Tuesday 18 February 2020

JeeJee feature Sindhi BS Referred back 73


Ur topic was important places of Sanghar city, u wrote abt Sanghar district.


Marked yellow is not relevant to the topic. 
Feature is basically meant to entertain, therefore information is provided in interesting manner. It should be reporting based. 
What it is today, we want to know it and write todays Sanghar
Referred back 
file again till Sunday evening
pls observe deadline 
Write ur name in Sindhi in text file  also

JeeJee feature BS-III 2k18 Mc 73 Sindhi.




*سانگهڙ*


سنڌ جي سر زمين پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان دنيا جي چند اهڙن خطن مان هڪ آهي جتي ابتدائي دور کان وٺي آبادي جا اهڃاڻ ملن ٿا. ساڳي طرح ضلعو سانگهڙ به پنهنجي ساوڪ، سونهن، ڀٽن، درياهي آثارن، ڍنڍن، ڍورن، ٻيلن ۽ ميداني علائقن جي ڪري مشهور آهي. جنهن ۾  الله وارن جي آستانن جي سڄي سنڌ ۾ هاڪار آهن. قديم زماني کان هي علائقو نه رڳو زرعي خطو پر مذاحمت سان گڏ علم ۽ ادب جو مرڪز رهيو آهي. عام ماڻهن جي راءِ موجب موجوده دور ۾ سانگهڙ ضلعو پنهنجي حيثيت مڃائي چڪو آهي. مختلف تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته سانگهڙ ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر وارو شهر پهريان هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، سانگهڙ نالي بابت ڪتابن ۾  روايت آهي ته اهو نالو ڳوٺ سنگھار جو بدليل روپ آهي. جيڪو ڳوٺ ميرن جي دور ۾ مهاڻن جو ننڍو ڳوٺ هو ۽ اهو هڪ عورت جو بدليل نالو هو انگريز سنگهار کي '‘sanghar ڪري ڪوٺيو پر ان جو اچار سانگهر ڪندا هئا، پوء ڦري  سانگهڙ ٿي ويو.
هڪ ٻي روايت آهي سانگهڙ تي هي نالو سنگهري سنگهار ڪئنال تان پيو جيڪو ان جي ڀرسان وهي ٿو. هڪ صدي کان اڳ تائين هي هڪ ننڍو ڳوٺ هو جنهن جي آبادي ڪجھ هزار ماڻهو هئي. چارلس نيپئر 1853ع کان پوءِ سنڌ کي ذويزنن ۾ ورهايو ۽ بعد ۾ برطانوي حڪومت ڀارت جي بمبئي حڪومت جوحصو بنايو ويو ۽ ان عرصي دوران سانگهڙ کي تعلقي جو درجو حاصل ڪيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ وري 1954ع ۾ سانگهڙ شهر کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو درجو ڏنو ويو.
انگريزن خلاف وطن يا ڪفن تحريڪ جو مرڪز رهندڙ گڙنگ بنگلو سانگهڙ شهر کان ٿوري پنڌ تي سانگهڙ ميرپورخاص روڊ تي ديھ گڙنگ ۾ موجود آهي گڙنگ بنگلو تاريخي ماڳ آهي ديھ ۾ پير صاحب صبغت الله راشدي سورهيه بادشاھ پنهنجو عظيم الشان بنگلو ٺهرايو. جنهن کي گڙنگ بنگلو سڏيو وڃي ٿو، انگريز سامراج خلاف وطن يا ڪفن جي نالي سان جيڪا حر تحريڪ هلي جنهن ۾ حر گوريلا جنگ لڙي وئي پير صبغت الله راشدي جنگ جو اعلان به اتان ئي ڪيو ان جو مرڪز پڻ گڙنگ بنگلو رهيو جتي پڻ مريدن جا ميڙ لڳا پيا هوندا هئا جتي پاڻ مريدن جون دعوتون وٺندا هئا  15 سيپٽمبر 1930ع تي کيس گڙنگ بنگلي تان ئي گرفتار ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ بند ڪري سندس خلاف ڪيس هلايو ويو ۽ اتي ئي کيس ڦاهي چاڙهيو ڪيو ويو. آزادي جي جنگ جو مرڪز بڻيل گڙنگ بنگلي تي انگريز حڪومت بمباري ڪرائي ان کي کنڊر بنائي ڇڏيو گڙنگ بنگلي ۾ اهي جايون جن کي گهٽ نقصان پهتو انهي جي مرمت ۽ جيڪي جايون مڪمل طور تباھ ٿي ويون اهي ساڳي طرز تي نئين سري فقير اسماعيل مهر، سومر فقير مهر سنگت ۽ حر جماعت جي ڪجھ بين ڌرين سانگهڙ جي اڳوڻي ڊي سي او غلام حيدر مڱريو جي سهڪار سان ٺهرايو ويو آهي گڙنگ بنگلي تي هر سال 4 فيبروري تي تاج پوشي ٿيندي آهي جڏهن ته تاريخي ماڳن سان دلچسپي رکندڙ جو وڏو تعداد هتي گڙنگ بنگلو ڏسڻ اچن ٿا.
سيد صبعت الله شاه ثاني گورنمينٽ ڊگري ڪالج سانگهڙ
هي ڪاليج سنڌ جي بهادر، ارڏي ۽ سدا حيات ڪردار سيعد صبغت الله شاھ ثاني پير پاڳارو جي نالي تي 1962ع  ۾ قائم ٿيو نهايت وڏي ۽ وسيع ايراضي تي ڌار ڌار بلڊنگ تي مشتمل آهي يعني سائنس جي ليبارٽري، ڪيمسٽري ليبارٽري، فزڪس ليبارٽري، لائبريري ۽ ايڊيمينسٽريشن جي لاءِ بلڪل الڳ الڳ بلڊنگ ٺاهيون ويون آهن، ان سان سانگهڙ شهر ۾ ضلعي آفيسرن جون سموريون آفيسون، سول اسپتال، بينظير ڀٽو يونيورسٽي، ڪيترائي سرڪاري ۽ خانگي بوائز توڙي گرلز ڪاليج، اسڪول موجود آهن، خطي جو وڏو ڪاروباري مرڪز پڻ آهي، هن شهر مان نوابشاه، ميرپور خاص، کپرو، جهول، ٽنڊو آدم،  شهداد پور ۽ ٻين شهرن ڏانهن رستا وڃن ٿا هتي سانگهڙ شهر ۾ ٽيڪنيڪل تعليم جا پڻ ادارا قائم ڪيا ويا آهن، سانگهڙ شهر ۾ 3 پريس ڪلب پڻ آهن جتي صحافين جو انگ به ڪم ڪري رهيو آهي. هتي شهر ۾ خوبصورت تفريحي پارڪ به وڏي انگ ۾ موجود آهن شهر جي ڀرپاسي ۾ مشهور ڍنڍ چوٽياريون، ان اڇڙو ٿر ۽ ٻيا تفريحي ماڳ پڻ موجود آهن جنهن جي ڪري سانگهڙ شهر کي سياحت جو مرڪز به چئي سگهجي ٿو جتي تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهو واري ۾ پچايل پلو وڏي شوق سان کائيندا آهن.

No comments:

Post a Comment