Saturday 29 February 2020

Ghulam Mustafa Profile - Sindhi

Next time send in MS word and as attachment, do noy send this  again until u r asked
For profile, photo is responsibility of writer
Observe paragraphing
Next time Write ur name etc in the file with text in Urdu and English
pls do not repeat same email many times. This is irresponsibility
Roll No????

 بدين ضلعي ۾ پاڻي تحريڪ جي اڳواڻ طور سڃاڻپ رکندڙ لاڙ جي گهميل مٽي مان چيٽ جي موسم جي آخر بهار جي وڻندڙ  مند ۾ ڏاکڻي پٽي جي نوجوان عبدالغفور چانڊيو
سن 1977 جي مارچ مهيني جي پهرين تاريخ تي ضلعي بدين جي تاريخي شھر  ڪڍڻ ڀرسان  ڳوٺ سونوخان چانڊيو جي غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو  . هن  پرائمري تعليم مسجد اسڪول سونوخان چانڊيو  ۾  پرائي جتان  پنج درجا پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاء  گورنمينٽ هاء اسڪول ڪڍڻ ۾ داخلا ورتي اتان  مئٽرڪ پاس ڪئي ۽  انٽر پڙھڻ لاء اسلاميا ڊگري  ڪاليج بدين ويو. 1996 ڌاري ٻارهن درجا پاس ڪيا  پر مالي طور تي غريب هئڻ ڪري پنهنجي  تعليم اتي ڇڏي روزگار جي تلاش ۾ نڪري پيو ۽ 1997 ۾  صحت کاتي ۾ ڀرتي ٿيو ۽ پوري ايمانداري سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين جنهن سبب اڄ به  صحت کاتي جا مقامي توڙي اعلا عملدار  کيس عزت ڀري نگاه سان ڏسن ٿا. عبدالغفور چانڊيو جي اندر ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جو درد سمايل آھي جنهن ڪري هو هميشه جستجو ۾ رهي ٿو اهوئي سبب هو جو هو سنڌ جي هڪ ظاهري طور قبائلي تنظيم سچوا جون سنڌ دوست سرگرميون ڏسي ان سان سلهاڙجي ويو ۽ اڄ هو سچوا جي مرڪزي عهديدارن ۾ شامل آھي پاڻ سچوا اندر رهي قبائلي سردارن ۽ ڀوتارن جي سخت مخالفت پئي ڪئي آھي ۽ پهريون دفعو سنڌ جي اندر هلندڙ قبائلي جهيڙن خلاف ميڙ منت قافلن    ۾ شامل رهيو. نه صرف اهو پر پنهنجي  علائقي جي مسئلن ۽ ماڻھن جي دردن کي محسوس ڪندي 2002 ۾ صحافت جي پيشي سان لاڳاپجي ويو ۽ 2003 جي خطرناڪ  ٻوڏ ۾ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي مختلف جڳهين تان رپورٽنگ ڪئي ۽ پنهنجا ٻچا ٻار ڪمئپن ۾ ڇڏي پاڻ  صحافت جو ڀرم رکندي پنهنجي ماڻھن جو ڪيس دنيا اڳيان رکيو. 2010 جي درياه بادشاه جي تباهڪارين سب ضلعي سجاول جا سوين دربدر ٿيل پنهنجي ماروئڙ جون ڪئمپون ڪڍڻ جي شھر ۾ قائم ڪري انهن جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ شھري اتحاد ڪڍڻ جي طرفان رات ڏينهن ٻوڏ متاثرين جي ڪئمپن ۾ انهن جي هر قسم جي ديک بحال ۾ پنهنجي شھر واسين سان شانه بشانه رهيو   پير عالي شاه اسٽيڊم ۾ آخر ۾ ٻوڏ متاثرين جي واپسي تي هڪ زبردست تقريب ڪريائين جنهن ۾ انهي وقت جو ڊي سي او بدين آغا واصف عباس شرڪت ڪئي انکانسواء ضلعي جي ٻين آفيسرن به شرڪت ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرين کي ويندي ويندي ڀرپور راشن وٺي ڏنائين  هن  ايل بي اوڊي جي تباهڪارين ۽ سمنڊ جي خشڪي طرف ڪاهي اچڻ واري موضوع ۽ موسمياتي تبديلين فطرت جي تباهي تي لکي پنهنجو ڪيس دنيا اڳيان نروار ڪيو.  2011 جي ٻوڏ دوران به رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجي علائقي جي ڪيس کي هائي لائيٽ ڪيو. مٿان 2017 کان بدين جي اندر پاڻي جي بحران شديد ۽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪئي جيڪي 2019 ۾ انتهائي سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو . بدين ۾ ڪاري ڏڪار واريون حالتون پيدا ٿي پيون بدين جون 5 شگر ملون ڪمند جي پيداوار نه ٿيڻ ڪري اڪثر بند ٿي ويون انسان ته سخت متاثر ٿيا پر پکي جانور پاڻي فڙي لاء ترسڻ لڳا علائقي جا سوين ڳوٺ انهن ۾ رهندڙ رهواسي پنهنجا اجها ڇڏي انهن ۾ اٽڪل 50 هزار رهواسي انهن جا معصوم ٻچڙا عورتون ڳوٺ ڇڏي ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعي جي گهاري سميت وسندي وارن علائقن ۾ وڃي پناه ورتي جنهن تي لطيف جي سرن جا سرجندڙ ڳوٺ جتي مرشد لطيف سرسامونڊي ڪاپائتي ڪارهيل لاکي فلاڻي جي ڪردارن جي جوء شيخاڻي روپاماڙي مولوي حاجي احمد ملاح  ۽ لطيف جي ياد حافظن جيجي گگا جتڻ ۽ عبدالعظيم   جت جي مشھور ڳوٺ بڙ جي ڍوري سميت  سڄي جوء کالي ٿي ويئي  ته عبدالغفور چانڊيو سندس جيء به جهري پيو  پاڻ نه  صرف صحافتي فرض  نڀائيندي پاڻي جي مسئلي کي اخبارن کان ويندي سوشل ميڊيا تائين ڀرپور آواز اٿاريو پر پاڻ سموري مسئلي جي وارثي ڪندي ميدان عمل ۾ اچي رهيل ماڻھن جو ڳوٺن ۾ وڃي انهن کي بيدار ڪيو  ۽ پنهنجي بدين جي باشعور دوستن سان گڏجي جئم خانه      بدين ۾ هڪ گڏجاڻي ۾  بدين بچايو ڪميٽي جو بنياد رکرايو ۽ پاڻ اڪثر بدين ضلعي اندر مضبوط منظم تحريڪ هلائي ڪڍڻ کان 25 ڪلوميٽر پيادل مارچ جي اڳواڻي به پاڻ ڪري هزارين اڃايل ماڻھون   وٺي بدين پيادل پهتو ۽ انکانسواء سڄي ضلعي ۾ پنهنجي باشعور باضمير ساٿين سان گڏ  مظاهرا بک هڙتالون 950 ڪلوميٽر ٽوٽل گڏيل پيادل مارچ ڪيا  مختلف شھرن مان ننڍا وڏا لانگ مارچ ڪڍي انهن اڪثر احتجاجن جي اڳواڻي ڪئي ۽ ڪڍڻ شھر ۾ هڪ مهيني جي پاڻي کوٽ لاء بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري انهي جي اڳواڻي ڪئي ۽ پنهنجي علائقي جو ڀرپور ڪيس دنيا اڳيان رکيو جڏهن ته سندس جيب ۾ نه پئسو هو نه وٽس ڪا گاڏي هئي ٺلهن هٿن ميدان عمل ۾ بيٺو رهيو جيستائين بدين  جي پوڇڙ وارين 3 سب ڊويزنن ڪڍڻ قاضيه ، شادي لارج   سميت سڄي ڦليلي جي لکين ايڪڙ ڪمانڊ جي زمين ۽ انهن  واهن جي پوڇڙين ۾ پاڻي نه پهتو اوستائين پنهنجي ساٿين سان گڏ جستجو ۾ رهيو ۽ بعد ۾ سٺا نتيجا مليا جيڪي ڳوٺ خالي هئا اهي واپس پنهنجي ماڳن تي موٽي آيا  هن وقت به  پاڻ ضلعي بچايو تحريڪ جي مک اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو پاڻ ڪو وڏو زميندار به ناهي سندس زمين جا ب ٻه ٽي ايڪڙ  هوندا پاڻ سدائين سماج جي ڀلي ۽ سنڌ جي خوشحالي جا خواب ڏٺا آھن وڪجڻ ۽ ضمير فروشي کان گهڻو پرڀرو سندس اها خواهش آھي ته اولاد پڙھي لکي سنڌ جي مسڪين پيرن اگهاڙن ماڻھن جي خدمت ڪري اهائي خواهش اٿس الاد جي تعليم پرائڻ بعد هڪ ڊجيٽل لئبريري ۽ هڪ اسڪول پنهنجي خرچ تي هلائڻ جي خواهش رکي ٿو

No comments:

Post a Comment