Sunday 16 February 2020

Naresh Bheel BS - Feature Sindhi -114


Next time observe proper paragraphing also write ur name in ENglish as well as in SIndhi in the text file 
Feature is always reporting based and Information is given in interesting manner
It is not so. It stands in article style

Naresh bheel bs3/ 114 sindhi feature

هندو مذهب ۾ شادي جون ريتون رسمون

ڏٺو وڃي ته شادي جون ريتون ۽ رسمون هر مذهب جي لحاظ کان الڳ الڳ ريتون ۽ رسمون آهن, پر هندو مذهب ۾ مختلف ۽ منفرد ريتون ۽ رسمون آهن. هندو مذهب جي مطابق شادي جي لاء جوڙي جي چونڊ پنهنجي پسند يا مائٽن جي پسند سان به ٿيندي آهي. ڪٿي پنهنجي پسند کي ترجيح ڏني ويندي آهي ته وري ڪٿي مائٽن جي رائي تي راضي ٿئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ جي لاء تيار  ٿيندا آهن. خاص طور تي هندو مذهب مڱڻي اۡتي ٿيندي آهي جتي مائٽي جو ڪو به انگ اکر نه لڳي مطلب ته پاڻ ۾ پري پري تائين ڪا به مائٽي يا رشتو نه هجي. مڱڻي جي وقت ڇوڪري (ڪنوار) کي ڪپڙن جو جوڙو, خرچي, تحفا, سوکڙيون ۽ مٺائي ڏني ويندي آهي. ۽ ڇوڪرو (گهوٽ) کي ڪپڙن جو جوڙو, ٽوپي, اجرڪ يا ٽوال ڏيندا آهن. ڳوٺ وارن ۽ مائٽن رشتيدارن ۾ مٺائي کارڪون ۽ پتاشا ورهيا ويندا آهن.گهوٽ ۽ ڪنوار جي عمر جي لحاظ کان شادي جي انتظار ۾ هوندا آهن ته ڪڏهن ٻئي ڄاڻا لائق يا بالغ ٿين ته شادي ڪرائي جڳ جهان ڀيڙو ڪيونس. شادي جي لاء لگن جو نڪرڻ لازمي هوندو آهي. ٻني جي ڪنڊلين جو ميلاپ چڱي ريت ٿيڻ گهرجي ته جيئن شب مورت ۾ لگن ملي سگهي.  شب مورت  انهي جي لاء ته چڱي وقت ۾ ڪيل ڪم جو نتيجو به چڱو ملندو. لگن نڪرڻ کان پوء شادي جون تياريون زور ۽ شور سان ڪيون وينديون آهن. ٻنهي گهرن ۾ خوشي جي لهر ٿڌڙي هير جيان لڳي رهي هوندي آهي. ته اسان جا ٻچڙا پنهنجي خوشحال زندگي جي سفر ڏانهن روانا ٿئي رهيا آهن. نڪتل لگن کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ ڏيڱڻ جي اڳيان ونواھ ويهاريو ويندو آهي. جتي گڻيش ڀڳوان جي پوڄا ۾ ٽي نمسڪار (بندگيون) ڀرائبيون آهن. انهي کان پوء پيٺي لڳائي ويندي آهي. گهوٽ سان هڪ دوست جنهن کي اڻيار ڪري سڏجي ٿو ۽ انهي جو ڪم گهوٽ جي هر ريت رسم ۾ هٿ ونڊائڻ يا مدد ڪرڻ هوندو آهي. مثلاً مهيندي لڳائڻ, پيٺي لڳائڻ ۽ گهوٽ جي ريتن ۽ رسمن جو سامان رکڻ وغيره. انهي ريت ڪنوار ساڻ به هڪ سهيلي هوندي آهي جيڪو ڪنوار جي ريتن ۽ رسمن ۾ مدد ڪرڻ هوندو آهي ڇو ته ڪنوار پنهنجي گهوگهٽ ۾ گهيريل هوندي آهي. مهيندي جي رات وري مهيندي لڳائي ويندي آهي, جنهن ۾ سڀئي مائٽ ۽ دوست مهيندي لڳائيندا سونڻ ڪندا ۽ دعائون ڏيندا آهن. رشتن جي مٺاس رسمن کي رس ڀري ڇڏيندي آهي.مهيندي کان پوء سنان (وهنجهاريو) ويندو آهي. انهي کانپوء نوان ڪپڙا, پرفيوم لڳائي گهوٽ صاحب کي شهزادي وانگر تيار ڪيو ويندو آهي. مٿي تي سنڌي پٽڪي جي ورن وڪڙن تي ٻڌل موڙ جا ٽونئر لڳل ائين لڳندو آهي ته سون تي سوهاڳو. گهوٽ صاحب جڏهن اسٽيج تي اچي ويهندو آهي ته محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن. سڄي رات محفل ۾ ڳائڻ وڄائڻ ناچ ۽ ڳانا هلندا آهن. ٻئي ڏينهن ڄڃ جي روانگي جي تياري هوندي آهي, جنهن ۾ گهوٽ جو پيء مائٽ سڄي برادري ۽ دوستن کي ڄڃ ۾ ساڻ هلڻ لاء چوندا آهن.ڄڃ ۾ دهول ڌماڪا سان نچندا ڪونڏندا ويندا آهن. وڃي ڪنواريتن جي ڇني ۾ پهچندا آهن جتي دعوت سان گڏ ڄاڃين کي لطف انداز ڪرڻ جي لاء ڪجھ پروگرام يا محفل رکي ويندي آهن. گهوٽ ۽ ڪجھ ڄاڃين منڊپ ڏانهن روانا ٿيندا آهن, جتي پنڊت اڳ ۾ ئي سڀئي تياريون ڪيو ويٺو هوندو آهي.گهوٽ ۽ ڪنوار هٿ هٿ ۾ ڏئي اگني (باھ) جي چوڌاري ست ڦيرا ڦرندا آهن جنهن جو مطلب ته هو ايندڙ ستن جنمن  جي ساٿ نڀائڻ جو وچن (واعدو) ڪندا آهن. چونري کان پوء گهوٽ ۽ ڪنوار کي تورڻ مان گذاريو ويندو آهي جتي گهوٽ کان هڪ ننڍڙي ٽاري کي چاقو سان وڍڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. اها چاقو ۽ ڳاڙهو رومال سندس سالي کي ڏنا ويندا آهن. انهن رسمن جي دوران ساليون ۽ سندس سهيليون گهوٽ جا بوٽ لڪائينديون آهن ته جيئن اۡهي خرچي يا تحفا وصول ڪري سگهن. هر مائٽ جي اها ڪوشش هوندي آهي ته هو وڌ کان وڌ پنهنجي ڌي کي ڏاج ڏئي. گهوٽ کي سندس سس جي هٿن جي گيھ ۾ ماٽل ماني کارائي ويندي آهي. جڏهن ڄڃ واپسي گهر ايندي آهي ته گهوٽ جي گهر ۾ ڪجھ رسمون ادا ڪيو وينديون آهن.جنهن ۾ ڏيڱڻ تي گهوٽ ۽ ڪنوار جون بندگيون ڀرائي تورڻ جي اڳيان ٻني جي آرتي اۡتاري, تلڪ لڳائي گهر ۾ ڀليڪار چيو ويندو آهي. انهي کان پوء کير ۾ منڊي ڳولڻ جي راند ڪرائي ويندي آهي, جنهن ۾ جيڪو هارائندو اهو تحفو ۾ ڪجھ ڏيندو آهي. ۽ آخر ۾ چانورن ۽ کارڪن سان ٻڪ ڀرائي جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي, جنهن ۾ سڄي گهر جا ڀاتي ٻڪ ڀرائي پنهنجا تحفا ڏيندا ۽ دعائون ڪندا آشرواد ڏيندا ويندا آهن. گهوٽ ۽ ڪنوار نئي زندگي جي سفر جي شروعات محبت ۽ پيار سان ڪندا آهن..

No comments:

Post a Comment