Showing posts with label 110. Show all posts
Showing posts with label 110. Show all posts

Tuesday, 11 February 2020

Musawir Chandio, Sindhi, Feature Referred back 110

It was referred back and u again send same matter 


                      ريشم گلي بازار حيدرآباد

 ريشم بازار ياريشم گلي حيدرآباد جي انتهائي پراڻي، مشهور ۽ مصروف بازار ۽ خريداريءَ جو اهم مرڪز آهي. ريشم گلي، ڪوهه نورسئنيما چؤنڪ کان صرافه مارڪيٽ، سري گھاٽ ۽ شاهي بازار تائين پکڙيل آهي.ريشم گليءَ ۾ ضرورت جي هر شيءِ جا دڪان، اسٽور ۽ گاڏا لاتعداد موجود آهن،جن تان ماڻهو خريداري ڪري سگھن ٿا. سڄي سنڌ جون عورتون توڙي مرد شادين، مرادين، عيد برات يا ٻين موقعن جي خريداريءَ لاءِ ريشم گليءَ ۾ اچن ٿا. 
هن بازار جو بنياد ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان به اڳ پيو، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي دڪانن جون سلسلو وڌندو ويو. ان وقت ريشم جي خريدوفروخت سبب هن بازارتي ريشم بازار نالو پيو، هن وقت ان کي ريشم گلي گھٽي سڏين ٿا، جيڪا شهر ۾ خريداريءَ جو اهم مرڪز بڻجي وئي آهي. عيد برات جي موقعن تي هتي خريدارن جي رش پيهه حد کان وڌي وڃي ٿي. ريشم گليءَ ۾ ڪپڙي، زيورن، چوڙين ۽ سونارن جا سوين دڪان آهن. هتي هر طرح جي سون جا زيور به دستياب آهن. زندگيءَ جا ستر سال ريشم گلي ۽ صرافه مارڪيٽ ۾ سون وڪڻي گذاريندڙ هڪ ڪاٺياواڙي سوناري جي ڏنل ڄاڻ موجب ريشم گليءَ ۾ ڪروڙن تائين روزانو سون جو واپار ٿئي ٿو، پراڻي دور جا سنڌي گھراڻا، خاص طور تي وڏيرا پنهنجون عورتون ريشم گليءَ ۾ سون وٺڻ لاءِ وٺي ايندا هئا، جيڪي پنهنجي پسند موجب سون خريد ڪنديون هيون، انهن گھراڻن جون عورتون گھڻو ڪري ڳريون قيمتي سنڌي دهريون ۽ سنڌي پازيب شوق سان وٺنديون هيون. سونارن موجب سنڌي عورتون اڃا به دهريون خريد ڪرڻ لاءِ اچن ٿيون، پر انهن جو تعداد هاڻي گھٽجي ويو آهي ۽ هن وقت عورتون هلڪا زيور ٺهرائين ٿيون. 
325 words only while 600 plus words are required
Not reporting based. Talk to related people, get some interesting quotes from them
 NO current reference or information. This thing had been written 10 years back
basic purpose of feature is to entertain, so give information in interesting manner.
Pls mind it writing pieces carries marks, just filing a piece will not do, it should have some standard, we will be publishing it in Roshni
Referred back. file again till Sunday Feb 16 evening

                                     ريشم گلي بازار حيدرآباد
Musawir Chandio/110/Sindhi/Feature
 ريشم بازار ياريشم گلي حيدرآباد جي انتهائي پراڻي، مشهور ۽ مصروف بازار ۽ خريداريءَ جو اهم مرڪز آهي. ريشم گلي، ڪوهه نورسئنيما چؤنڪ کان صرافه مارڪيٽ، سري گھاٽ ۽ شاهي بازار تائين پکڙيل آهي.ريشم گليءَ ۾ ضرورت جي هر شيءِ جا دڪان، اسٽور ۽ گاڏا لاتعداد موجود آهن،جن تان ماڻهو خريداري ڪري سگھن ٿا. سڄي سنڌ جون عورتون توڙي مرد شادين، مرادين، عيد برات يا ٻين موقعن جي خريداريءَ لاءِ ريشم گليءَ ۾ اچن ٿا.
هن بازار جو بنياد ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان به اڳ پيو، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي دڪانن جون سلسلو وڌندو ويو. ان وقت ريشم جي خريدوفروخت سبب هن بازارتي ريشم بازار نالو پيو، هن وقت ان کي ريشم گلي گھٽي سڏين ٿا، جيڪا شهر ۾ خريداريءَ جو اهم مرڪز بڻجي وئي آهي. عيد برات جي موقعن تي هتي خريدارن جي رش پيهه حد کان وڌي وڃي ٿي. ريشم گليءَ ۾ ڪپڙي، زيورن، چوڙين ۽ سونارن جا سوين دڪان آهن. هتي هر طرح جي سون جا زيور به دستياب آهن. زندگيءَ جا ستر سال ريشم گلي ۽ صرافه مارڪيٽ ۾ سون وڪڻي گذاريندڙ هڪ ڪاٺياواڙي سوناري جي ڏنل ڄاڻ موجب ريشم گليءَ ۾ ڪروڙن تائين روزانو سون جو واپار ٿئي ٿو، پراڻي دور جا سنڌي گھراڻا، خاص طور تي وڏيرا پنهنجون عورتون ريشم گليءَ ۾ سون وٺڻ لاءِ وٺي ايندا هئا، جيڪي پنهنجي پسند موجب سون خريد ڪنديون هيون، انهن گھراڻن جون عورتون گھڻو ڪري ڳريون قيمتي سنڌي دهريون ۽ سنڌي پازيب شوق سان وٺنديون هيون. سونارن موجب سنڌي عورتون اڃا به دهريون خريد ڪرڻ لاءِ اچن ٿيون، پر انهن جو تعداد هاڻي گھٽجي ويو آهي ۽ هن وقت عورتون هلڪا زيور ٺهرائين ٿي
ريشم گليءَ ۾ چؤ طرف کاڌي پيتي جي شين، ٿانون ۽ رانديڪن ۽ ٻين شين جا ريڙها به بيٺل هوندا آهن، جتان ماڻهو ايندي ويندي شوق سان خريداري ڪندا رهن ٿا. ماڻهو هڪٻئي کي تحفا ڏيڻ لاءِ گل ۽ ٻيو سامان به ريشم گليءَ مان خريد ڪن ٿا،ريشم گلي حيدرآباد جي سڀ کان مشهوربازار آهي.

Sunday, 26 January 2020

Article- Musawir Chandio Roll 110-Sindhi

What aspect angle, perspective of Social Media? 
Make it as tt was approved
 fisrt two paragraphs are irrelevant
Subject line not proper

Musawir Chandio,110,Sindhi, Article
     سوشل ميڊيا   

انسان جي اندر ۾ ماضي کان وٺي ئي ٻين انسانن سان تعلق رکڻ هڪ فطري عمل آهي ۽ هر انسان پنهنجي نظريعي پنهنجي خيالات کي ٻين انسانن تائين پهچائڻ چاهيندو آهي .انهي فطري عمل جي ڪري ئي انساني ٻوليون وجون ۾ آيون ۽ لکڻ ۽ پڙهڻ جو علم بہ انهي فطري عمل جي ڪري وجود ۾ آيو .اڳتي هلي ڪري جڏهن انسان مهذب ٿيو تڏهن هن ان عمل  بهتر ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ڪنهن شخص يورپ جي مشهور فلاسافر پروفيسر جوڊ کان انسان جي مهذب هجڻ جي وصف پڇي تہ ان تمام سهڻن لفظن ۾ ان کي جواب ڏنو تہ سهڻن ۽ خوبصورت شين جي تعمير خيال جي آزادي نين شين جي ڳولا جو ذوق ۽ شوق پاڻ ۾ گڏجي زندگي گذارڻ جي اصولن تي عمل ڪن اهو انسان جو مهذب هجڻ آهي مطلب تہ نواڻ آڻن انسان جي فطرت ۾ سمايل هڪ جز آهي ايئن ئي انسانن هڪ ٻئي کي خط لکڻ شروع ڪيا ۽ پاڻ ۾ ڪيل رابطي کي مضبوط ڪيو پر اڳتي هلي معلومات کي عام ڪرڻ لاء انسانن کي ٻين ايجادن جي ضرورت پئي ۽ انسان پٿر جي ڪتبن تي لکڻ شروع ڪيو دنيا ۾ سڀ کان پراڻا ڪتب اسان کي دنيا جي پهرين تهذيب بابل ۾ ملن ٿا بابل جي تهذيب انسانن جي سڀ کان پهرين تهذيب آهي جيڪا اڄ کان 5000 سال پهريان فرات ندي تي قائم هئي ان تهذيب ۾ آسان کي سڄي شهر جي مک چوراهن تي پٿر تي سنگتراشي ٿيل ڪتبا مليا آهن جن تي ان زماني جي بادشاه جا حڪم ۽ قانون موجود آهن .ان مان صاف شاهدي ملي ٿي تہ دنيا ۾ ڪهڙي طرح سان انسانن پنهنجو پيغام ٻين تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا جو سهارو ورتوهاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ ميڊيا اسان ڇا کي چوندا آهيون ميڊيا جي وصف آهي .تہ ڪائي بہ معلومات يا ڊيٽا اسان ڪنهن مخصوص اوزارن جي ذريعي ٻين تائين پهچائون مطلب تہ ميڊيا جو لفظ خاص ڪونہ آهي پر هي لفظ عام آهي ۽ هر دور ۾ ميڊيا رهي آهي پر هن پنهنجا اوزاروقت ۽ حالتن آڌار بهتري آڻي تبديل ڪيا آهن .۽ سوشل ميڊيا جي وصف هي آهي تہ هي هڪ سماجي تعلقات جي ميڊيا آهي .اڄ ڪالہ دنيا ۾ 3 وڏن قسمن جون ميڊيائون موجود آهن
1 پرنٽ ميڊيا 2 اليڪٽرانڪ ميڊيا 3 سوشل ميڊيا پر هن
وقت سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا جو زور شور لڳو پيو آهي ۽ هر طرف فيس بوڪ ۽ ٽيوٽر جي يلگار لڳي پئي آهي هن ۾ دوستي تبصرا تجزيا ڇا نہ آهي مطلب تہ انساني زندگي ۾ هڪ نئون ڪلچر ايجاد ٿي چڪو آهي .موجوده سوشل ميڊيا سالن جي ميڊيا تي ڪيل محنت جو نتيجو آهي پهريان ڪنهن دور ۾ اخبارن ۽ رسالن مطلب پرنٽ ميڊيا جو تمام وڏو عروج هوندو هيو پر پوء اليڪٽرانڪ ميڊيا بہ پنهنجي جاء ٺاهي پر هاڻي ان جي جاء تي سوشل ميڊيا اچي وئي آهي .موجوده سوشل ميڊيا ۾ جدت ۽ نواڻ تڏهن آئي جڏهن آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي جي هڪ شاگرد مارڪ زوڪربرگ فيبروري 2004 ۾ پنهنجي روم ميٽ ۽ يونيورسٽي جي شاگردن جي مدد سان فيس پوڪ ايجاد ڪيو پهريان فيس بوڪ صرف يونيورسٽي جي شاگردن تائين محدود هيو ۽ صرف انهن کي ئي ميمبر شپ ڏني ويندي هئي پر بعد ۾ ٻين يونيورسٽين ۽ اسڪولن لاء ان کي کوليو ويو ڏسندي ئي ڏسندي لکين شاگردن ان سائٽ جا ميمبر بڻيا ۽ هن وقت هي دنيا جي سڀ کان وڏي سوشل ميڊيا سائٽ بڻجي چڪي آهي آمريڪا جي آبادي جي 41.6 سيڪڙو ماڻهن کي فيس بوڪ اڪائونٽ آهي ۽ سموري دنيا ۾ فيس بوڪ استعمال ڪندڙ ماڻهن جو تعداد هڪ ارب آهي جن ۾ 50 ڪروڙ ماڻهون فيس بوڪ کي موبائل تي استعمال ڪن ٿا.دنيا ۾ سوشل ميڊيا جي ٻئي وڏي سائٽ ٽويٽر آهي جنهن کي مارچ 2006 ۾ آمريڪا جي ويب ڊوليپر جيڪ ڊورسي وجود ۾ آڻيو هن وقت دنيا ۾ 50 ڪروڙ ٽويٽر جا يوزر آهن ۽ 30 ڪروڙ 40 لک ٽويٽس ميسيج هڪ ڏينهن ۾ ٿيندا آهن ٽوٽس جو مطلب آهن 140 اکر ٽويٽر ۾ توهان 140 اکرن تي مشتمل ميسيج ڏئي سگھو ٿا.سوشل ميڊيا ۾ تمام گھڻي ڪشش ۽ جدت آهي ۽ هي ميڊيا هر شخص کي پنهنجي خيالات کي شيئر ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي جنهن ۾ ڪائي بہ ڪنهن تي پابندي ڪو نہ آهي .هاڻي ماڻهن جي ذهني اوسر ۽ شعور ۾ ڪافي اضافو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اهي الميا اهي ڳالهيون پهريان جيڪي ظاهر ڪونہ ٿيندا هئا اهي بہ هر ڪنهن جي نظر ۾ اچن پيا سوشل ميڊيا هر قسم جي رياستي ۽ عالمي دٻاء کان پاڪ آهي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي حڪومت سنسرشپ لاڳو ڪري ۽ ٻين قانوني طريقن سان دٻاء وجھي سگھي ٿي پر سوشل ميڊيا ان کان بہ آجي آهي .انهيء جي ڪري اها اڄ ڪالہ سڄي دنيا ۾ وندر تفريح معلومات شعور ۽ ڪميونيڪيشن جو سبب ٻڻجي چڪي آهي .۽ ماڻهون سڄي دنيا ۾ پنهنجا خيالات ۽ معلومات ٻين تائين شيئر ڪري رهيا آهن عرب ملڪن ۾ تہ سوشل ميڊيا انقلابي ڪردار ادا ڪري چڪي آهي .پر دنيا ۾ جتي هن وقت سوشل ميڊيا غريب محڪوم ۽ مظلوم قومن جي ترجمان آهي اتي هن وقت سنڌي بہ ڪنهن کان پوئتي ڪونہ آهن ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ذيادتين ناانصافين تي وڏي پيماني تي سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيا آهن ۽ عام ماڻهن ۾ وڌ کان وڌ شعور آڻڻ جي ڪوشش جاري آهي .هن وقت سنڌ جي اسڪولن ڪاليجن تعليم ادب آرٽ سماجيات ۽ هر شعبي تي فيس بوڪ تي هزارين پيج ۽ گروپ بڻجي چڪا آهن ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا بہ فيس بوڪ تي اچي ويون آهن .هن وقت فيس بوڪ تي 4 ڪروڙ 20 لک پيجز آهن ۽ فيس بوڪ گروپ جي تعداد 5 ڪروڙ 20 لک آهي ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي هن وقت جتي سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا تبديلي ۽ انقلاب جي اهڃاڻ سمجھي ٿي وڃي اتي مون کي مستقبل ۾ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ اميد جو ڪرڻو نظر اچي رهيو آهي .هن وقت پاڪستان ۾ 75 لک 88 هزار فيس بوڪ استعمال ڪندڙ آهن جيڪي پاڪستان جي آبادي جو 4.2 سيڪڙو آهن .پر ان ۾ گھٻرائڻ جي ڪا ڳالہ ڪونہ آهي پاڪستان ۾ وڏي تيزي سان سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي .۽ مستقبل اڃا وڌيڪ روشن آهي پر ضرورت ان ڳالہ جي آهي تہ اسان سڀ سوشل ميڊيا کي تعميري ۽ اخلاقيات لاء ڪتب آڻيون.۽ سوشل ميڊيا کي شعور تعليم ۽ معلومات جو وڌ کان وڌ ذريعو بڻايون .هن وقت اسان سوشل ميڊيا تي سنڌي ادب کي اڳتي وڌائي سگھون ٿا معاشري ۾ اصلاح آڻي سگھون ٿا ۽ سنڌ جو ڪيس بہ اسان وڙهي سگھون ٿا تہ پوء ڇو نہ اسان سوشل ميڊيا کي معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين ڏاڊ تشدد جي خلاف استعمال ڪيون مون کي اميد آهي تہ اهو فرض اسان ضرور پورو ڪنداسين جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي سوشل ميڊيا جو ماضي بهترين حال زبردست ۽ مستقبل تمام روشن آهي .