Sunday 9 February 2020

Muhammad Sarang Feature Sindhi Revised 97

Revised

شهيد مخدوم بلاول رحه جو ميلو :-

محمد سارنگ
2k18/MC/97

شھيد مخدوم بلاول پاڻ هڪ دور جا دين مفڪر عالم دين بزرگ هئا سندن ذات سمون هئي ۽ سندن مزار شريف دادو ضلعي ۾ واقع آهي مخدوم بلاول جو عرس مبارڪ هر سال 30صفر ۾ ٿيندو آهي جنهن ۾ سندن مريد توڙي عقيدتمند وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا آهن ۔ ميلي ۾ گهوڙن جي ريس ڏاندن جو گوء سميت ملهه ملاکڙو جا مقابلا ڪرايا ويندا آهن۔ شهيد مخدوم بلاول جي سندن دور ۾ مذھبي انتهاپسندي عروج تي ڇانيل هئي پاڻ ان مذهبي انتهاپسندي خلاف ارغونن ۽ ترخانن جي بلاولي تحريڪ ۾ اڳواڻي ڪئي ان دور جي ملن مذهبي آڙ ۾ هڪ انتهاپسندي سازش تحت کين شهيد ڪرايو ويو۔ جيڪو هڪ هي واقعو مشهور آهي جيڪو جتيي ۾ پاڪ نالا لکي بيحرمتي ڪري ان کي گهاڻي ۾ پيڙهيو وڃي جنهن بعد سازشي ٽولي اها حرڪت ڪري مخدوم بلاول کي شهيد ڪرايو ويو۔ شهيد مخدوم بلاول جي جمعي جي ڏينهن سندن پري پري کان مريد حاضري ڀري جمع جي نماز ادا ڪندا آهن ۽ سندن درگاهه ۾ موجود هڪ قدرتي پاڻي جو کوهه آهي جنهن کي شعا وارو کوهه سڏيو ويندو آهي۔ عرس مبارڪ تي نعت خواني سميت تقريرن جا مقابلا ڪرايا ويندا آهن جنهن ۾ ملڪ جا مشهور نعت خوان حصو پڻ وٺندا آهن جنهن ۾ انهن کي مخدوم بلاول جي نالي سان ايوارڊ ڏنا ويندا آهن شهيد مخدوم بلاول جي عرس مبارڪ ۾ سرڪاري سطح تي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي آهي ۽ ڊاڪٽرن طرفان طبعي چڪاس جون ڪيمپ پڻ لڳايون وينديون آهن۔ ميلي ۾ مٺاين جي دڪانن سميت مختلف رانديڪن ۽ جهولن جا سرڪس لڳل هئا جنهن تي ويجهو ڳوٺاڻن ۽ رهواسين جي وڏي رش ڇانيل هئي شهيد مخدوم بلاول جي عرس دوران سڄي درگاهه کي بتين سان سينگاريو ويندو آهي ۽درگاهه جا گول گنبذ پري پري کان چڪمندا نظر ايندا آهن سنڌ جي درگاهن تي پيري مريدي جو اڪثر ميڙاڪو لڳل هوندو آهي پر مخدوم بلال جي درگاهه تي آيل پانڌيڙا چانورن جون ديڳون پڻ لاهيندا آهن جنهن تي هر هڪ آيل پانڌيڙي کي اهو نظرانو ڏنو ويندو آهي ان سان گڏوگڏ عرس جي ٽن جي لڳاتار اتي موجود ڳوٺ ۾ گهرن جو چلهو نه ٻرندو آهي جيڪو ڪجهه ملڻو هوندو آهي اتان جي درگاهه تان ملي ويندو آهي جيڪو هو پنهنجو کائي ايندا آهن سنڌ جي درگاهن منجهان هڪ درگاهه اها مشهور آهي جنهن جي ڪري سنڌ جا مختلف پاسا مخدوم بلال وٽ حاضري ڀري ويندا آهن اها خالي نه موٽندا آهن ادب سان تعلق رکندڙ ماڻهو تمام گهڻا شهيد مخدوم بلاول جو ذڪر ڪندا آهن جو مخدوم بلاول سنڌ جي جدوجهد جو حصو رهيو سندن اڄ ان جو نالو گهڻو مشهور آهي ۽ اڄ هو سڀني جي دلين ۾ شمار ٿئي ٿو۔

Revised 
No paragraphing, no reporting

--------------------.....................----------- 
Plagiarised - Referred back
This is copy paste from following links. pls write from ur own mind.
What is present situation? How it is different from other melas of Sindh, its not abt Makhdoom Bilawal- thats history. its about his Mela. 
Feature is always reporting based. Go thru notes wahts feature and how it is written
Wrong file name 
Do not insert photo in text file
Rewrite and send it again till Saturday Feb 15
https://www.facebook.com/820611814679903/posts/1084774444930304/

http://www.voiceofsindhnews.com/%D8%B7%D8%A7%D8%B1%D9%82-%D8%B9%D8%B2%D9%8A%D8%B2-%D8%B4%D9%8A%D8%AE/

Referred back

شهيد مخدوم بلاول رحه جو ميلو :-
محمد سارنگ پنھور
2K18/MC/97
مخدوم بلاول سمون شهيد رح سنڌ ڌرتيءَ اھرين شخصيتن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جو سر اونچو رکڻ لاءِ پنهنجو سِر قربان ڪيو آهي. اهڙن سپوتن ۾ مخدوم بلاول جو نالو سدائين بلند رهندو. پاڻ سمون هو ۽ ٺٽي جي شاهي خاندان سان سندس شجرو وڃي ٿو ملي. ڊگهو عرصو ٺٽي ۾ رهڻ بعد سندن خاندان ٽلٽيءَ ۽ پوءِ دادو جي باغبان علائقي ۾ وڃي رهائش پذير ٿيو.
علم جي حوالي سان وڏي شهرت رکندڙ هو خاص طور تي تفسير ۽ حديث جو وڏو عالم مڃيو ويندو هو. سنڌ کان علاوه ٻاهر جا عالم پڻ مخدوم صاحب جي علم کان متاثر هئا جيڪي ڪهي اچي ملندا هئس. مخدوم بلاول جي شاگردن جو ڪثير تعداد هوندو هو جن کي ليکڪن ۽ عالمن سندن مريد به چيو آهي. هو وڏي پائي جو عالم هو جيڪڏهن سندن معتقد مرشد ڪوٺيندا هئا ته ان ۾ ڪو عار ناهي. ڪنهن عالم ته مخدوم بلاول بابت لکيو آهي ته ”سنڌ ۾ فقط ٽي شخصيتون آهن جيڪي مرشد جي رتبي تي آهن. مخدوم عثمان مروندي، مخدوم نوح ۽ مخدوم بلاول
مخدوم بلاول جو دور ارغونن جو بڻجي ٿو. سمن جي اثر هيٺ آيل علائقن تي ارغون پنهنجو غلبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر دولهه درياهه خان جا جٿا ارغونن جي اک ۾ ڪنڊا هئا. دولهه درياهه خان جي شهادت کي ڪجهه عرصو ٿي گذريو هو جنهن بعد ارغونن سڄي سنڌ ۾ ظلم ٻاري ڏنو هو. سنڌ جي هر گليءَ هر گام تي قتل عام ئي قتل عام جو قهر مچائي ڏنو هئائون. اهڙي موقعي تي مخدوم بلاول جا قومي ليڪچر جيڪي اسلامي دليلن سان ڀريل هوندا هئا، سنڌي قوم ۾ روح ڦوڪڻ برابر هوندا هئا. افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته اهڙي زماني ۾ اسان جا پنهنجا عذار بڻجي پيا. ڪيترائي اهڙا قبيلا هئا جيڪي سمن جي دشمنيءَ ۾ سنڌ کي نقصان ڏئي رهيا هئا. ارغونن جو ساٿ فقط ان بنياد تي ڏنو ويو هو جو سندن سمن سان مخالفت هئي ان کان علاوه اهڙا گروهه پڻ هئا جيڪي مسلط ٿيندڙ حڪمرانن کان رعايت وٺڻ جي لالچ ۾ پنهنجي قوم جو سودو ڪندا هئا. ارغونن جي راڄ جو چيف جسٽس قاضي قادن هو. پاڻ به سخت مذهبي ذهن جو مالڪ هو پر وڏي عهدي ملڻ سبب سنڌي قوم سان وڏي ۾ وڏي غداري به انهيءَ ڪئي. ارغونن کي چيائين ته ”سنڌي قوم ائين آهي جيئن جهنگلي ڪنڊن واري زمين ۽ اهڙي زمين کي سهڻو بنائڻ لاءِ ڪنڊا صاف ڪرڻا پوندا سنڌي قوم درياهه خان جهڙي جوڌي سان خودمختيار سنڌ ڏٺي هئي جنهن کي پنهنجي دفاعي قوت، حڪمراني، ناڻو ۽ آزادي هئي. جڏهن حمله آور ارغوني فوجون پرامن سنڌ ڌرتي تي قابض تڏهن سنڌي قوم به سخت مقابلا ڪيا. تڏهن دشمن سان گڏ اسان جا پنهنجا به ملي ويا جن غداري ڪري پنهنجي ڌرتي ۽ قوم کي ڌارين حوالي ڪيو ۽ پاڻ به هٿ مهٽيندا رهجي ويا. جنهن قاضي قادن کي ارغونن چيف جسٽس بڻايو هو ان کي به نشانو بڻايائون. سندس خاندان جي ٻچي ٻچي کي ارغوني سپاهين قتل ڪيو ۽ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. اهو ئي قاضي قادن ٺٽي جي گلين ۾ چرين جيان رڙيون ڪندو ڊڪندو رهيو. اهو ئي اهو ماڻهو هو جنهن مخدوم بلاول مٿان ڪوڙي تهمت کي فتويٰ جي آڙ ۾ سزاءِ موت ٻڌائي هئي. قاضي قادن سدائين وڏا عهدا ماڻيا ۽ اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو. هن مختلف دور ڏٺا پر سنڌ تي قابض ٽولن سان حڪومت ۾ ئي رهيو. کيس ڪڏهن به سنڌي قوم تي نه قياس آيو نه رحم آيو. هن لاتعداد موت جون سزائون ٻڌايون متان حڪمرانن کي نرم سزا ٻڌائڻ تي ساڻن وفاداريءَ تي شڪ شبهو پوي. قاضي قادن جي چوڻ تي ارغونن ڪيترن ئي ڳوٺن کي باهيون ڏئي ساڙائي ڇڏيو. مرزا شاهه بيگ جيڪو قهري راڄ قائم ڪيو هو، انهي دهشت ۽ نفرت کانسواءِ ڪجهه به نه ڪمايو. سندس موجودگيءَ ۾ ڪيترائي عالم فاضل جڏهن مخدوم بلاول جي ساراهه ڪرڻ لڳندا هئا ته هن کي اندر ۾ ساڙ ۽ منهن تي مُرڪ تري ايندي هئي. مخدوم صاحب جي رتبي کان هو تڏهن کان ئي واقف هو جڏهن قنڌار ۾ سنڌ مٿان قبضو ڪرڻ جون سازشون سٽيندو هو. ميران محمد جونپوري سنڌ ۾ پنهنجو نظريو بيان ڪري، زبردستي اهو نظام قائم ڪرڻ ٿي چاهيو جيڪو هن ڌرتيءَ جي مزاج جي بنهه ابتڙ هو. صوفي منش مزاج رکندڙ سنڌي ماڻهو امن ۽ محبت کانسواءِ ڪجهه به نه ڏسندو آهي. ميران محمد جونپوري رجعت پرست فلسفو مڙهيو تنهن جي مخالفت ۾ سيد حيدر شاهه سنائيءَ رد عمل ظاهر ڪيو. سن ۾ ان حوالي سان تاريخي ويڙهه به ثبوت طور مثالي آهي جنهن ويڙهه ۾ سن لڳ درياهه ۾ جونپوريءَ جي لشڪر جون ٻيڙيون به ٻوڙائي ڇڏيون هيون ۽ هو پنهنجو سِر بچائي ڪابل وڃي پهتو هو، جتي ڪجهه ڏينهن رهي قنڌار ۾ مرزا شاهه بيگ ارغون سان ملي سنڌ مٿان چڙهائي جون سازشون سٽيون هئائين. سيد حيدر شاهه سنائي جو درياهه خان سان ويجهو لاڳاپو هو ۽ مخدوم بلاول جو وري ٻنهي شخصيتن سان تعلق هو. ٽڪراءُ هن طرح ٿو نظر اچي: مخدوم جونپوريءَ جو مريد قاضي قادن هو جنهن جي سڏ تي جونپوري سنڌ اچي رجعت پرست فلسفو پکيڙيو پئي. ٻئي طرف درياهه خان، حيدر شاهه سنائي ۽ مخدوم بلاول اهڙي رجحان کي رد ڪرڻ لاءِ سنڌي سماج کي پنهنجي اصلي روپ ۾ رهڻ ڏنو. قاضي قادن جو نيٽ ورڪ هڪ جاسوس ۽ سنڌ دشمن پاليسي تي ٻڌل هو جنهن سان ڌارين کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ۾ وڏي مدد ملي. غداري ۽ نفاق جي زهر سنڌ جي خودمختياري ۽ آزاديءَ کي ماري وڌو. قاضي قادن کي انهي ڪردار نڀائڻ کانپوءِ شاهه بيگ ارغون کان ڪيترائي انعام پڻ مليا جيڪي بعد ۾ ارغونن هٿان ئي لٽيا به ويا. شاهه بيگ ارغون جڏهن مخدوم بلاول جي عملي تحريڪ بابت ٻڌو تڏهن پريشان ٿي ويو. هن کي معلوم هو ته نظرياتي نموني تيار ڪيل شاگرد هٿيار کان به خطرناڪ هوندو آهي. ارغون ويڙهاڪ جٿن هر هنڌ غلبو حاصل ڪري ڇڏيو هو پر مخدوم بلاول ۾ هٿ نه وجهي سگهيا هئا. هنن جي خلاف مخدوم صاحب پنهنجا پُراثر خطاب جاري رکندو آيو پئي، جنهن جي رپورٽ قاضي قادن باقاعدگي سان رکيو ويٺو هو. قاضي قادن، ارغونن جي مدد سان ڪيترن ئي مُلن مولوين کي پاڻ سان ملائي ڪيتريون ئي ننڍڙيون ننڍڙيون ٽوليون ٺاهرائي ڇڏيون جن کي ارغونن پاران رعايتون ۽ انعام ڏنا ويندا هئا. ائين غدارن جو ڊگهو سلسلو جڙڻ لڳو هو ائين ڄڻ جسم کي ناسُور ٿيڻ سان زخم وڌندو ويندو آهي ۽ اهو حصو بيڪار بڻجندو ويندو آهي. ان دوران مرزا شاهه بيگ ارغون مري ويو ۽ سندس جڳهه تي شاهه حسن ارغون اچي ويو. انهيءَ اها سازش ڪامياب ڪئي، جنهن ۾ موچيءَ کان جتيءَ جي تري ۾ قرآن پاڪ جو ورق وجهرايو ويو ۽ مخدوم بلاول کي تحفي ۾ ڏئي مٿس اهڙي گستاخي جو الزام مڙهيو ويو. مخدوم صاحب سڄي ڪارروائي ۾ موچيءَ کان فقط اهو پڇيو هو ته ”ڇا مون تنهنجي ٺاهيل جتي پيرن ۾ پاتي؟“ جنهن تي موچي هائوڪار ڪئي ۽ مخدوم صاحب چيو: ”مون خدا جي رضا تي معاملو ڇڏيو.“ مفتين کان اهڙي ڏوهه جي سزا پڇي وئي جنهن تي هنن گهاڻي ۾ پيڙائڻ جو چيو ۽ مخدوم صاحب وراڻيو ”مون کي پيرن کان پيڙايو وڃي ته جيئن پنهنجي هڏين جا آواز ٻڌي سگهان“ هو نيڪ انسان ڌوڪي سان جنهن کي ويرين گهيريو هو. پنهنجن جي سازش جو نشانو بڻيو.
تاريخ جي ورقن ۾ قاضي قادن جهڙا غدار ڀريا پيا آهن جن صدين کان وٺي سنڌ سان غداري ڪئي ورهين کان وٺي اهو سلسلو هلندو پيو اچي ۽ انهن جا پوئلڳ اڄ به اسان جي وچ ۾ هوندا.
شهيد مخدوم بلاول جو ميلو هر سال عرس مبارڪ جي 30هين تاريخ جي سفر واري مهيني ۾ ملهايو ويندو  جيڪو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو آهي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيڻ لاءِ ايندا آهن، عرس مبارڪ ۾ ثقافتي راند ملهه ملاکڙو سميت ڪيترائي رنگ نکرجي ايندا آهن.

No comments:

Post a Comment