ هو، جتي مختلف قسم جون رانديون، ميلا ملاکڙا وغيره پڻ ٿيندا هئا.هن شهر جي عوام جي سهوليت لاءِميونسپل ڪاميٽيءَ طرفان هڪ ٽائون هال به جوڙايل هو ته جيئن شهر جو عوام ان ۾ مختلف قسم جون سياسي، سماجي۽ شادي واريون تقريبون ڪري سگهي. (موجوده وقت ۾ اهو ٽائون هال ضلع ڪائونسل جي اسيمبلي طور ڪم ۾ آندو پيو وڃي) شهري سُڌارن لاءِ صحت، صفائي ۽ سماجي بهبوديءَ لاءِ هڪ تعلقه ميونسپل ڪاميٽي هئي، جنهن جي ڪارڪردگي تمام سُٺي هئي. 1980 ع ۾ هي شهر اٽڪل 25 محلن ۽ پاڙن تي مشتمل هو. ان کان پوءِ ميونسپل ڪاميٽي وري چئن يا پنجن پاڙن کي گڏي وارڊن جي شڪل ڏني هئي جيئن عوام۽ شهرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ان وقت هن شهر ۾ چار وارڊ هئا جيڪي وارڊ نمبر 1 کان وارڊ نمبر چار تائين هئا. ٽنڊو محمد خان جي هر پاڙي کي جيڪڏهن لکجي تي ته هڪ ڪتاب ٺهي پوي. انهيءَ ڪري هن موضع کي مختصر ڪري سموري شهر جي 1980 تائين تاريخ تي روشني وڌي وئي آهي ان ڪري هتي صرف شهر جي چند محلن جا نالا ڄاڻايان ٿو، غريب آباد محلا، نصيرآباد محلا، بهراڻي محلا،مير محلا، پيرمحلا،  شوڪت ڪالوني، مشترڪه ڪالوني، ٽالپر ڪالوني، ڀٽي محلا، ميمڻ محلا، خواجه محلا سرفهرست هئا. ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان ۾ اسلامي تعليم جي حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪولن کان سواءِ مدرسا به هئا، جن ۾ مدرسته القران اسٽيشن روڊ، مدرسةالقران نصيرآباد محلا، مدرسة القران شوڪت ڪالوني، مدرسة القران بس اسٽينڊ، اقراء اڪيڊمي ۽ ٻيا ننڍا مدرسا پڻ هئا جن ۾ شهر جي ماڻهن جا ٻار ديني تعليم حاصل ڪندا هئا. ان کان علاوه هن شهر ۾ مسجدون، عيدگاهون،امام بارگاهون۽ اسماعيلي خواجه جماعت جو هڪ عظيم الشان جماعت خانو پڻ هو.ان کان علاوه پراڻي زماني کان وٺي ذڪر ڪيل عرصي تائين هن شهر ۾ اٽڪل ست کن ميلا  ۽ ملاکڙا پڻ مشهور هئا. جيڪي مختلف بزرگن جي درگاهن تي لڳندا هئا،هنن ميلن ۾ محفل سماع ، راڳ رنگ کان علاوه ادبي ۽ ثقافتي محفلون پڻ ٿينديون هيون. انهن مشهور ميلن مان، سائين نظر محمد شاه دولهه جو ميلو، سائين درو شاهه (ساٽين جو پاڙو) جو ميلو، سائين برهان شاه جو ميلو،  سائين جمن شاهه جتي جو ميلو، سيد عبدالفتاح شاهه مست بخاري جو ميلو، حاجي شاهه جو ميلو، ۽ حاجي سڀاڳو فقير (بهراڻي پاڙو) جو ميلو زبردست نموني ملهايا ويندا هئا. انهن درگاهن جا ميلا سال ۾ هڪ دفعو پنهنجي پنهنجي وقت تي لڳايا ويندا هئا.جن ۾ شهر توڙي آس پاس جي شهرن جا ماڻهون ڪثير تعداد ۾ شرڪت ڪندا هئا ۽ انهن بزرگ ۽ الله لوڪ درويشن جي آستانن جي حاضري ڀريندا هئا.بهر حال 1980 تائين ٽنڊو محمد خان شهر جو دؤر ان وقت جي حيدرآباد ضلعي جي باقي ٻين ضلعن کان تمام سٺو هو،ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان شهر خوبصورتيءَ جي لحاظ کان  ٻين شهرن جي نسبت پڻ تمام سهڻو هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن شهر جا ماڻهو امن پسند ، محبتي، پيار ورهائڻ وارا، رکي سکي کائي الله جو شڪر ادا ڪرڻ وارا، هر ڪنهن سان خوشي توڙي غمي ۾ شريڪ ٿيڻ وارا هئا.
ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب
ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جو بنياد 1963ع ۾ پيو ، ٽنڊو محمد خان جي ڦليلي جي ڪپ تي قائم ڪيل هن پريس ڪلب جي بانيڪارن ۾  پروانو ڀٽي ، حڪيم ايم آر انصاري، عقيل ابراهيم  ۽ ٻيا شامل آهن . جن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جو بنياد رکي صحافتي دنيا ۾ ٽنڊو محمد خان کي هڪ نئين سڃاڻپ ارپي. ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب هن شهر اندر ڪيترن ئي صحافين جي آبياري ڪئي، جن مان تمام گهڻن نالن هن شهر جو نالو روشن ڪيو ۽ ملڪي ليول تي صحافتي حوالي سان هن شهر جي نمائندگي ڪئي. هي پريس ڪلب هن وقت سنڌ جي تمام گهڻن سرگرم پريس ڪلبن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هن وقت جيڪا پريس ڪلب جي موجوده عمارت آهي اها  2007ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي ناظم مير عنايت علي خان ٽالپر پاران تعمير ڪرائي وئي هئي ..